ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

برائون يونيورسٽيءَ جي رپورٽ

Editorial-Article-Yameen Jatoi

ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪا جي برائون يونيورسٽي هڪ رپورٽ جاري ڪئي جنهن ۾ هن چيو ته نائن اليون جي حملي کانپو آمريڪا جي برپا ڪيل جنگين جي نتيجي ۾ عراق ۽ افغانستان سميت مختلف ملڪن ۾ پوڻا 4 ڪروڙ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن، صوماليا ۽ شام به جنگين سبب شديد متاثر ٿيل ملڪن ۾ شامل آهن. رپورٽ موجب نائن اليون حملن کانپو آمريڪا ڪيترن ئي ملڪن ۾ جنگيون ڇيڙي ڇڏيون، جنهن سبب هيل تائين دنيا اندر گهٽ ۾ گهٽ 3 ڪروڙ 70 لک ماڻهو پنهنجي گهرن کان محروم ٿي ويا آهن، اهو به هڪ محتاط اندازو آهي، ڇاڪاڻ ته بي گهر ماڻهن جو اصل انگ 4 ڪروڙ 80 لکن کان 5 ڪروڙ 90 لک تائين به ٿي سگهي ٿو. رپورٽ موجب جنگين سبب رڳو افغانستان ۽ عراق ئي نه پر يمن، صوماليا، فلپائن، لبيا ۽ ٻين ملڪن ۾ به لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، انهن منجهان اڍائي ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ واپس اچي ويا پر واپسي سان بي گهر ٿيڻ جو صدمو ختم ناهي ٿيندو ۽ نه ئي ان جو مطلب اهو آهي ته بي گهر ٿيل ماڻهو پنهنجي اصل گهرن يا محفوظ زندگي ڏانهن واپس وريا آهن. تحقيق ڪندڙ ليکڪن ڊيوڊ وائن، ڪالا ڪافمين، ڪيٽلينا خاوري، هيلن بش، ريچل لوڊڪ ۽ ٻين لکيو ته آمريڪا جي مڙهيل جنگين جي متاثرن ۾ اڪثريت عام ماڻهن جي آهي، جن لا حياتيون بچائڻ ڏکيو ٿي پيو ۽ اهي تحفظ خاطر گهرن مان ڀڄي نڪتا، لکين ماڻهو هوائي حملن، بمن، توب جي گولن، ڊرون حملن، بندوق جي ويڙهه ۽ ريپ سبب ڀڳا، خاص طور تي عراق ۽ افغانستان ۾ وڏي پئماني تي نسل ڪشي ٿي، جنهن ماڻهن کي فرار ٿيڻ تي مجبور ڪيو. رپورٽ موجب آمريڪا 2002ع ۾ پنهنجا فوجي صوماليا ۾ موڪليا ته ملڪ جي لڳ ڀڳ اڌ آبادي (46 سيڪڙو) بي گهر ٿي وئي، ان ڳالهه مان پتو پوي ٿو ته انهن ملڪن ۾ آمريڪا جي مداخلت خوفناڪ حد تائين قيامت خيز ۽ تباهي آڻيندڙ هئي، جنهن جو ڪيترن ئي آمريڪين کي اندازو نه هوندو.
اصل ۾، “جمهوريت” ۽ “انساني حق” آمريڪي سامراج جا دنيا کي قبضي هيٺ آڻڻ لاءِ هڪ هٿيار رهيا آهن، اڳوڻي سوويت يونين کان موجوده ڪيوبا ۽ ڪوريا تائين آمريڪي سامراجي بيانئي موجب “جمهوريت” ۽ “انساني حقن” جي لتاڙ ٿيندي رهي آهي!! باقي دنيا جو واحد “جمهوري” ۽ “انساني حقن” جو علمبردار صرف آمريڪا ۽ ان جون حواري سامراجي رياستون آهن!! جن ملڪن جي حڪمرانن پنهنجي ملڪ جي معاشي ۽ سياسي وسيلن کي عوام جي فلاح ۽ ڀلائيءَ ۾ بدلائڻ جي جرئت ڪئي، انهن جو حشر ايران جي مصدق، انڊونيشيا جي سڪارنو، گوئيٽي مالا جي جيڪبو اربينز، چليءَ جي آلندي، ۽ لبيا جي قذافيءَ جهڙو ڪيو ويو. آمريڪي سامراج “جمهوريت” ۽ “انساني حقن” جو ڪيترو چئمپين آهي، ان جي جهلڪ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود انهن فاشي ڊڪٽيٽرن ۽ عوام دشمن حڪمرانن جي سندس ننگي حمايت مان پسي سگهجي ٿي. دنيا جي هر خطي ۾، پنهنجي عالمي بالادستيءَ کي برقرار رکڻ جي جنون ۽ پاڳلپڻي آمريڪي سامراج کي انهن فاشسٽ فوجي آمرن جي مدد لاءِ اتساهيو، جيڪي وڏي پئماني تي قتل عام، ٽارچر سيلن ۾ مخالفن کي اذيتون ڏئي مارڻ، چونڊيل جمهوري حڪومتن تي قبضن کان ويندي نسل ڪشيءَ جهڙن انسانيت خلاف ڏوهن جا مرتڪب ٿيا. هڪ پاسي آمريڪي سامراج اڻ سڌيءَ طرح دنيا جي عوام دوست حڪمرانن سان وڙهيو ته، ٻئي طرف هن دنيا جي مختلف خطن اندر بي لغام جارحيت جو مظاهرو ڪندي، فوج ڪشيون ڪيون.
1954ع ۾ گوئيٽي مالا ۾ جيڪبو اربينز جي نيشنلائيزيشن پاليسي سبب واشنگٽن جي اقتداري ايوانن جون ننڊون ڦٽي ويون ۽ ان “ڪميونسٽ خطري” کي محسوس ڪندي سي آءِ اي گوئيٽي مالا ۾ آپريشن شروع ڪيو، سي آءِ اي فوجي جنتا ذريعي جيڪبو اربينز کي اقتدار تان هٽائي ڇڏيو. گهرو ويڙهه ۾ 2 لک ماڻهن کي ماريو ويو.
انڊونيشيا جو 1960ع جي ڏهاڪي ۾ قتل عام ڀلا ڪنهن کان وسريو آهي؟ اهو ڪهڙو ماڻهو هو، جنهن کي ڪميونسٽ چئي نه ڪُٺو ويو؟ سهارتو انڊونيشيا جي صدر سڪارنو جو تختو اونڌو ڪري 5 لک ڪميونسٽن کي آمريڪا جي مڪمل آشيرواد سان ڪٺو.
11 سيپٽمبر 1973ع تي تڏهوڪي آمريڪي صدر رچرڊ نڪسن ۽ قومي سلامتيءَ جي صلاحڪار هينري ڪسنجر جي پٺڀرائيءَ سان چليءَ جي ڊڪٽيٽر جنرل آگستو پنوشَي جي اڳواڻيءَ هيٺ چليءَ جي فوجي جنتا چونڊيل سوشلسٽ صدر سلوادور الندَي جو تختو اونڌو ڪري، ملڪ کي وحشياڻي فاشسٽ حڪمرانيءَ حوالي ڪري ڇڏيو.
دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آمريڪا جي جارحيت سبب نه رڳو ماڻهو بي گهر ٿيا پر ڪروڙين ماڻهو ماريا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button