ملڪ جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ته مارجي ويلن جو انگ 40 ۽ زخمي ٿيلن جو تعداد 90 آهي پر سوشل ميڊيا ۽ مقامي صحافين جي پاران جاري ڪيل معلومات مطابق فوتين ۽ زخمين جو تعداد اڃان ڪجهه وڌيڪ آهي. جڏهن ته چار درجن انسانن جو اجل جي ٻانهن ۾ هليو وڃڻ ۽ هڪ سئو کان وڌيڪ انسانن جو زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ هجڻ به ڪا معمولي ڳالهه ته ناهي. پر اسان کي افسوس سان ئي سهي پر اهو تسليم ڪرڻو ٿو پوي ته اسان جو ملڪ دهشتگرديءَ ۽ بم ڌماڪن جي جنهن رستي مان گذريو آهي، ان ۾ اهو سڀ ڪجهه ڄڻ ته هڪ معمول بڻجي ويو هو. ايتري شديد رتوڇاڻ ۽ انسانن جي سڙندڙ ماس مان اٿندڙ دونهون هڪ دور لاءِ “گيس چيمبر” کان گهٽ نه هو. پر ان وقت سياستدان ۽ سرڪار اهو عذر پيش ڪندا هئا ته جڏهن افغانستان ۾ امن ايندو پر پاڪ افغان بارڊر تي وري ٻيهر امن جا انجيرگل ۽ محبتن جا گلاب مهڪندا.
اهو عظيم الميو آهي ته هن وقت افغانستان ۾ وڏي حد تائين امن اچي ويو آهي ۽ پاڪستان ۾ دفن ٿيل دهشتگرديءَ وري ڪنهن پراسرار ۽ نامعلوم تابوت مان نڪري آئي آهي.
اها صرف هڪ دعويٰ ناهي پر اها عالم آشڪار حقيقت آهي ته افغان امن ۾ پاڪستان جو تمام وڏو بنيادي ڪردار آهي. پر افسوس ته پاڪستان جي مدد سان اقتدار ۾ آيل افغانستان جي طالبان حڪومت پاڪستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪو به قابل ذڪر ڪردار ادا نه ٿي ڪري. ان اشو تي پاڪستان هر سطح تي احتجاج به ڪيا آهن ۽ طالبان حڪومت کان مطالبا به ڪيا آهن ته انهن جي ڌرتي پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ نه گهرجي.
دهشتگردي منڍ کان وٺي سياست سان سلهاڙيل رهي آهي. هر ڌماڪي جي پويان ڪنهن نه ڪنهن ملڪي ۽ غيرملڪي ڌر جو ڪو نه ڪو مفاد يا ڪو نه ڪو انتقام ثابت ٿيندو رهيو آهي. ان حوالي سان اسان دهشتگرديءَ کي ملڪي ۽ علائقائي ته ڇا پر عالمي سياسي منظرنامي کان الڳ ٿلڳ ڪري پيش نه ٿا ڪري سگهون. ان ڪري هاڻي سرڪاري اهلڪارن ۽ وزيرن مشيرن جا اهي بيان ڪنهن به اهميت جا مالڪ نه رهيا آهن، جن ۾ پهرين به چيو ويندو ۽ هاڻي به ورجايو وڃي ٿو ته مٺ جيترا دهشتگرد ڪڏهن به حڪومت کي جهڪائي نه ٿا سگهن ۽ انهن کي جلد قابو ڪري انهن سان قانوني سلوڪ ڪيو ويندو. هن وقت تائين ته ان قسم جي دعويٰ جي حق ۾ ڪو عملي دليل سامهون نه آيو آهي.
پاڪستان ۾ هن وقت جيڪا دهشتگرديءَ جي لهر نئين سر رت جي ٻوڏ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ هن وقت جيڪو خوف ۽ جيڪو هراس پيدا ڪرڻ لاءِ جيڪي حملا گولين ۽ ڌماڪن جي صورت ۾ ٿي رهيا آهن، انهن جو ملڪي ۽ خاص طور تي علائقي سياست سان تمام گهرو تعلق آهي. ان ڪري اسان کي گذريل ڏينهن باجوڙ ۾ ٿيل ڌماڪي جو ڪو نه ڪو تعلق چين جي نائب وزيراعظم جي پاڪستاني دوري سان سمجهه ۾ ايندو. پاڪستان ڪافي وقت کان وٺي معاشي بحران جي ور چڙهيل ملڪ آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان جي حوالي سان جيڪي اقتصادي مشڪلاتن جا اطلاع هئا، انهن جا بنياد به هئا ۽ انهن جو رشتو هتان کان ٿيندو آءِ ايم ايف تائين پئي پهتو.
اسان کي اهو به معلوم آهي ته ڪجهه مخصوص سببن جي ڪري چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ “سي پيڪ” جي سلسلي ۾ سردمهري واري صورتحال به پيدا ٿي هئي پر هن ڀيري چيو اهو پئي ويو ته چين جو نائب وزير اعظم پاڪ چين تعلقاتن ۾ ڄمي ويل برف پگهرائڻ آيو آهي. اهوئي سبب آهي ته چين جي نائب وزير اعظم جي آمد تمام گهڻي جوش خروش سان ڪئي وئي پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته جنهن ڏينهن چين جو نائب وزير اعظم چين جي صدر جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي گاديءَ واري شهر ۾ پهتو، ان ڏينهن باجوڙ ۾ ڌماڪو ڪري پاڪستان ۽ چين جي نئين سر مضبوط ٿيندڙ تعلقاتن کي جهڙوڪه چيلينج ڪيو ويو پر اسان کي چين جي باري ۾ اها پڪي پروڙ آهي ته چين ڪڏهن به پنهنجا منصوبا ان قسم جي ڪاررواين سبب اڳتي پٺتي نه ڪندو آهي. چين پنهنجي منصوبن مٿان چپ چپات عمل پيرا رهندو آهي ۽ چين جي حيرتناڪ ترقيءَ جو هڪ سبب هن جي اها پاليسي به آهي ته هو ڪنهن به طرف کان ٿيندڙ ڪنهن به قسم جي ڪاررواين سبب پنهنجي ڌيان کي دهشت جو شڪار ٿيڻ نه ڏيندو آهي. ان حوالي سان اهو سمجهڻ گهرجي ته باجوڙ ڌماڪو چين جي پلان کي ڪمزور ڪرڻ بدران ڪجهه وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو ڪارڻ ٿيندو. ڇو ته چين پنهنجي منصوبن جي تڪميل جي سلسلي ۾ سخت جان ملڪ رهيو آهي. هن ڀيري به چين جي وزير اعظم جو دورو پنهنجا مجموعي مقصد حاصل ڪرڻ کان هڪ انچ به نه هٽندو پر ان منصوبي کي متاثر ڪرڻ لاءِ پنجاهه کان وڌيڪ انسانن جو قتلام ۽ هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهن جي زخمي ڪرڻ واري ڪارروائي پوري دنيا لاءِ قابل مذمت هجڻ گهرجي. ڇو ته سياسي مقصدن جي لاءِ عام انسانن جي رت وهائڻ جو حق ڪنهن به پارٽي، ڪنهن به قوم ۽ ڪنهن به ملڪ کي ناهي.
عالمي سطح تي ملڪن جون پنهنجيون مجبوريون هونديون آهن، ان ڪري هو ڪنهن به واقعي جا مڪمل تفصيل پيش ڪرڻ ۽ انهن جا سبب ٻڌائڻ کان پاسو ڪندا آهن پر باجوڙ ڌماڪي جا جوابدار اهي ئي ٿي سگهن ٿا، جن کي هن وقت چين جي نائب وزير اعظم جو پاڪستاني دورو پسند نه هو. جڏهن ته اسان کي اهو به معلوم آهي ته چين جو نائب وزير اعظم پاڪستان ۾ صرف چڪر هڻڻ ۽ پاڪستان جي سرڪاري هم منصبن سان تصويرون ڪڍرائڻ نه آيو آهي. هن جو اچڻ سي پيڪ منصوبي ۾ ٻيهر ساهه وجهڻ واري ڪوشش جو حصو آهي. جيڪڏهن ماضيءَ ۾ اهو منصوبو شروع ڪيو هو ته اهو چين شروع ڪيو هو. جيڪڏهن ويجهي ماضيءَ ۾ ان منصوبي کي ڪجهه ڍر ڏني وئي هئي ته اها به چين جي پاران ڏني وئي هئي ۽ جيڪڏهن هاڻي ان جي رفتار کي تيز ڪرڻ جو خيال عمل ۾ آندو ويندو ته اهو به چين جي پاران ئي آندو ويندو. ڇو ته چين نه صرف هن خطي پر عالمي سطح تي معاشي طاقت آهي. چين جي ان سگهه سبب انڊيا کان وٺي آمريڪا تائين ڪيترائي ملڪ سخت تشويش جو شڪار آهن. ان حد تائين جو يورپ جا ملڪ به ان سلسلي ۾ ورهائجي ويا آهن ته انهن جو چين سان تعلق ڪهڙو ۽ ڪيترو هجڻ گهرجي؟
چين پنهنجي مخصوص انداز سان پنهنجا ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مشغول آهي پر چين جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهڻ لاءِ باجوڙ ۾ ايترا گهڻا لاش ڪيرائڻ ۽ هڪ سئو کان وڌيڪ انسان زخمي ڪرڻ وارو عمل غيراخلاقي ۽ غيرانساني آهي. ان سلسلي ۾ صرف ڌماڪو ڪرڻ ۽ ڪرائڻ وارن جي مذمت ڪافي ناهي. ملڪ ۾ قانون مطابق امن قائم ڪرڻ واريون قوتن جو ڪردار به ذميواريءَ جي دائري کان ٻاهر رکي نه ٿو سگهجي.