پنجاب ۾ اسٽيج تي ٿيندڙ ڊرامن دوران بولڊ اشارا ڪندڙ 18 ناچڻين تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق پنجاب آرٽس ڪائونسل جي سفارش تحت ثقافت کاتي جي نگران وزير عامر مير جي هدايتن تي صوبائي گهرو کاتي ناچڻين کي شوڪاز جاري ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن تھ گهرو کاتي پاران جاري ڪيل شوڪاز ۾ ناچڻين کي وضاحت ۽ موقف ڏيڻ لاءِ هفتي جي مهلت ڏني، جيڪڏهن جواب تسلي جوڳو نھ هوندو تھ ناچڻين تي سڄي پنجاب ۾ پابندي لڳائي ويندي. هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائيندي نگران صوبائي وزير عامر مير جو چوڻ هو تھ ثقافتي ادارن ۾ بولڊ مجرن جي اجازت ناهي، ڊرامن جي بهاني نامناسب اشارا قبول ناهن، نامناسب اشارن ۽ ڊانس ڪندڙ اداڪارائڻ توڙي ناچڻين خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي، هاڻ ڪاروائي بھ ٿيندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close