ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

شمشيرالحيدري: اداري ساز ۽ تحريڪي شخصيت!

Editorial-Article- Ali Muhammad Memon

سنڌ جي ترقي پسند مفڪر، شاعر، بيباڪ صحافي، شمشير الحيدري،اڄوڪي ڏينهن 10 آگسٽ 2012ع تي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. ان مناسبت سان اڄ جو ڏينهن، “يوم شمشير الحيدري” آهي. سنڌوماٿري ۽ ملڪ جي هن عظيم انسان ۽ هستي، پنهنجي علم ۽ قلم سان سنڌ جي سامونڊي سماج ۾ آسمان کي ڇهندڙ واچوڙا ۽ طوفان برپا ڪندڙ شخصيت جي زندگي جي جدوجهد ۽ حاصلات جو پڙهندڙن لا مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو. شمشير الحيدري گهڻ پاسائي شخصيت هو جنهن هڪ ئي وقت تي زندگي جي مختلف شعبن ۾سرواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو ۽ سماج کي سنوارڻ، سڌارڻ ۽ سماجي قوتن کي يڪجا ڪرڻ ۽ پنهنجي قلم ۽ وڄن وانگر ڪڙڪندڙ ڪالمن جي ذريعي سنڌ جي عوام کي متحرڪ ڪيو ۽ جنرل ضيا جي آمراڻي دور ۾ جمهوريت جي بحالي واري ايم آر ڊي جون عوامي تحريڪون پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ سياسي ۽ جمهوري ۽ ترقي پسند فڪر ۽ تحريڪن کي طاقت ور ٿيڻ جو موقعو مليو ۽ ان جي نتيجي ۾ عوامي ۽ جمهوري قوتن کي ملڪ ۾ جمهوريت کي بحال ڪرڻ ۾ وڏي مدد ملي. شمشير الحيدري جي سڃاڻپ، هڪ غيرمعمولي صلاحيتن، ذهانت کي سندس پراثر قلم سان آمرن ۽ آمراڻي حڪومتن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ ۽ کين لوڏيندڙ صحافين، شاعرن ۽ اديبن ۾سرفهرست آهي. شمشير الحيدري جو جنم 15 سيپٽمبر 1931ع تي بدين ضلعي جي ننڍڙي شهر ڪڍڻ ۾ ٿيو. هن پنهنجي ابتدائي تعليم بدين مان حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم لا، 1948ع ۾ سنڌ مدرسه ڪراچي ۾ داخل ٿيو، جتان ڪجهه عرصي بعد هڙتال ڪرائڻ جي الزام ۾ کيس اسڪول مان ڪڍيو ويو. هو ڪجهه وقت اين جي وي اسڪول ڪراڍي، نورمحمد ها اسڪول حيدرآباد ۽ لارينس اسڪول ٽنڊي باگي ۾ پڙهيو. هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان بي اي ۽ پو، 1963ع ۾ ايم اي (سنڌي ادب ۾) پاس ڪيائين.

شمشير الحيدري جي صحافتي زندگي جو آغاز 1952ع ڌاري بدين کان نڪرندڙ هفتيوار اخبار ” اعلان حق” کان ڪيو. 1983ع ۾ روزاني مهراڻ اخبار حيدرآباد جو ايڊيٽر مقرر ٿيو، اهو دور ملڪ ۾ جنرل ضيا الحق جي مارشل لا واري ڏاڍ جو هو، ان دور ۾ سندس صحافت وارو مزاحمتي ۽ عوامي ڪردار اڀري سامهون آيو. روزاني مهراڻ ۾ شمشير صاحب جي ڪالمن وارو سلسلو “ڀير تي ڏونڪو” تمام گهڻو مشهور ٿيو، جنهن مان سنڌ ۾ هلندڙ عوامي هلچل، جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ (ايم آر ڊي) کي تمام گهڻي سگهه ملي جنهن جي نتيجي ۾ شمشير صاحب کي مهراڻ اخبار جي ايڊيٽر جي عهدي تان هڪدم هٽايو ويو. 1989ع ۾ بيگم نصرت ڀٽو صاحبه طرفان شمشيرالحيدري کي روزاني هلال پاڪستان ڪراچي جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. ان کان علاوه ساڻيهه ڊائيجسٽ، پارس، روزاني خلق، هفتيوار اعلان حق، ۽ ٻين ڪيترين اخبارن ۽ رسالن جو ايڊيٽر پڻ رهيو. هو پنهنجي حياتي جي آخري ڏينهن ۾ روزاني مومل ڪراچي جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ اداري جي سرواڻي ڪندو رهيو.

سنڌي قوم ۾سماجي سجاڳي ۽ تعليم يافته ماڻهن ۾ سماج سڌارڪ فڪر ۽ احساس ۽ ايڪتا پيدا ڪرڻ ۾ سنڌ گريجويٽس ايسوسيئيشن ۽ سنڌي ادبي سنگت جو تمام وڏو ۽ تاريخي ڪردار آهي ۽ انهن ٻنهي تنظيمن جي جوڙجڪ ۽ هلچل ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندڙ شمشيرالحيدري ئي آهي، هو سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جو باني، پهريون ۽ بنيادي ميمبر هو، سندس ميزباني ۾ سگا جي ٻين بانين ۾ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، سائين بخش عباسي جي ساٿ سان 22فيبروري 1971ع تي ڪيفي نيويارڪ ڪراچي (هاڻوڪي ايٽريم مال صدر ڪراچي سامهون واقع هوٽل) ۾ڪوٺايل گڏجاڻي ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي نالي سان سماجي جماعت ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان بعد 6 اپريل 1971ع تي ساڳي جا تي ٻيو بنيادي نوعيت جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سگا جي پهرين تنظيم سازي ڪئي وئي ۽ شمشيرالحيدري کي عبوري تنظيم جو سيڪريٽري جنرل نامزد ڪيو ويو. 4 جون 1972ع ۾ سگا جون پهريون چونڊون ٿيون، جنهن ۾ بلال سيال صدر، شمشير الحيدري نائب صدر، ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جنرل سيڪريٽري، سائين بخش عباسي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ بخش علي لاکو فنانس سيڪريٽري چونڊيا ويا.

شمشير الحيدري جي سموري زندگي جو جائزو هن مختصر ۽ محدود تحرير ۾ بيان ڪرڻ يقينن ناممڪن آهي جو هو تمام وڏو ماڻهو ۽ انتهائي غير معمولي صلاحيتن ۽ ڏات وارو انسان هو. هو سدائين ڳنڍيندڙ ئي رهيو ۽ ڇنڻ مور نه سکيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button