ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

باپ جو نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ

Editorial-Artilce-Allahbux Rathor

ملڪ ۾ نگران سيٽ اپ ٻنهي مک سياسي پارٽين، (ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ جي رضا خوشيءَ سان قائم نه ٿيڻ باوجود ٻنهي جماعتن کي يقين آهي ته هيءَ سيٽ اپ عمران خان لاءِ ڪو به نرم گوشو نه رکندو. انوارالحق ڪاڪڙ کي نگران وزير اعظم طور (ن) ليگ ۽ پ پ جي قيادت خوشيءَ سان قبول نه ڪيو آهي. طاقتور ڌر جي پرچي پهتي ۽ ان تي وزير اعظم ۽ ليڊر آف اپوزيشن کي اتفاق ڪرڻ مجبوري ٿي ويو. جيڪڏهن نگران وزير اعظم جي پالنا، اسٽيبلشمنٽ جي صفن ۾ ٿي آهي ته (ن) ليگ جي صدر شهباز شريف به کلي عام چئي ڇڏيو آهي ته هو گذريل 30 سالن کان اسٽيبلشمنٽ جي اکين جو تارو آهي، جنهن تي کيس فخر آهي. شهباز شريف جي ان بيان کي توڙي جو طنزيا قرار ڏنو پيو وڃي، ان جي باوجود (ن) ليگ جي صفن ۾، خاص ڪري نواز شريف ۽ مريم نواز جي حامين ۾ ڳڻتي جي لهر ضرور پيدا ڪئي آهي. ان سان گڏ شيخ رشيد جي اها ڳالهه ڄڻ درست ثابت ٿي آهي، جيڪا هو، حڪومت ۾ هوندي چوندو هو ته شهباز شريف ۽ هو هڪ ئي پارٽيءَ جا آهن، جنهن کي اسٽيبلشمنٽ سڏيو وڃي ٿو. جيڪڏهن سياسي ٽرمنالاجيءَ ۾ چئجي ته هي ٻئي شخص واڳ ڌڻي جي گيٽ نمبر چار جا گملا آهن ته غلط نه ٿيندو.
هن ملڪ ۾ شايد ئي ڪو سياستدان بچيو هجي، جنهن کي اسٽيبلشمنٽ جو وائرس نه لڳو هجي. پر ڪي ٿورا ويجها ۽ ڪي ٿورا پرڀرا نظر اچن ٿا. نئين نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي مقرريءَ تي سڀني کان وڏو اعتراض بي اين پي جي سربراهه اختر مينگل جو آهي. هن نواز شريف کي لکيل خط ۾ واضح طور ڄاڻايو آهي ته ميان صاحب توهان ماضي مان ڪوبه سبق حاصل نه ڪيو آهي.
انوارالحق ڪاڪڙ جي سياسي ڪيريئر کي ڏسجي ته هن جي ڪيڊٽ ڪاليج کان تربيت شروع ٿي آهي. بقول ڊاڪٽر عائشا صديقا جي ته هن جي ڊفينس ڪاليج ۾ تربيت ٿي، ان ڪري هن کي واڳ ڌڻين جو اهم ۽ اعتبار جوڳو مهرو سمجهيو وڃي ٿو. هن سياسي طور زهري جو ترجمان ٿيڻ کانپوءِ ان جا ئي پير ڪڍيا، ساڳئي انداز سان هو مينگل جو مخالف رهيو. باپ جو بنياد رکڻ کانپوءِ هن (ن) ليگ کي عاق ڪيو، ان کان اڳ هو پرويز مشرف جي تنظيم (ق) ليگ جو حصو رهيو. ان کانپوءِ هو قدوس بزنجو کي بلوچستان جي وڏي وزير طور کڻي آيا. ڪاڪڙ پهرين آزاد اميدوار ۽ ان کانپوءِ باپ جو سينيٽر آهي. هو ايندڙ مارچ 2024ع تائين سينيٽ جو ميمبر رهندو. صادق سنجراڻي،جيڪو، سينيٽ جو چيئرمين آهي، اهو ۽ ڪاڪڙ ساڳي گهٽ گهيڙ تان پاڻي پيئن ٿا. وري جيڪڏهن صادق سنجراڻي به وقتي صدر ٿي ويو ته ان سان هڪ طرف باپ جو سموري ملڪ تي ڪنٽرول ٿي ويندو ته ٻئي پاسي وري پي ٽي آءِ جي علامت عارف علوي جي پاسيري ٿيڻ سان عمران خان جي آخري اميد به ختم ٿي ويندي.
نيئن نگران سيٽ اپ لاءِ اهم ڳالهه هي هوندي ته واڳ ڌڻي يا اسٽيبلشمنٽ پوري طاقت سان گڏ ان جي پٺيان بيٺل هوندي. هو ماضي جي نگران وزير اعظمن کان وڌيڪ طاقتور هوندو. جيڪڏهن “راند جا قاعدا ۽ قانون” اڳ ئي طئي ٿيل آهن ته پوءِ (ن) ليگ توڙي پيپلز پارٽيءَ لاءِ مشڪل صورتحال نه هوندي، انهن کي کلي کيڏڻ جو موقعو ملندو. پ پ جا اهي اڳواڻ جن چيو ته انوارالحق ڪاڪڙ انهن جو اميدوار نه هو، پر ڪنهن ٻئي جاءِ کان ان جو نالو آيو هو، هاڻ اهي سڀ چوندا ته هي اسان جو گڏيل اميدوار هو. راجا رياض ان جي شروعات به ڪري ڇڏي آهي، هن ته کلي عام چيو ته انوارالحق ڪاڪڙ ان جو اميدوار هو. پر هي ڳالهه سڀ سمجهن ٿا ته هو ڪنهن جو اميدوار هو. سڀني کان اهم ڳالهه ته هي چونڊون ماضي جي مقابلي ۾ انتهائي اهميت لائق هونديون. هينئر واضح طور نظر اچي پيو ته پي ٽي آءِ جو ڪو به مستقبل نه هوندو. هي واڳ ڌڻين کي هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪرڻو آهي ته جن کي انهن جي آشيرواد حاصل ناهي، اهي اقتدار جي آربٽ ۾ داخل ٿي نٿا سگهن. هن ملڪ جو وڏو الميو ئي اهو آهي ته عوام جي ووٽ جي ڪابه عزت ناهي، جيڪڏهن کليل ميدان ۾ سڀني کي ٻانهن جو ٻل ڏيکارڻ جو موقعو ڏنو وڃي ته اتان ئي عوام جي مينڊيٽ جي احترام جي ڪهاڻي شروع ٿي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button