ممبئي: بالي ووڊ اداڪارا اميشا پٽيل جو چوڻ آهي ته فلم “غدر” جي ڪاميابي کانپوءِ فلمساز سنجي ليلا ڀنسالي کيس رٽائرمينٽ وٺڻ لاءِ چيو هو. ڀارتي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ اداڪارا اميشا پٽيل چيو ته 2001ع جي سپر هٽ فلم غدر جي ڪاميابي کانپوءِ فلمساز سنجي ليلي ڀنسالي فلم ڏسڻ کانپوءِ مون کي خط لکيو، جنهن ۾ هن مون کي ريٽائرڊ ٿيڻ جو چيو هو. اميشا پٽيل موجب جڏهن مون سنجي ليلا ڀنسالي کان پڇيو ته هن ريٽائرمينٽ جو ڇو چيو ته هن چيو ته توهان 2 فلمن ۾ غير معمولي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ هر اها شيءِ جيڪا ماڻهو پنهنجي پوري ڪيريئر ۾ حاصل نه ڪري سگهيا آهن، هن جو اهو چوڻ منهنجي لاءِ تمام گهڻي خوشي جو لمحو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close