هن وقت انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سوشل ميڊيا جي ڦهلجڻ سان هر ماڻهو موبائل کي اڳيان آڻي هر وقت پيو ڳالهائيندو آهي. ان وقت هو پاڻ کي صحافت جي ذمري ۾ آڻڻ لا جتن به پيو ڪندو آهي. جنهن جو صحافت سان پري پري تائين واسطو به نه هوندو آهي. اهو شخص پو سماج ۾ بندش پيل شين کي وائکو نه ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڀتاخوري به پيو ڪندو آهي. پوليس جيڪڏهن اڳ ۾ ان ڌنڌي ۾ ملوث هوندي آهي ته پو پوليس کي به پيو ڪندو آهي. هن وقت صحافت جي نالي تي اڀري آيل ماڻهن ۾ گهڻائي ڏٺي وئي آهي. جيڪي اصل ۾ صحافي آهن ئي ڪونه، اهي اصل عامل صحافين کي ختم ڪرڻ لا به آندا ويندا آهن. چيو ويندو آهي ته صحافت سولي ٿي وئي آهي. جيتوڻيڪ هن وقت صحافي سولي نه پر وڌيڪ ڏکي ٿي آهي. پاڪستان صحافت جي حوالي سان وڌيڪ ڏکيو ملڪ رهيو آهي. جتي صحافين قربانيون به ڏنيون آهن. ساڳئي وقت صحافين کي ذاتي دشمني جي آڙ ۾ نشانو بڻائي قتل ڪيو ويندو رهيو آهي.
تازو سکر ۾ سينيئر صحافي جان محمد مهر کي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي. جنهن جي قتل ڪيس ۾ پوليس ڪجهه گرفتاريون به ڪيون آهن. سکر سميت اتر سنڌ ۾ صحافت گهڻي مشڪل رهي آهي. جان محمد مهر انهن صحافين منجهان هو، جنهن وٽ خبرن جو منفرد جهان هوندو هو. اتر سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو راڄ رهيو آهي. ڌاڙيلن تي ڊاڪيومينٽريز به هن ٺاهيون هيون. هو صحافت دوران ڪيترن ماڻهن جو ڀرجهلو به بڻيو هوندو. هن بينظير جي شهادت وقت ڪراچي ۾ پنهنجي ٽي وي لا خاص رپورٽر طور ڪوريج ڪئي هئي. هڪ ڀيري ٻٻرلو با پاس وٽ هڪ ڪوچ مان ڦر دوران جڏهن ته ڌاڙيوالن مسافرن کي يرغمال بڻايو هو ته ڳالهين لا ڌاڙيلن پوليس هٿان مارجڻ جي خوف کان جان محمد مهر کي وچ ۾ آڻي پنهنجي گرفتاري پيش ڪئي هئي. اهو به اعتماد ڌاڙيلن پوليس بدران صحافي جان محمد مهر تي ئي ڪيو هو. هن جيلن جي قيدين جي ڪٿا عوام کي ٻڌائڻ لا ڊاڪٽيومينٽريز ٺاهيون هيون. هن سکر بئراج ۽ ساڌ ٻيلي تي به ڀلوڙ اسٽوري ٺاهي هئي.
ڪوٽڙي جي پورهيت کي ايس ايس پي چوڌري اسلم ڌاڙيل ڏيکاري جڏهن ماريو هو ته ميڊيا ۾ اهو ڪيس به جان محمد مهر ئي کڻي ها لائيٽ ڪيو هو. جنهن ۾ اصل ڌاڙيل معشوق بروهي جان محمد مهر کي فون ڪري ٻڌايو هو ته آئون حيات آهيان پوليس منهنجي بدران هڪ فيڪٽري جي پورهيت کي لياري ۾ مقابلو ڏيکاري ماريو آهي. جنهن بعد چوڌري اسلم ۽ اهلڪارن کي سزا به آئي هئي. انڪري صحافي پنهنجي اک ۽ نقطي نظَر سان پنهنجي ساک کي برقرار رکندي وسيع تعلقات به ٺاهيندا آهن. اهڙي ساک واري صحافي قتل ٿي وڃي ته پو ان صحافت لا وڏو نقصان به هوندو آهي. انڪري رياست ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا صحافين کي تحفظ ڏين پر هتي رياست ۽ ادارا صحافين کي ڪوبه تحفظ نٿا ڏين. تحفظ بدران صحافتي ادارن ۽ تنظيمن کي پئسا ئي ڏيندا آهن. پو اهو پئسو به صحافين جي زندگي کي بچائڻ يا تحفظ لا خرچ نه ٿيندو آهي، ان پئسن جي ريل پيل جي ڪري اسان صحافين جي نالي تي ڪيتريون ئي تنظيمون وجود ۾ اچي چڪيون آهن.
هڪ چوڻي هتي مشهور رهي آهي ته اڳ ۾ صحافت امير ۽ صحافي غريب هوندو هو. هاڻي ڏسجي ٿو ته ڪجهه صحافي امير ۽ صحافت غريب ٿي وئي آهي. جيڪو ڪم رياست ادارن کي ڪرڻ گهرجي. اهڙا سماجي ڪم صحافي ڪري رهيا هوندا آهن. جيڪو ڪم صحافي جو هوندو به ناهي. سنڌ ۾ انيڪ اسٽوريز تي اڃا به ڪم ڪري سگهجي ٿو. صحافي ڪنهن به لقا کي ڏيکاريندو آهي، ڪا شئي پيدا نه ڪندو آهي. سچ سميت ڪا به شئي موجود هوندي آهي. هو ان کي اڳيان آڻي پنهنجي انداز سان نروار ڪندو آهي. ڪنهن متاثر ماڻهو جو ڪيس صحافي رکي ته پو اهو ماڻهو انصاف به ماڻي سگهندو آهي. ڪراچي يا ٻئي وڏي شهر ۾ رهندڙ اسان جي ننڍن تڪن جا چونڊيل نمائندا اتي ئي رهن ٿا. جن تائين عوام جي رسائي نه هوندي آهي پر صحافين جي اسيمبلين يا ٻين فورمن تي رسائي ضرور هوندي آهي. اهي خراب حالتن تي اتي پيا رڳو ڪن مهٽ ڪن ته سنڌ جي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ وڏا سڌارا اچي سگهن ٿا، پر شرط اهو آهي ته صحافي کي پنهنجا مفاد ۽ خواهشون ختم ڪرڻيون پونديون. رڳو سوال ئي رکڻا پوندا. پو اهي سوال يقينن حڪمرانن ۽ سياستدانن جو سدائين لا پيڇو ڪندا رهندا.