شوبز

رمشا خان شوبز دنيا ڇڏڻ جي ڳالهه غلط قرار ڏئي ڇڏي

پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا رمشا خان شوبز دنيا کي ڇڏڻ وارين خبرن کي غلط قرار ڏئي مداحن کي گمراهه نھ ٿيڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق رمشا خان سماجي رابطن واري پيج تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي تھ مون شوبز کي ڇڏڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، ان حوالي سان هلندڙ خبرون بي بنياد آهن. هن چيو تھ سوشل ميڊيا تي نظر ايندڙ هر ڳالهه تي يقين نھ ڪيو وڃي، اهي غلط آهن. ياد رهي تھ رمشا خان تيري ميري ڪهانيان سان فلمن ۾ پڻ ڊيبو ڪري ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button