پاڪستان جي سينيئر اداڪارا ناديا افگن چيو آهي تھ چٽي نموني چوان ٿي تھ سوشل ميڊيا سرڪس آهي، تنهنڪري مان اتي کرو ڳالهائيندي رهنديس. هڪ شو ۾ شرڪت دوران ميزبان پاران يمنا زيدي کي اوور ريٽڊ اداڪارا قرار ڏيڻ بابت سوال جي جواب ۾ ناديا افگن چيو تھ مون کي چٿرن جي ڪا پرواهه ناهي، ڇوتھ سوشل ميڊيا تي ماڻهو ٻن ڏينهن بعد سڀ ڪجهه وساري ڇڏين ٿا. هن چيو تھ مان خبرن ۾ رهڻ نٿي چاهيان، ماڻهو زوريءَ آڻيندا آهن، مون کي جيڪو ٺيڪ لڳي اهو چونديس.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close