ملڪ ۾ جنسي ڏاڍائيءَ جا قانون سخت هوندي به ان قسم جا واقعا عام جام ٿي رهيا آهن. انهن کي روڪڻ لاءِ حڪومتي سطح تي ڪيترا به اپاءَ ورتا وڃن پر تنهن هوندي به جنسي ڏاڍائي وارا معاملا جيئن جو تيئن جاري رهن. سنڌ ۾ ٻارن سان ٿيندڙ ڏاڍائيءَ جي واقعن کي ٻنجو ڏيڻ ضروري آهي پر هيستائين ان ۾ ڪا ڪاميابي ڪونه ملي سگهي آهي. جنهنڪري نه رڳو هتان جا ٻار عدم تحفظ جو شڪار نظر اچن ٿا پر ان ڏوهه ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪا بهتر ڪارروائي ٿيندي نظر ڪونه پئي اچي. رڳو هڪ مهيني ۾ 20 کان مٿي ٻارن سان جنسي ڏاڍائيءَ جا واقعا پيش آيا آهن. اهو انگ ڪنهن به ريت گهٽ ڪونهي.
حيدرآباد ۾ هڪ مهيني اندر 20 کان وڌيڪ ٻارن کي مبينا جنسي ڏاڍائيءَ جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پوليس مبينا ڏاڍائيءَ جي واقعن ۾ رڳو هڪ ٻار جي ڪيس ۾ جوابدار خلاف بدفعليءَ جو ڪيس داخل ڪيو آهي. خبر موجب حيدرآباد جي ايس ايس پي آفيس ۾ شهرين جي شڪايت ٻڌڻ، سندس مٿان ٿيندڙ ظلم خلاف ۽ عورتن تي تشدد، جنسي زيادتيءَ جو نشانو بڻجندڙ ٻِارن کي انصاف ڏيارڻ لا هيومن رائٽس سيل قائم ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ايس ايس پي آفيس مان پوليس ترجمان ڄاڻايو آهي ته جولا مهيني ۾ هيومين رائٽس سيل ۾ 200 شهرين جون شڪايتون پهتيون، جنهن ۾ 20 کان وڌيڪ شڪايتون جنسي زيادتيءَ جون ڪيون ويون آهن. پوليس موجب ته جنسي ڏاڍائيءَ جي شڪايت ڪندڙ شهرين جي رضامنديءَ سان جنسي معاملن جي شڪايتن کي حل ڪيو ويو. جوابدارن خلاف ڪيس داخل نه ڪيا ويا. پوليس رڳو هڪ عورت جي فرياد تي سندس 17 ورهين جي پٽ سان گذريل هڪ سال کان جوابدار طرفان جنسي زيادتيءَ جو نشانو بڻائڻ تي لطيف آباد جي اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. حيدرآباد جهڙي شهر ۾ جيڪڏهن ٻارن سان جنسي ڏاڍائيءَ جا واقعا ٿي رهيا آهن ته ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ٻين شهرن ۾ ڪهڙي حالت هوندي. ان کان سواءِ اهي اهڙا ڪيس آهن، جيڪي رپورٽ ٿيا آهن پر ڪيترائي اهڙا ڪيس به هوندا، جيڪي هن وقت تائين رپورٽ ڪونه ٿيا آهن. گهڻو ڪري اهڙن ڪيسن ۾ انصاف ملڻ ڏکيو هوندو آهي. جيڪي ٻار جنسي ڏاڍائيءَ جو شڪار هوندا آهن، انهن جا وارث پڻ پوليس جي خفن کان بچڻ لاءِ ڪيس ۾ دلچسپي ڪونه وٺندا آهن، تنهنڪري انهن معاملن جي پوئواري ڪونه ٿي سگهندي آهي.
اسين سمجهون ٿا ته ٻارن سان جنسي ڏاڍائي نه رڳو انهن جي زندگي تباهه ڪري ڇڏيندي آهي پر انهن سان ڪئين نفسياتي مسئلا به ٿيندا آهن. تنهنڪري اهو ضروري آهي ته ٻارن کي جنسي ڏاڍائيءَ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته جيئن ٻارن کي تحفظ جو احساس ٿئي، اهي هر جاءِ آزاديءَ سان اچ وڃ ڪري سگهن ۽ انهن کي پنهنجو پاڻ تي اعتماد هجي ته ڪوبه ماڻهو کين تنگ نه ڪندو ۽ جيڪڏهن ڪندو ته قانون اهڙن ماڻهن کي سزا ڏيڻ ۾ دير نه ڪندو. پر بدقسمتي اها آهي جو اسان جو انصاف جو نظام ايترو ته ڪمزور آهي جو اهو جنسي ڏاڍائيءَ جو شڪار ٿيل ٻارن سان انصاف نٿو ڪري سگهي.