ايوان صدر ۾ پيدا ٿيل صورتحال ملڪ جي مشڪل ۾ اضافو آڻي رهي آهي. دنيا ۾ اهڙا مثال تمام گهٽ آهن، جهڙو مثال هن ڀيري اسان جي ملڪ ۾ پيدا ٿيو آهي. ڇا اسان جو ملڪ ان ڪري وجود ۾ آيو هو ته جيئن هو دنيا لاءِ عجيب مثال پيش ڪري سگهي؟
پاڪستان جو عوام پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏڻ وارو عوام ثابت ٿيو آهي. ان حوالي سان سمجهڻ گهرجي ته هن وقت تائين جيڪو ڪجهه به منفي ٿيو، جنهن جي ڪري به پاڪستان جي مٿان حيرت يا افسوس جو حرف آيو آهي، ان ۾ پاڪستان جي عوام جو ڪو به ڪردار ناهي. دراصل هن ملڪ کي جنهن قسم جي سياست ملي آهي، ان ۾ اهو ڪجهه ئي ٿي سگهيو آهي، جيڪو هن مهل اسان کي آڏو آهي. هر ملڪ جي سياست ۾ منفي ۽ مثبت پهلو هوندا آهن. پاڪستان جي سياست ۾ هٿ وٺي منفيت جو مقدار وڌائڻ جي لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو ويو آهي؟ جڏهن به اسان پنهنجي ملڪ جي تاريخ پڙهون ٿا ته اسان کي قائد اعظم کان وٺي هن وقت تائين جيڪي به موڙ سوچ جو سامان فراهم ڪن ٿا، انهن ۾ تمام گهڻي تڪليف آهي. هن جو اهڙو حشر ڪرڻ لاءِ ڪنهن به دشمن جو ڪردار تلاش ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل آهي. ڇو ته جيڪڏهن اسان پاڪستان جيڏو وڏو ۽ تمام مضبوط ملڪ گذريل صديءَ جي ستين ڏهاڪي ۾ ٽٽندي ڏٺو هو ته ان ۾ اسان جي دشمنن جو هٿ نه هو پر اهي اسان جي حڪمرانن جون پاليسيون ۽ اسان جي سياستدانن جون غلطيون هيون، جن ملڪ کي ان پاسي آندو، جنهن پاسي سواءِ تباهيءَ ۽ برباديءَ جي ٻيو ڪجهه به نه هو. هر قوم غلطيون ڪندي آهي پر اهي غلطيون ان قوم کي سکڻ ۽ سوچڻ جو وقت به ميسر ڪنديون آهن. اسان دنيا جي انهن ٿورين قومن منجهان آهيون، جن پنهنجين غلطين مان نه سکڻ جو عزم ڪيو آهي.
ملڪ جي معاشي صورتحال ته اسان جي آڏو وڏي ذميواريءَ سان پيش ڪئي وڃي ٿي ۽ اسان کي هر مهيني ٻڌايو وڃي ٿو ته اسان جو ملڪ معاشي طور تي ڪهڙن مسئلن جو شڪار آهي؟ ان ذميواري نڀائڻ جو به مقصد اهو آهي ته جيئن عوام جي ڪلهن مٿان مهانگائيءَ جو بار وڌائي سگهجي. جنهن ملڪ جا حڪمران عوام جي تڪليف سبب عياشيون ڪن، ان ملڪ جي باري ۾ ڪير به اميد سان سوچي نه ٿو سگهي. ساڳي طرح سان جڏهن به سياسي سازشون ٿين ٿيون ته انهن جي مٿان وڏي چالاڪيءَ سان پردو وڌو وڃي ٿو. اهوئي سبب آهي ته هن مهل تائين ايوان صدر واري اسڪينڊل جي باري ۾ نه ته ڪا قابل اعتبار معلومات ملي سگهي آهي ۽ نه وري ان سلسلي ۾ اعليٰ سطحي انڪوائري مقرر ٿي آهي، جيڪا معلوم ڪري ته ايوان صدر ۾ آخر اهو ڇا ٿيو ۽ ڇو ٿيو؟ جنهن جي ڪري ملڪ ۾ تمام گهڻو ابهام پيدا ٿيو آهي.
دنيا جو ڪو به ملڪ ۽ معاشرو جڏهن مقرر اصولن کان انحرافي ڪري ٿو ان جو مقدر بگڙڻ لڳي ٿو. اسان جي لاءِ افسوس جو مقام اهو آهي ته اسان پنهنجي ملڪ ۽ معاشري کي مقرر اصولن تي هلائڻ کان معذور رهيا آهيون. ان ڪري اسان وٽ هر وقت ۽ هر ڀيري ڪا نه ڪا اهڙي صورت جنم وٺندي رهي آهي ۽ ڪو نه ڪو اهڙو مثال پيدا ٿيندو رهيو آهي، جنهن جو پڙلاءُ پوري دنيا ۾ گونجندو آهي ۽ پاڪستان جي لاءِ پيدا ٿيل عالمي صورتحال ۾ اڃان وڌيڪ شدت پيدا ٿي پوندي آهي. جڏهن به ڪنهن ملڪ ۾ اعتبار جو بحران پيدا ٿي پوي ته پوءِ هر قسم جو بحران پيدا ٿيڻ جا رستا کلي ويندا آهن. اسان وٽ هن وقت اهو ڪجهه ئي ته ٿي رهيو آهي.
ملڪ ۽ معاشرا صرف اعتبار جي بنياد تي قائم به ٿيندا آهن ۽ انهن جو وجود به اعتبار تي بيٺل هوندو آهي. جيڪڏهن اسان ايوان صدر ۾ پيش آيل واقعي کان وٺي راڻيپور ۾ هڪ معصوم ٻارڙيءَ سان ٿيل زيادتيءَ تائين مجموعي صورتحال جو جائزو وٺنداسين ته اسان کي اهو ڪجهه نظر ايندو. اسان کي صاف طور تي نظر ايندو ته هر هنڌ ۽ هر جاءِ تي اعتبار کي نقصان رسايو ويو آهي. هر مثال ۾ اسان کي معلوم ٿيندو ته اعتبار مٿان وار ڪيو ويو آهي. ڇو ته ايوان صدر ۾ به بقول محترم عارف علوي صاحب جي ته هن پنهنجي عملي کي هدايت ڪئي ته مذڪوره بل موڪليندڙن کي واپس ڪيو وڃي ۽ هن جي بقول کيس اهو يقين به ڏياريو ويو ته هن جي هدايت تي عمل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته اصل ۾ پنهنجي صاحب ۽ ملڪ جي ڪمانڊر ان چيف سان ڌوڪو ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته هن جي هدايت تي عمل ڪيو ويو آهي پر اصل ۾ ان تي ڪو به عمل نه ٿيو هو ۽ ان کي ايوان صدر ۾ ان ڪري رکيو ويو هو ته جيئن مخصوص وقت کان پوءِ صدر جي مرضي نه هجڻ جي باوجود به اهو قانون ملڪ ۾ رائج ٿي وڃي، جنهن سان ملڪ جو صدر متفق نه هو. هن وقت صدر جي رهڻ يا نه رهڻ جي باري ۾ جيڪو بحث هلي رهيو آهي، ان کان هٽي ڪري به اسان کي جيڪا صورتحال نظر اچي رهي آهي، ان ۾ افسوس جو پهلو تمام گهڻو آهي. ڇو ته اسان ان تي ڪهڙي ريت صبر جو مظاهرو پيش ڪري سگهون ٿا ته اسان جي ملڪ جي اعليٰ ادارن ۾ به اعتبار جو خون ڪيو وڃي ٿو.
اسلام آباد کان وٺي راڻيپور تائين اعتبار جي مٿان ٿيل وار سبب پيدا ٿيل پيڙا عام جام آهي. جهڙي ريت ايوان صدر ۾ اعتبار کي پهتل نقصان سبب هڪ تمام وڏو بحران پيدا ٿيو آهي، ساڳي طرح سان هڪ پير جي حويليءَ ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ اماڻيل نياڻيءَ جي مٿان جيڪو ڪجهه به ٿيو آهي ۽ معصوم فاطمه جنهن عبرتناڪ انجام جو شڪار ٿي هن مهل مٽيءَ جو هڪ ڍير بڻجي وئي آهي ته ان عمل ۾ به اسان کي اعتبار مٿان حملو نظر ايندو. فاطمه سان جيڪو ڪجهه به ٿيو، اهو اصل ۾ ان اعتبار سان ٿيو، جيڪو اعتبار فاطمه جي مٽن مائٽن کي ڏياريو ويو هو ته هن جي نياڻي نه صرف محفوظ رهندي پر مرشدن جي خدمت ڪري هوءَ پنهنجي ۽ پنهنجي والدين جي آخرت به بهتر ڪندي. جڏهن ته هن جو حال به تباهه ٿي ويو ۽ هن جي حوالي سان جيڪو معاملو هن مهل پوري سنڌ ۾ پيدا ٿيل آهي، ان کي ڏسي هر ڪو شرمسار ۽ افسوس جو شڪار آهي. اهو سڀ ڪجهه ڪنهن به صورت ۾ نه ٿئي ها، جيڪڏهن اسان جي ملڪ ۾ اعتبار مٿان حملا نه ٿين ها ۽ اسان اعتبار جو تحفظ ڪيون ها. جيڪڏهن اسان وٽ اعتبار جي حفاظت ڪئي وئي هجين ها ته اسان هن مهل ايترن بحرانن جي بار هيٺان دٻيل هرگز نه هجون ها.