شوبز

راکي ساونت نشو ڏئي وڊيوز ٺاهيون ۽ بليڪ ميل ڪيو: عادل خان

ڀارتي اداڪارا راکي ساونت جي اڳوڻي مڙس عادل خان انڪشاف ڪيو آهي تھ راکي ساونت مون کي نشو ڏئي وڊيوز ٺاهيون ۽ انهن جي ذريعي بليڪ ميل بھ ڪيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي عادل خان ٻڌايو تھ راکي ساونت پاران مون تي نشو ڪرڻ ۽ تشدد وارا الزام هٿ جا ٺاهيا ويا ۽ سازش ڪري مون کي ڦاسايو ويو. هن چيو تھ راکي رتيش سان شادي پيسن لاءِ ڪرڻ جو اعتراف ڪيو، مون کي چيائين تھ هاڻ سڌرڻ چاهيان ٿي، مٿس اعتبار ڪيو، پر هن رتيش کان طلاق بھ ناهي ورتي ۽ مون سان ڪوڙ ڳالهايو آهي. هن چيو تھ راکي جا رتيش سان اڄ بھ تعلقات آهن، ان کان طلاق واري سندس دعوا بھ ڪوڙي نڪتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button