ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سرڪاري اسڪولن لاءِ گهربل سهولتون

Editorial

گرميءَ جي موڪلن کان پوءِ اسڪولن کلي ويا آهن، پر اسڪول کلڻ کافي ڪونهي، اتي موجود سهولتن جو هجڻ به لازمي آهي. جيئن اسڪول کليا آهن ته اهي شڪايتون اچي رهيون آهن ته ٻارن لاءِ اسڪولن ۾ نصاب ڪونه پهتو آهي، جنهنڪري ڪيترن ئي اسڪولن مان اهو مطالبو اچي رهيو آهي ته نصاب فراهم ڪيو وڃي. جيڪڏهن نصاب اسڪولن تائين ڪونه پهتو آهي ته ٻارن جو اسڪول وڃڻ وارو عمل به بي لاڀ آهي، ڇاڪاڻ ته انهن کي ڪنهن به ڪلاس لاءِ نصاب لازمي کپي ۽ ان کان سواءِ انهن جي پڙهائي ممڪن ڪونهي. نصاب اسڪولن ۾ ڇو ناهي پهتو ۽ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ کان ڪهڙيون ڪوتاهيون ٿيون آهن، ان حوالي سان رپورٽ پيش ٿيڻ گهرجي. ان بابت تعليم کاتي جو موقف به اچڻ گهرجي ۽ اهو پڻ جاچڻ جي ضرورت آهي ته جيڪڏهن نصاب تيار ڪرڻ جو ٺيڪو اڄ کان ڪافي مهينا اڳ ڏنو ويو هو ته اهو تيار ڇو ناهي ٿي سگهيو ۽ ڪهڙا سبب آهن جو وقت سر نصاب اسڪولن تائين ڪونه پهتو آهي. پر سنڌ جي اسڪولن ۾ رڳو نصاب پهچڻ جو معاملو ڪونهي، اتي ٻيا به ڪيترائي مسئلا آهن. اتي ٻارڙن لاءِ پيئڻ جي پاڻيءَ جو مسئلو آهي، باٿ رومن جو مسئلو آهي، ڪٿي اسڪولن جي عمارت ڪونهي، جيڪڏهن عمارت آهي ته اسڪول تائين پهچڻ لاءِ رستو ڪونهي.
ٻارن کي تعليم لاءِ رڳو ڪتابن ۽ استادن جي ضرورت ڪونه هوندي آهي پر اتي موجود سمورين سهولتن جو هجڻ به لازمي آهي. ڪنهن به اسڪول ۾ جيڪڏهن ڪا هڪ سهولت به کٽل آهي ته ان جو مطلب اتي موجود ٻارن لاءِ تعليم پرائڻ مسئلو آهي. تنهنڪري اهو لازمي آهي ته سڀئي سهولتون تعليم کاتي پاران هر اسڪول کي مليل هجن. ڪنهن به اسڪول کي ان وقت تائين مڪمل اسڪول نٿو چئي سگهجي، جيستائين اتي پيئڻ جي پاڻي، باٿ روم، عمارت ۽ راندين جو ميدان ڪونهي. راندين جو ميدان هجڻ جو مطلب آهي ته ٻارن جي جسماني صحت بهتر رهي، اهي پنهنجون صلاحيتون راندين ۾ ڀرپور نموني ڏيکاري سگهن. ان کان سواءِ پيئڻ جو صاف پاڻي به ضروري آهي. اسڪولن کي هر سال فنڊ ملندا آهن، جيڪي اسڪولن تي خرچ ڪري انهن جي حالت بهتر ڪري سگهجي ٿي. پر افسوس آهي جو اهي فنڊ اسڪولن تي خرچ ڪونه ٿيندا آهن، جنهنڪري اسڪولن جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي رهندي آهي. تعليم کاتي ميرٽ تي جيڪي استاد ڀرتي ڪيا آهن، انهن کي پڙهائڻ جو شوق آهي ۽ اهي ٻارن کي پڙهائڻ ۾ رڌل به آهن. پر اڃا تائين به سوين اسڪول آهن، جيڪي سهولتن کان وانجهيل آهن.
اسين سمجهون ٿا ته اسڪول شروع ٿيڻ کان پوءِ ٻارن لاءِ تعليم جو ماحول بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. انهن کي هڪ اهڙي ماحول ۾ تعليم ڏني وڃي جتي اهي پنهنجن تخليقي صلاحيتن کي اجاگر ڪري سگهن، اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن تعليم کاتو ان پاسي سنجيدگيءَ سان ڌيان ڏيندو ۽ ٻارن کي تعليم جا بهتر موقعا فراهم ڪندو. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته تعليم جهڙي شعبي کي ننڌڻڪو نه ڇڏيو وڃي پر ان جي مالڪي ڪئي وڃي، ان ۾ جدت آندي وڃي. ٻارن لاءِ اسڪولن جو ماحول ايترو ته بهتر ڪيو وڃي جو انهن جو انگ سرڪاري اسڪولن ۾ وڌندو رهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button