شوبز

شبانه اعظمي پنهنجي نالي تي ٿيندڙ فراڊ بابت خبردار ڪري ڇڏيو

ممبئي: بالي ووڊ جي سينيئر اداڪاره شبانه اعظمي پنهنجي نالي تي فراڊ بابت خبردار ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي فلمن جي 72 ورهين جي اداڪاره شبانه اعظمي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته هڪ جعلساز منهنجو نالو استعمال ڪندي منهنجي دوستن ۽ مائٽن سان رابطو ڪري انهن کي ايپ اسٽور تان مختلف شيون خريد ڪرڻ لاءِ قائل ڪري رهيو آهي. دوکيباز ان حوالي سان منهنجي دوستن ۽ مائٽن کي ڪيترائي ميسيج موڪليا آهن. شبانه اعظمي وڌيڪ چيو ته هن سائبر ڪرائم ۾ فراڊ خلاف رپورٽ داخل ڪرائي آهي. سڀني دوستن، مائٽن ۽ مداحن کي گذارش آهي ته منهنجي نالي مان ايندڙ پيغامن تي بغير تصديق جي يقين نه ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button