ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اٽو مهانگو

Editorial

سنڌ هائيِڪورٽ فلور ملز پاران ڪڻڪ جي چرپر تي پابندي جي خلاف درخواست تي ايندڙ شنوائي تي خوراڪ واري سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر فوڊ اٿارٽي کي گهرائي ورتو آهي. سنڌ هائيڪورٽ ۾ فلور ملز پاران ڪڻڪ جي چرپر تي پابندي خلاف درخواست جي شنوائي ٿي. فلور ملز جي وڪيل موقف ڏنو ته اسان کي ڪڻڪ جي خريداري لاءِ به اجازت جي ضرورت هوندي آهي، اسان کي ضرورت مطابق ڪڻڪ خريد ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي، ڪڻڪ جي چرپر تي پابندي لاءِ سنڌ ڪابينا کان منظوري نه ورتي وئي آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ڪراچي ۾ استعمال ٿيندڙ ڪڻڪ شهر کان ٻاهران اچي ٿي، اوهان ماڻهو ڇا چاهيو ٿا ته هتي ماني 50 رپين ۾ ملي، هي هڪ وڏو مسئلو آهي، ايندڙ شنوائي تي آفيسر پيش ٿي ان جو جواب ڏين، لاڙڪاڻي مان هلندڙ ڪڻڪ جي ٽرڪ افغانستان به وڃي سگهي ٿي، ان کي روڪڻ لاءِ ئي قانون ٺاهيا وڃن ٿا. عدالت ايندڙ شنوائي تي خوراڪ واري سيڪريٽري ۽ فوڊ اٿارٽي واري ڊائريڪٽر کي گهرائي ورتو ۽ شنوائي سومر ڏينهن 12 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ٻئي طرف يوٽيليٽي اسٽورن تي اٽي جو اگهه اڃا وڌي ويو ۽ 10 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1420 رپين جو ٿي ويو آهي. يوٽيليٽي اسٽورن تي وزيراعظم رليف پيڪيج تحت سبسڊي ختم ڪرڻ جا اثر سامهون اچي ويا آهن، يوٽيليٽي اسٽورز انتظاميه طرفان عام صارفين لاءِ اٽي جي نئين قيمت مقرر ڪئي وئي آهي. هاڻ عام صارفين لاءِ 772 رپين ۾ ملندڙ 10 ڪلو اٽو 1420 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1296 رپين مان وڌي 2840 رپين جو ٿي ويو آهي.
جيڪا ڪسر “چونڊيل حڪومتون” ڇڏي ويون، اها وري نگران حڪومت ڪڍڻ جي واٽ تي هلي پئي آهي. عام ماڻهو اٽي لپ لا پريشان آهي ۽ حڪمرانن جي ڪنن تي جون به نٿي چري. ڪنهن به احساس ناهي ته عام ماڻهو ن ويلن جي ماني جو ڪيئن بندوبست ڪندو هوندو. اسان سمجهون ٿا ته عام لا جيئڻ جا سمورا رستا بند ڪيا پيا وڃن. سوال اهو آهي ته حڪمران ڇا پيا ڪن.
صورتحال بنهه چٽي آهي ته عوام لاءِ ڪي به آسانيون پيدا نه پيون ڪيون وڃن. مهانگائي ئي عوام جو وڏي ۾ وڏو مسئلو آهي، جيڪو ختم ٿيڻ جو نالو نه پيو وٺي. نه رڳو اٽو پر هر شئي مهانگي ٿي وئي آهي، حڪمرانن عوام کي ذهني طور مفلوج ڪرڻ جي مڪمل تياري ڪري ورتي آهي، ڇا ڇا مهانگو نه ڪيو ويو آهي، ڊالر مهانگو، بجلي مهانگي، گيس مهانگي، تيل مهانگو، ڀاڄيون مهانگيون، ڪپڙا لٽا سڀ ڪجهه مهانگو ٿي ويو آهي. مهانگائي ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي ۽ عام ماڻهو جو جيئڻ جنجال ٿيندو پيو وڃي. عوام جا اهنج گهٽجڻ بدران انهن ۾ بدترين واڌ اچي رهي آهي. عوام اڄ به سستي اٽي لپ لاءِ پريشان آهي. 15 هزار ڪمائيندڙ هڪ ماڻهو پريشان آهي ته هو انهن ڏوڪڙن مان گذرسفر ڪيئن ڪري؟ اسان سمجهون ٿا ته مهانگائي عوام لا عذاب بڻجي وئي آهي، جنهن جو خاتمو اچڻ گهرجي. عوام کي رليف ملڻ گهرجي. اٽو سستو ٿيڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button