ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ اغُوا ۽ قتل جون وارداتون

Editorial

سنڌ ۾ اغُوائن ۽ قتل جي وارداتن جي ڪري نه رڳو سنڌ جو امن امان داءُ تي لڳي ويو آهي پر هر شهري خوف ۾ ورتل زندگي گذاري رهيو آهي. جنهنڪري سنڌ جي امن امان تي سوال اٿي رهيا آهن. هر ڏينهن تي ڪٿي نه ڪٿي اغوائن ۽ قتل جا واقعا ٿيندا رهندا آهن، جن کي منهن ڏيڻ ڄڻ ته پوليس جي وس ۾ ڪونه رهيو آهي. پر ڇا عوام کي رڳو اغُوا ڪارن ۽ قاتل جي رحم ڪرم تي ڇڏي سگهجي ٿو. جڏهن ته پوليس جو فرض ئي عوام جي حفاظت ڪرڻ هوندو آهي.
ڪرمپور ويجهو انڊس هاءِ وي تي بنگلاڻي لاڙي وٽ ڌاڙيلن مزدا گاڏي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، گاڏي نه بيهارڻ تي هٿياربندن سڌي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ مزدا ڊرائيور سميت 3 ڄڻا موقعي تي ئي قتل ٿي ويا. جنهن کان پوءِ هٿياربند ٻن ڄڻن محمد حسين ۽ احمد کي اغوا ڪرڻ بعد فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. فائرنگ ۾ علي خان بگٽي، بهادر خان ۽ عبدالواحد ٿڏي تي مارجي ويا. اطلاع تي پوليس پهچي مارجي ويلن جا لاش شڪارپور اسپتال منتقل ڪيا ويا. ان موقعي تي وارثن 3 ڄڻن جي قتل ۽ ٻن ڄڻن جي اغوا خلاف ڪرمپور ويجهو انڊس ها وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ٻئي پاسي ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد انڊس ھاءِ وي قمبراڻي لاڙو تي ڏوھاري ھٿياربندن پيٽرول پمپ تي ڪاهه ڪري ڊيوٽي ڪندر منشي وحيد ملڪ کي اغوا ڪري کڻي ويا مزاحمت ڪرڻ تي عابد قمبراڻيءَ کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا. واقعي جي اطلاع تي پوليس نفري واقعي واري ھنڌ پھچي ڏوھارين جو پيڇو ڪيو پر ڏوھاري فرار ٿي ويا. واقعي خلاف ملڪـ ۽ قمبراڻي برادري جي ماڻھن قمبراڻي لاڙو تي ٽائر ساڙي سنڌ کان ٻين صوبن ڏي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ جو روڊ تي احتجاجي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ دانهيندي چيو ته وحيد ملڪ کي بازياب ڪريو وڃي، شهر ۾ بدامني وڌي وئي آهي، پوليس شهرين جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. اغوا ٿيل منشي عبدالوحيد ملڪ کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي. هنن چيو ته امن امان خراب ھجڻ ڪري عوام خوف ۾ زندگي گذاري رهيو آهي. ان موقعي تي پوليس پهچي مظاهرين سان ڳالھيون ڪري جلد مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائيندي احتجاجي ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو. جڏهن ته غوثپور ويجهو به ٻه نوجوان اغوا ٿي ويا آهن.
سنڌ ۾ هاڻ ڪو اهڙو ضلعو ڪونهي، جتي اغُوا جا واقعا نه ٿيندا هجن. عجب ان ڳالهه تي آهي ته سنڌ ۾ پوليس جي هيتري نفري موجود آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا آهن انتظاميه آهي، ان هوندي به ماڻهو جي اغوا جو سلسلو هلندڙ آهي. ڇا پوليس کي اها ڄاڻ ناهي ته ان جي تر ۾ ڪهڙا ڪهڙا اغُوا ڪار آهن، جيڪي اغُوائن جي وارداتن ۾ ملوث آهن ۽ ڪهڙي ريت اهي سنڌ جو امن امان تباهه ڪري رهيا آهن. پر پوليس سنڌ ۾ ٿيندڙ اغُوائن تي خاموش تماشائي لڳي پئي آهي. جنهنڪري صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ ۾ جيڪي ماڻهو امن امان بگاڙي رهيا آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي ۽ کين قانون موجب سزائون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button