وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي چوٽي جي فلمي ستارن کي هيلٿ انشورنس ڪارڊ ۽ فن جي مڃتا طور آئيڪون ايوارڊ ڏئي ڇڏيا آهن. لاهور ۾ گورنر هائوس پنجاب ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ وزيراعظم ريڊيو پاڪستان ايپ آواز خزانا جو افتتاح بھ ڪيو آهي. تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف فني خدمتن جي مڃتا طور ميرا، ريشم، فواد خان، بشرا انصاري، سلطانا صديقي، عثمان پيرزادو، غلام محي الدين، سنگيتا، همايون سعيد، بلال لاشاري، خلاد عباس ڊار ۽ ٻين کي آئيڪون ايوارڊ ڏنا.
جڏهن تھ شمع ممتاز، سليم حيدر، بشرا صادق، اسد عباس، استاد جعفر حسين ۽ ٻين کي هيلٿ انشورنس ڪارڊ ڏنا ويا. هوڏانهن تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو تھ فلم انڊسٽري جي بحالي لاءِ ڪاميٽي ٺاهي وڃي ۽ سوچڻ گهرجي تھ ڪهڙي نموني سان پنهنجو وڃايل مقام واپس ملندو. هن چيو تھُ وحيد مراد، شبنم، زيبا، مصطفيٰ قريشي، محمد علي، منور ظريف، معين اختر، عمر شريف ۽ ٻين فن جي خدمت ڪئي ۽ مان ماڻيو
. هن چيو تھ مون کي ياد آهي تھ اسين خوبصورت فلمون ۽ ڊراما ڏسندا هئاسين، ثقافت سماج جو حسن هوندو آهي، پر بدقسمتي سان فلمون نھ هجڻ برابر ٺهڻ سبب سينيما شادي هالن ۾ تبديل ٿي ويا آهن.