شوبز

عاليا ۽ رنوير جي راڪي اور راني ڪي پريم ڪهاڻي ڇائنجي وئي

بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ ۽ رنوير سنگهه جي فلم راڪي اور راني ڪي پريم ڪهاڻي رليز ٿيندي ئي ڪمائي ۾ ڇائنجي وئي آهي. ميڊيا مطابق فلم پهرين ٻن ڏينهن ۾ 27 ڪروڙ 15 لک جو بزنس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي، جنهن سبب تجزيي نگارن فلم لاءِ مثبت رايا ڏنا آهن. باڪس آفيس جي رپورٽ موجب فلم پهرين ڏينهن 11 ڪروڙ 10 لک ۽ ٻئي ڏينهن 16 ڪروڙ 5 لک جو بزنس ڪيو آهي. جڏهن تھ عالمي طور پڻ بهتر بزنس ڪيو آهي. تجزيي بگارن موجب ڪرن جوهر جي هدايتڪاري ۾ ٺهيل فلم جو بزنس ايندڙ ڏينهن ۾ اڃا وڌڻ جو امڪان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button