شوبز

ٻار ضايع ٿيو تھ ماڻهن چيو فيشن لاءِ ماريو اٿم: آمنا ملڪ

پاڪستان جي نوجوان اداڪارا ۽ ماڊل آمنا ملڪ انڪشاف ڪيو آهي تھ بدقسمتي سان منهنجا ٽي ٻار ضايع ٿيا آهن، جنهن تي ماڻهن چيو تھ فيشن لاءِ مون پنهنجا ٻار پاڻ ماريا آهن. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ آمنا ملڪ جو چوڻ هو تھ پنهنجا ٻار پاڻ مارڻ جا مهڻا ٻڌي ٻڌي مان هڪدم ڊپريشن ۾ هلي وئي هئس، طبيعت خراب رهڻ لڳي، جنهن دوران مارننگ شو جي آڇ ٿي، پر والدين منع ڪري ڇڏيو، مان بھ ولگر ٽائيپ پروگرام ڪرڻ نٿي چاهيو، بعد ۾ دير سان بهتر سمجهي مارننگ شو ڪيو. هن چيو تھ اسان وٽ شوبز دنيا ۾ ٽيلنٽ تي ڪم نٿو ملي، اتفاق سان ڊرامو هٽ ٿيڻ تي اداڪار سمجهن ٿا هو فن ۾ حرف آخر آهن، ۽ سکڻ جو عمل ختم ٿيو وڃي. هن ٻڌايو تھ وڏا چينل ميزباني جا 15 لک ڏين ٿا، مون کي ڏيڍ لک رپيا معاوضو ڏنو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button