ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪيمبرج جا ڏينهن

Editorial-Article- Rauf Nizamani

امرتا سين لنڊن اسڪول آف ايڪانامڪس ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ وڃڻ چاهيو ٿي. سندس پي جنهن پاڻ انگلينڊ ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي کيس چيو ته هو ٽن سالن تائين سندس تعليم جو خرچ ڏيئي سگھي ٿو. کيس سندس هڪ استاد پاران اها صلاح ڏني ويئي ته بجائي لنڊن اسڪول آف ايڪانامڪس جي هو ڪيمبرج وڃي جيڪو سندس لاءِ وڌيڪ فائديمند ثابت ٿيندو. هن ڪيمبرج جي ڪاليجن کي ڏسندي انهن مان ٽرينٽي ڪاليج جي چونڊ ڪئي ۽ کيس ڪجهھ ڪوشش کانپوءِ اتي داخلا به ملي ويو.
هتي پهرين هو پنهنجي هڪ دوست سان رهيو. اتي گھر جي مالڪياڻي جو چوڻ هو ته هڪ ماڻهو جي تڙ ڪرڻ جي گرم پاڻي تي هڪ شيلنگ خرچ اچي ٿو. هن کيس چيو ته اهو هو ڏيندو. جتي يونيورسٽي پاران سندس رهائش جو بندوبست ڪيو ويو هو اتي گھر جي مالڪياڻي جو چوڻ هو ته هو ڪنهن رنگدار ماڻهو کي نه رهائيندي. ان تي کيس يونيورسٽي پاران ڌمڪي ڏني ويئي ته جيڪڏهين اهڙي ڳالهه آهي ته پوءِ اهي سندس نالو ئي يونيورسٽي جي ان فهرست مان خارج ٿا ڪن جنهن کان پوءِ هن پنهنجو اهو اعتراض واپس ورتو. اها عورت پوءِ ليکڪ کان اهو پڇندي هئي ته هو جڏهين تڙ ڪري ٿو ته ڇا سندس بدن مان رنگ نڪري ٿو. هن کيس چيو ته نه اهڙي ڪا ڳالهه ناهي. پوءِ ان عورت سان سندس ناتا نهايت خوشگوار ٿي ويا ۽ هو اهو گھر ڇڏڻ کان چاليهه سال پوءِ به ان عورت کي ساريندو ان گھر تي پهتو پر تيسين هو اتان وڃي چڪي هئي.
اتي ڪيمبريج ۾ سندس گھڻن ملڪن جي شاگردن سان ملاقات ٿي جن ۾ ڊاڪٽر محبوب الحق به شامل هو جيڪو اتي ڪنگز ڪاليج جو شاگرد هو. ان وقت اتي پاڪستان ۽ ڀارت جي شاگردن جي ڪا ڌار سوسائٽي وغيره نه هئي پر ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جي شاگردن گڏجي مجلس جي نالي سان هڪ تنظيم قائم ڪئي هئي جيڪا پنهنجا مختلف پروگرام وغيره ڪندي هئي. ڪلڪتي ۾ ليکڪ پنهنجي حلقي ۾ کاٻي ڌر بلڪ هڪ مارڪسٽ شاگرد طور ڄاتو ويندو هو. ڪيمبريج ۾ کاٻي ڌر جي شاگردن جو هڪ سوشلسٽ ڪلب هوندو هو جنهن کي سندس هتي اچڻ کان اڳ ئي ڪلڪتي مان اهو اطلاع ملي ويو هو. ان سان گڏ ليکڪ لبرل ۽ ڪنزرويٽو پارٽين جي ڪلبن ۾ پڻ شامل ٿيو جتي نظرياتي ۽ سياسي بحث مباحثا وغيره ٿيندا هئا. ليبر ڪلب جو اهو اصول هو ته جيڪو سوشلسٽ ڪلب جو رڪن آهي ان کي رڪن نه ڪيو ويندو. ان ڪري هو ان ڪلب جي بحث مباحثن ۾ ٽڪيٽ وٺي شريڪ ٿيندو هو. ڪيمبرج ۾ Apostles جي نالي سان هڪ سوسائٽي هوندي هئي جنهن جو گھڻو ذڪر ٿيندو هو. اها هڪ پراڻي سوسائٽي هئي جيڪا 1820 ۾ قائم ٿي هئي. ان جا معاملا لڪل نموني هلايا ويندا هئا. هڪ وقت ۾ ان جا ٻارنهن کان وڌيڪ ميمبر نه هوندا هئا. رٽائر ٿيڻ تي اهي Angels ٿي ويندا هئا مطلب ته انهن کي پر نڪري ايندا هئا ۽ اهي سڄي عمر لاءِ سوسائٽي جا رڪن هوندا هئا. ان ڪلب جي ميمبرن ۾ وڏا فلاسافر، سائنسدان ۽ تاريخدان وغيره جهڙوڪ برٽرنڊ رسل، فرينڪ رامسي، مينارڊ ڪينز ۽ رچرڊ بريٿويٽ وغيره شامل هئا. گھڻا ان ۾ ٺهڪي نه سگھندا هئا. ليکڪ جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ ان سوسائتي جا اڪثر ميمبر سوشلسٽ خيالن جا هئا پر ان تي سوويت يونين لاءِ جاسوسي ڪرڻ جا وقت بوقت جيڪي الزام لڳا اهي صحيح نه هئا.
1960 جي ڏهاڪي جي شروع ۾ کيس دهلي اسڪول آف ايڪانامڪس مان آڇ ٿي. هن ان کي قبوليندي اوڏانهن وڃڻ جو فيصلو ڪيو. ڀارت ويندي هو پاڪستان ۾ ترسيو ۽ اتي لاهور ۾ پنهنجي دوست عارف افتخار سان مليو ۽ پوءِ ڪراچي ۾ محبوب الحق ۽ سندس زال بني سان مليو. ان جي باوجود ته محبوب ان وقت پلاننگ ڪميشن جو اڳواڻ ۽ پوءِ خزاني جو وزير به ٿيو پر کيس لڳو ته هو فرسٽريٽيڊ هو. هن ان ڳالهه جي وضاحت ڪئي ته پاڪستان جي رٿابندي جي عمل کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪندي هن ڇا پرايو هو. چڱيون شيون ٿي سگھيون ٿي پر سياست جي تنگ نظري ۽ موجوده جاگيرداري ڍانچو اهڙيون رڪاوٽون هيون جن کي ختم ڪرڻ ڏکيو هو. جيئن ڪراچي جو طلسماتي سج لٿو تيئن محبوب جو آواز هڪ گهري باغي جذبي سان گڏيل تجزئي سان بلند ٿي ٿيو. کيس اها ڄاڻ هئي ته پاڪستان جي پراڻن مسئلن کي ڪيئن منهن ڏجي پر کيس هڪ مختلف بنياد گھربل هئي جتان هو اهو ڪم ڪري سگھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button