ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اجايو انتظار

Editorial-Article- Irshad Leghari

شهباز شريف جي اتحادي حڪومت ويندي ويندي پيٽرول لڳ ڀڳ ويهه روپيا وڌائي جڏهن موڪلائي رهي آهي تڏهن عوام جو اهو طبقو، جنهن کي اهو گمان هو ته عمران خان جي وڃڻ سان مهانگائي ڪجهه گهٽ ٿيندي، تنهن طبقي جا تاڪ لازمي لڳا هوندا. ڀلا جي نه ته پنهنجي پوري سفاڪي سان اڳيان جيئن معاشي ڌاڙا سامهون اچڻا آهن، تنهن کان پوءِ ته ماڻهن کي اها ڳالهه پاڻهي سمجهه ۾ اچي ويندي ته انهن اجايو پئي انتظار ڪيو. ها انتظار به انهن ماڻهن جو، جيڪي هڪ نه پر هزار ڀيرا آزمايا ويا هجن، سو آهي به ته اجايو. پر ڇا ڪجي جو عوام وٽ هن ملڪ جي پارلياماني نظام جي مخصوص بيهڪ ۾ ٻيو ڪوئي چارو به ته ڪونهي. تنهن ڪري هر ڀيري عوام انهي انتظار ۾ هوندو آهي ته فلاڻو ويندو ته ملڪ ۾ ڪا ڀلائي ٿيندي يا الاڻو ايندو ته ڪي ڏکيا ڏينهن گهٽبا. مني صدي جي اهڙي سفر ۾ ڪيئي الاڻا فلاڻا ايندا ۽ ويندا رهيا پر عوام جا ڏک نه گهٽيا سو نه گهٽجي سگهيا.
هاڻ جڏهن هن اتحادي حڪومت جا هيستائين جي واعدن موجب باقي ڪي وڃي ڇهه ڏينهن بچيا آهن تڏهن اهي ڇهه ڏينهن سمورا اتحادي رڳو انهي ڳڻتي ۾ گهاريندا ته نگران سرڪار ۾ پنهنجا همدرد ڪيئن شامل ڪرائجن. ڇاڪاڻ ته هن ڀيري نگران حڪومت جا اختيار وڌائڻ واري جيڪا راند رچائي وئي آهي سا ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿي ته هيلوڪي نگران حڪومت ماضي جي نگرانن کان ڪجهه گهڻي ئي مختلف هوندي ۽ ان سان گڏ اهي پڻ امڪان آهن ته انهي نگران سيٽ اپ جو متان مُدو به وڌي وڃي. تنهن ڪري سڀڪو انهي ڊوڙ ۾ لڳو پيو آهي ته نگران سٽ اپ مان وڌ ۾ وڌ فائدو ڪيئن حاصل ڪجي. ڇا اها حد ناهي جو نواز ليگ اسحاق ڊار کي نگران وزيراعظم بڻائڻ لاءِ هر قسم جي حد تائين وڃڻ لاءِ تيار ٿي ڏسجي. اسحاق ڊار کي سياست ۾ نواز شريف جي هر قسم جي مفاد جو محافظ سمجهيو ويندو آهي. هاڻ جي اهڙو ماڻهو ٿو نگران وزيراعظم ٿئي ته پوءِ نگران سيٽ اپ جي اڻڌريائپ ڪٿي بيهندي؟ پر نه، ڇا به ٿي پئي نواز ليگ کي ايندڙ حڪومت پنهنجي ئي گهرجي ٿي ۽ ان لاءِ اهي ڪنهن به ملامت کان نٿا گهٻرائين. نواز ليگ کي رڳو اها گهٻراهٽ آهي ته جيڪڏهن ايندڙ حڪومت کين نه ملي ته پوءِ شريف خاندان جو ڪو مستقبل ئي نه رهندو ۽ سندن عمل مان اهو ئي ثابت ٿي رهيو آهي ته ميان صاحبان هن ملڪ جو نه پر ۽ سندن خاندان جو مستقبل بچائڻ لاءِ ئي آيا آهن.
هڪڙي پاسي اها صورتحال آهي ته ٻي پاسي نواز ليگ جي اهڙي روش کان پيپلز پارٽي اهو سوچي سخت پريشان ٿيڻ لڳي آهي ته جي سمورا پتا نواز ليگ پنهنجي هٿ ۾ ڪري ورتا ته پوءِ سندن ڇا ٿيندو؟ ۽ ٻيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان پيپلز پارٽي کي ڪجهه اشارا به اهڙا ئي ملڻ شروع ٿي ويا آهن، جيڪي اهو سمجهائين ٿا ته اسٽبلشمينٽ نواز ليگ ڏانهن وڌيڪ جهڪيل آهي. اسٽبلشمينٽ جي اهڙي لاڙي جو ئي ته اهو نتيجو آهي جو بلوچستان ۾ عبدالقدوس بزنجي وارا پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ واري ڳالهه تان ڦري چڪا آهن ۽ ساڳي ريت سرائيڪي وسيب مان عمران خان کان ڌار ٿيلن سڌو وڃي جهانگير ترين جي پارٽي ۾ ديرو هنيو. نه ته ان کان اڳ سورنهن آنا يقين هو ته اهي ماڻهو پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندا. ايئن ڪجهه ماڻهو خيبرپختونخوا مان به مثال طور ڳڻي سگهجن ٿا. جن لاءِ امڪان اهي هئا ته عمران کان ٽٽل اهي ماڻهو پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندا، پر اهي ماڻهو وري پرويز خٽڪ سان وڃي سلهاڙيا آهن.
سو اها آهي سا صورتحال جنهن ٻن وڏين اتحادي ڌرين پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کي آمهون سامهون آڻي بيهاريو آهي ۽ ان پيهه ۾ عوام جا مفاد ڪنهن کي ياد هوندا؟ بس کين ڪجهه ياد آهي ته اهو آهي اقتدار ۽ بس اقتدار. شال اليڪشن وقت تي ٿي وڃي ۽ پوءِ ويهي ڏسجو ته عوام سان ٿئي ڇا ٿو؟ ايندڙ حڪومت وٽ ملڪ هلائڻ لاءِ ڏوڪڙ هوندا ئي ڪونه ته عوام کي رليف ملندو ڪٿان؟ سو ٿيندو هيئن جو سدائين جيان ويندڙ حڪومت تي نااهلي ۽ ڪرپشن جو الزام هڻندي، ايندڙ حڪومت به مهانگائي وڌائيندي رهندي. تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اجايو انتظار ڪرڻ بدران اهڙي ميدان لاءِ راهه هموار ڪجي، جنهن ۾ رڳو ڪنهن هڪ ڌر نه پر سڀني سان حساب ڪتاب چُڪائي ڳالهه کي هڪ پاسي ڪري ڇڏجي. ان کان سواءِ باقي سڀ اجايو آهي ۽ اجايو ئي رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button