\توانائي مختلف شڪلين ۾ مادي جي هر صورت ۾ موجود آهي. مادي دنيا متوازن نظر اچي ٿي پر ان ۾ ڊِس آرڊرنيس انهيءَ کان وڌيڪ آهي. مادي جي ننڍڙي ننڍڙي ذرڙي ۾ پڻ تضاد موجود آهي. هر ترتيب ڏنل شڪل جو مڪئنزم ان جي مخصوص جُزي ۾ سمايل آهي. هڪڙي ائٽم جي اندر ان جي حرڪت، شڪل ۽ ٻين خاصيتن جو مڪئنزم ان جو مرڪز طئي ڪري ٿو. مادي جي انهن ائٽمن مان ماليڪيول جُڙن ٿا، ماليڪيول ملي وري ننڍڙا منظم آرگئنليز ٺاهين ٿا، جيڪي مخصوص ڪم ڪن ٿا ۽ وري انهن جي ملڻ سان جيوگهرڙا ٺهن ٿا. زندگيءَ جيوگهرڙي کان شروع ٿئي ٿي. هڪ جيوگهرڙي جي اندر مرڪز ٿئي ٿو، جيڪو دماغ جو ڪم ڪري ٿو ۽ سڄي جيوگهرڙي کي ڪنٽرول ڪري ٿو. جيئن ته زندگيءَ جا عمل جهڙوڪ جيوگهرڙي ۾ واڌ ويجهه ٿئي، چرپر ٿئي ٿي، پيداوار ٿئي ٿي ۽ مختلف ڪيميائي عمل ٿين ٿا، تنهنڪري جيوگهرڙو زندگيءَ جو بنيادي ايڪو ڪوٺيو وڃي ٿو. هڪ جيوگهرڙي وارا به جاندار آهن ۽ ٽرلينز جيوگهرڙا ملي به وڏا جاندار ٺاهين ٿا. انهن جي بناوٽ جون خاصيتون ۽ طريقا انهن جي جينيات genetics ۾ سمايل آهي. هڪ گهرڙي واري جانور جي شڪل ۽ بناوٽ جي ڊزائن ان جيوگهرڙي جي مرڪز ۾ جينيٽڪس جي اندر ڪوڊيڊ آهي. ائين گهڻ جيوگهرڙي وارن جاندارن ۾ پڻ ان جي هر هڪ گهرڙي جي مرڪز ۾ هڪجهڙي جينيٽڪ انفارميشن موجود هوندي آهي. ڌرتيءَ تي موجود سمورن جانورن جي جينيٽڪس گهڻي مقدار ۾ هڪ جهڙي آهي. چئنپينيز جي 98 سيڪڙُو ساڳي آهي. ارتقائي مرحلي ۾ مختلف حالتن جي ڪري جاندارن جي جينيٽڪس جي اندر ڪيتريون ئي تبديليون آيون، جن کي بائيولاجيءَ ۾ ميوٽيشن چئبو آهي. اهي ميوٽيشن اينديون رهنديون آهن. جيڪي هاڪاري به هونديون آهن ته ناڪاري به. جيئن ڪنهن ماڻهو جي هٿ ۾ هڪ واڌي آڱوٺو هجي ته اهو ڪم جو ناهي، اها هڪڙي ناڪاري ميوٽيشن آهي. جيئن باندر جي بند هٿ ۾ آڱرين جو جدا جدا ٿيڻ هاڪاري ميوٽيشن هئي. يعني جيڪي تبديليون جاندارن جي جبلت جي ڪري حالتن پٽاندر انهن جي فائدي وچان هونديون آهن، سي نئين نسل ۾ منتقل ٿينديون آهن، فطرت غيرضروري شيءَ سان پاڻ ڪونه ٺهي، ويڪيوم سان نفرت آهي. جيڪي تبديليون غيرضروري آهن، جيڪي عضوا غيرضروري آهن، اهي وقت سان پنهنجو پاڻ ختم ٿي ٿا وڃن ۽ ضرورت پنهنجي پسند جي شيءَ ايجاد ڪري وٺي ٿي. ائين ڪيترائي گروه species جيڪي حالتن کي منهن نه ڏئي سگهيا تن نيٺ موت کي منهن ڏنو ۽ ڌرتيءَ تي باقي نه رهيا. اڄ به ڪيئي جنسون جياپي ۽ بقا جي جنگ وڙهي رهيون آهن.
ڳالھه اها ناهي ته انسان سڀني کان مٿانهون آهي، ڳالهھ انهيءَ اتفاق جي آهي ته ارتقائي عمل جي اندر انسان جي حصي ۾ اهي خاصيتون ۽ تبديليون آيون آهن، جنهن کي استعمال ڪري ٻين سڀني جانورن جي خاصيتن کي اپنائي سگهڻ جي صلاحيت ۽ وسيلا رکي ٿو. اهڙِي ريت جانورِ انسان ٻي سموري فطرت جي محتاج، جاندار دنيا کي پاڻ محتاج بڻائي ڇڏيو آهي. سائينو بئڪٽيريا کان هومو سيپينس ۽ سُپر هيومن تائين جي سفر ۾ حواسن sensness کان انساني شعور consciousness تائين ارتقا ڪئي آهي.
مثال طور ٿورو گهرائيءَ سان ڏسجي ته خيال جي پنهنجي فريڪوئنسي هوندي آهي، يعني توانائيءَ هوندي آهي. سٺي سوچ سان ماڻهو پاڻ کي سهڻو بڻائي سگهي ٿو، منفي سوچن سان ماڻهو پاڻ کي ختم ڪري سگهي ٿو. سوچن سان جذبات ۽ احساس متاثر ٿين ٿا. فريڪئنسيز تبديل ٿين ٿيون، پنهنجي ذهن جي توانائي کي ڪنٽرول ڪري ماڻهو شين تي به ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو. يعني هڪ لحاظ سان خيال به توانائيءَ جي صورت آهي. آواز ۾ فريڪئنسي آهي، توانائي آهي. سُر ۽ آواز فريڪئسيز ذريعي شيشا ٽوڙي سگهن ٿا.
توانائي ۽ فريڪئنسيز جي ڪري مادي جسمن جي اندر عمل ۽ فنامنا ٿين پيون. بي جان جسمن ۾ ائٽمز ۽ پارٽيڪلز جي اندر توانائيءَ جي ڪري حرڪت موجود آهي. جاندارن جي اندر رسيپٽر آهن جيڪي جسم جي اندر يا ٻاهر تبديليءَ کي سڃاڻين ٿا. ان جو ميسيج پنهنجي مرڪز کي پهچائين ٿا ۽ انهيءَ جو مرڪز فيصلو يا ريسپانس ڏئي ٿو. اها فنامنا فيڊ بئڪ مڪئنزم آهي. توانائي ۽ فريڪئنسيز جي ڪري مادي جسمن جي اندر عمل ۽ فنامنا ٿين پيون. بي جان جسمن ۾ ائٽمز ۽ پارٽيڪلز جي اندر توانائيءَ جي ڪري حرڪت موجود آهي. جاندارن جي اندر رسيپٽر آهن جيڪي جسم جي اندر يا ٻاهر تبديلي کي سڃاڻين ٿا، ان جو پيغام پنهنجي مرڪز کي پهچائين ٿا ۽ انهيءَ جو مرڪز فيصلو يا ريسپانس ڏئي ٿو. (هلندڙ)