پاڪستاني ڳائڻي ۽ اداڪارا نتاشا بيگ انڪشاف ڪيو آهي تھ ماڻهو مون اڪثر ڪري چيني شهري سمجهي مخاطب ٿيندا آهن. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن ٻڌايو تھ مان پنهنجي چهري جي بناوٽ سبب مشڪلاتن جو شڪار رهندي آهيان، تنهنڪري مون کي اڪثري ڪري تعارف ۾ ٻڌائڻو پوندو آهي تھ مان پاڪستاني آهيان. هن چيو تھ بازار ۾ هڪ شاپنگ سينٽر ۾ خريداري دوران هڪ عورت پنهنجي روئندڙ ڌيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو تھ هو ڏس چيني عورت بيٺي آهي ۽ مون کي ڏسندي ان ڇوڪري روئڻ بند ڪري ڇڏيو. هن چيو تھ مان دلچسپ موضوع بڻجي ويندا آهيان، ڇوتھ شايد چهري مان پرڏيهي لڳان ٿي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close