شوبز

ڪيريئر جي شروع ۾ خراب عورت سمجهيو ويو هو: سشميتا سين

بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ۽ ويب سيريز تالي ۾ ٽين جنس جي ڪردار ۾ ماڻهن کي موهيندڙ سشميتا سين جو چوڻ آهي تھ شوبز دنيا ۾ شروع ڪيل ڪيريئر جي شروعات ۾ مون کي خراب عورت سمجهيو ويو هو ۽ ماڻهن تي خراب اثر وجهندڙ عورت سمجهي ٻارن کي مون کان پري رکيو ويندو هو. هن چيو تھ ماڻهو منهنجي پاڇي کان ٻارن کي بچائڻ لاءِ منصوبا ٺاهي انهن کي پري ڪندا هئا، جنهن سبب تڪليف بھ ٿيندي هئي، پر 1990ع ۾ ماڻهو باشعور نھ هئا ۽ سماج ۾ سوچ محدود هئي، ان لاءِ خاموش رهيس ۽ ڪم جاري رکيو. هن چيو تھ ڪوشش ڪئي ويندي هئي تھ ماڻهن جي سامهون نھ اچان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button