ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڇا عمران خان مائينس ٿي ويو؟

Editorial-Article- Allahbux Rathore

هيل تائين واڳ ڌڻين جي نشاني تي اهي سياستدان رهيا آهن، جيڪي واڳ ڌڻين جي گوڊ بوڪس ۾ نه رهيا هوندا آهن. هي اهي ساڳيا سياسي مهرا هوندا آهن، جيڪي پاڻ به واڳ ڌڻين جي راضپي ۽ خوشيءَ لاءِ ٽشو پيپر جيان استعمال ٿيا ۽ بعد ۾ ڦٽا ڪيا ويا. حڪومتي ايوانن رهندڙ اهڙن سياستدانن جي لڳي ٿو ته پري جي نظر خراب آهي، هو پنهنجي نڪ کان اڳتي ڏسڻ جي صلاحيت کان محروم ٿي وڃن ٿا. عمران خان، جنهن جي سياسي ۽ غيرسياسي پالنا ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين ڪئي وئي، هن کي گهڙي ميدان ۾ لاهڻ لاءِ ڪيترن ئي وردي ۽ بنا وردي وارن جي محنت شامل رهي پر هو واڳ ڌڻين جي اميدن تي پورو لهي نه سگهيو. هن پنهنجن ئي آقائن کي، جنهن انداز ۾ اکيون ڏيکاريون، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته عمران خان کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه آئي ته اهي جيڪي هن جي پٺيان شيهي جي ديوار جيان بيٺل هئا، اهي ائين سندس ڪيريئر نه صرف تباهه ڪري سگهن ٿا، پر انهن کيس ڪنهن به ڪم جو نه ڇڏيو.
عمران خان کي توشا خانا جي عام ڪيس ۾ سزا ٻڌائي وئي آهي. هن جي وڪيلن جنهن سستيءَ جو مظاهرو ۽ معاملي کي غيرسنجيندا ورتو، ان مان سمجهي سگهجي ٿو ته ڄڻ وڪيلن کي ائين ئي ڪرڻ لاءِ چيو ويو هجي. هن جو مک قانوني ماهر ۽ سينيئر وڪيل، ان کان اڳ به اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کي نااهل قرار ڏيڻ کان بچائڻ لاءِ ڪجهه به ڪري نه سگهيو. هو هاڻ وري هڪ ٻئي اڳوڻي وزير اعظم کي نااهل ٿيڻ کان بچائي نه سگهيو. ان حقيقت کان ڪنهن کي به انڪار نه هوندو ته ٻنهي وزير اعظمن کي نااهل قرار ڏيارڻ پٺيان واڳ ڌڻي ئي هئا. پهريان نواز شريف ۽ هاڻ عمران خان انهن جي نشاني تي آهي. نواز شريف خلاف ته ڪيس به ثابت نه ٿيو هو، ان جي باوجود کيس سزا ڏئي نااهل ڪيو ويو، پر هن ڀيري ڪيس ڪنهن ٻئي قسم جو هو. هن ڪيس ۾ نه صرف عمران خان خلاف الزام ثابت ٿيا، پر قانوني ٽيم جي لاپرواهي به واضح طور نظر آئي. عمران خان سزا کان اڳ ايترا موقف تبديل ڪيا، جو هن جو ڪيس Establish ڪرڻ ئي وڏو مسئلو بڻجي ويو. هن جي وڪيلن کي سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته هو 200 جي لڳ ڀڳ ڪيسن کي ڪيئن منهن ڏين. ڪيسن هلڻ دوران، توڙي جو اعليٰ عدليا، عمران خان کي رليف مٿان رليف ڏنو، پر حڪومتي صفن مان انڌا ڌنڌ فائر ٿيا، جن اڳوڻي وزير اعظم جا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا. ان سان گڏ پارٽيءَ جا وڪيل به پاسيرا ٿي ويا. بابر اعواڻ ۽ ٻيا ته ملڪ ڇڏي ڀڄي ويا. فيصل چوڌري ۽ ٻيا ته منظر تان غائب آهن.
هينئر ته رڳو هڪڙو ڪيس ثابت ٿيو آهي، پر اڻ ڳڻين ڪيسن ۾ عمران خان جو ڊفينس ڪمزور آهي. ان جو مطلب هي به ٿي سگهي ٿو ته اڃان وڌيڪ ڪيسن ۾ عمران خان خلاف فيصلا اچي سگهن ٿا. جنهن ٿوڪ جي حساب سان ڪيس داخل ٿيا آهن، ان جا مثال اڳ به موجود آهن. ان حوالي سان ايم ڪيو ايم جي باني سميت ڪيترن ئي اڳواڻن جا نالا کڻي سگهجن ٿا. هي ڳالهه به سمجهڻ جهڙي آهي ته هي ساڳيو عمران خان هو، جنهن خاص ڪري الطاف حسين جي زبان بنديءَ کان وٺي آئسوليٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هو ان وقت خوش هو ته واڳ ڌڻين جي اشاري تي هو مشن امپاسيبل تي عمل پيرا آهي.
عمران خان جي نااهلي برقرار رهي ٿي يا سپريم ڪورٽ يا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مداخلت ڪندي سزا کي معطل ڪن ٿيون. هي ته مستقبل قريب ۾ واضح ٿي ويندو. سزا کي معطل ڪرڻ جو اختيار انهن عدالتن کي ضرور آهي. پر هينئر عمران خان کي سياسي ميدان کان ٻاهر ڪرڻ لاءِ هڪ طرف پي ٽي آءِ چيئرمين جا سويلين ته ٻئي پاسي نان سويلين زور لڳائي رهيا آهن. هي سڀ چاهين ٿا ته عمران خان سياسي ميدان ۾ رهي نه سگهي.
ان کان اڳ ۾ عمران خان کي سياسي طور پاسيرو ڪرڻ لاءِ هن جي پارٽيءَ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويو، جنهن جي کيس اهڙي اميد نه هئي. اهي جن جون زبانون ڊگهيون هيون، اهي به عمران خان کي اڪيلو ڇڏي ويا، جن ۾ اسد عمر ۽ ٻيا ڳڻائي سگهجن ٿا. ائين لڳو ته انهن کي پنهنجي جان ڇڏائڻي هئي، سو اڏامي ويا. هينئر صرف شاهه محمود قريشي جهڙا ڪجهه اڳواڻ بچيا آهن، جن جي ڪنهن به اپيل تي نه صرف پي ٽي آءِ جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن ڌيان نه ڏئي رهيا آهن، پر هن کي پارٽيءَ جي صفن ۾ ڀروسي جوڳو به نٿو سمجهيو وڃي. ڪنهن به نه سوچيو هو ته عمران خان جن ٽن اڳوڻن وڏن وزيرن کي پنهنجن اکين جو تارو بڻايو، اهي سياست ڇڏي ويندا يا وري وفاداريون تبديل ڪري ويهي رهندا.
اهي سمورا اڳواڻ جيڪي عمران خان جي اکين جا تارا هئا، اهي ئي سلطاني شاهد ٿي رهيا آهن. عوامي مقبوليت جون جيڪي دعوائون ڪيون ويون، انهن جو اندازو عدالت جي فيصلي کانپوءِ عمران خان جي گرفتاري وقت ٿي ويو. عمران خان جي پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي ڪارڪنن ۽ عام ماڻهن کي احتجاج جا سڏ ڏنا، پر ڪو به ڪن ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. جيڪي ڪارڪن عمران خان جي گرفتاري خلاف احتجاج ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، اهي ايندڙ چونڊن ۾ عوام کان ووٽ ڪيئن وٺندا؟ اهي جن 9 مئي تي ملڪ جي حساس هنڌن کان وٺي، عام مارڪيٽن تائين ڪنهن کي به معاف نه ڪيو، انهن بقول حڪمرانن جي جيڪو ڪجهه ڪيو، ان جي قيمت کين ادا ڪرڻي پوندي.
هينئر هي ڳالهه واضح طور ديوار تي لکيل آهي، جيڪا ڪوبه سراسري پڙهيل ماڻهو پڙهي ۽ سمجهي سگهي ٿو ته عمران خان جي موجوده سسٽم ۾ گهڻي گنجائش ناهي. هي ساڳيا واڳ ڌڻي آهن، جن مائينس نواز شريف ۽ آصف زرداريءَ جو راڳ الاپيو ته ان تي عمران خان ۽ هن جا جوڙيوال هنبوڇيون هڻي رهيا هئا،انهن کي مڪافات عمل جو خيال نه آيو. هينئر وري به نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ مريم نواز ايترو چئي رهيا آهن ته هو عمران خان جي نااهلي واري فيصلي کان خوش ناهن. ممڪن آهي ته هو Face saving لاءِ چوندا هجن، پر هن ڀيري جيڪو ڪجهه اسڪرين تي نظر اچي ٿو، ان ۾ مائينس عمران خان واضح طور شامل آهي. جيئن پي ٽي آءِ جي ٻين اڳواڻن کي ڪجهه ڏينهن جيلن ۾ رکي، ان کانپوءِ هڪٻئي پٺيان مختلف ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو، هي عمل ايستائين جاري رهيو، جيستائين انهن سياست کان توبهه نه ڪئي. جيڪڏهن عمران خان ۽ ان جي حامين کي آزاديءَ سان چونڊن ۾ حصو ئي وٺڻ نه ڏنو ويندو ته هو ڪيئن چونڊيل ايوانن ۾ پهچندا؟ هينئر عمران خان کي 9 مئي وارن واقعن جو ماسٽر مائينڊ سڏيو پيو وڃي، عوامي سطح تي ڪي پي ڪي جهڙو صوبو، جيڪو پي ٽي آءِ چيئرمين جي پناهگاهه هو، ان تي به قبضو ٿي چڪو آهي. اهڙي صورتحال ۾ بهتر ٿيندو ته عمران خان پاڻ ئي ايندڙ چونڊن جو بائيڪاٽ ڪري ۽ احتجاج طور اميدوار نه بيهارڻ جو اعلان ڪري. باقي عمران خان جو باب مڪمل طور بند ٿيندي نظر اچي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button