شوبز

صرحا زيادتي ڪوشش ڪيس جي پيروي نھ ڪئي، جوابدار آزاد

پاڪستاني اداڪارا صرحا اصغر پاڻ سان مبينا طور ٿيل زيادتي جي ڪوشش واري ڪيس جي پيروي نھ ڪئي آهي، جنهن تي جوابدار آزاد ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق صرحا اصغر ۽ ان جي مڙس عمر مرتصيٰ عاصم نالي جوابدار خلاف زيادتي جي ڪوشش جو ڪيس داخل ڪرايو هو، پر ڪيس جي پيروي نھ ڪئي. پوليس جو چوڻ آهي تھ متاثر عورت پاران جوابدار عاصم کي حوالي ڪرڻ بعد ان کي عدالت ۾ پيش ڪيو، صرحا يا سندس مڙس سڏائڻ تي بھ نھ ٿيا، نھ شاهد طور پاڙي جو ڪو ماڻهو آندو، جڏهن تھ جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي تھ واقعي جي الزام هيٺ آيل جوابدار صرحا جو پاڙيسري آهي، جيڪو ڪيس جي پيروي نھ ٿيڻ تي آزاد ٿي ويو آهي. ياد رهي تھ صرحا اصغر زيادتي جي ڪوشش جو واقعو پهرين آگسٽ تي پيش اچڻ ڄاڻايو هو. هوڏانهن صرحا اصغر صحافين تي ڪاوڙ ڏيکاريندي چيو آهي تھ صحافين انٽرويو لاءِ رابطا ڪن، چنل ريٽنگ جي نيت سان ائين ڪرڻ بند ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button