شوبز

ڊراما هيرو ۽ هيروئن جي وچ ۾ ڦاسي پيا آهن: اداڪارائون

پاڪستان جي ڊرامن جي پهرين صف وارين اداڪارائن ماهرا خان، يمنا زيدي، سحر خان، بشرا انصاري، مرينا خان، هما نواب، زينب قيوم ۽ ٻِين چيو آهي تھ اسان جي ڊراما انڊسٽري يا ڊراما هيرو ۽ هيروئن جي وچ ۾ ڦاسي پيا آهن، انهن ۾ بهتري جي تمام گهڻي ضرورت آهي. ماهرا خان جي ڊجيٽل پليٽ فارم ميشن ۾ ڳالهائيندي پهرين صف جي اداڪارائن ڊرامن جي منظرنگاري توڙي اسڪرپٽ تي پڻ کليل نموني رايا ڏنا آهن. سحر خان جو چوڻ هو تھ منهنجي خيال ۾ ڊرامن ۾ شعود ڏيڻ واريون ڪهاڻيون ڏيڻ گهرجن، اسين ماڻهن کي انهن جي ڏسڻ جي شئي نھ پيا ڏيون تھ ڪيئن ڏسندا. ماهرا خان چيو تھ ساٿي اداڪارن جڏهن مون تي چٿرون ڪيون تھ ڏک ٿيو، پر وري انهن ئي جي ساراهه اتساهه ڏنو. يمنا زيدي چيو تھ وهاج سان ڪم ڪرڻ اتفاق هو، پر ڪيمسٽري ماڻهن کي وڻي وئي، هن چيو تھ هڪ ڊرامي ۾ مخصوص سين ڪيو تھ سمجهيو ڪجهه ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button