ڀارتي اداڪارا ۽ ڊانسر راکي ساونت تي سندس ذاتي دوست راج شري سنگين ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام هڻي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق راج شري نالي راکي ساونت جي ذاتي دوست ممبئي پوليس وٽ ڪيس داخل ڪرائي تحفظ بھ گهري ڇڏيو آهي. راج شري داخل ڪرايل ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو آهي تھ راکي ساونت مون بابت غيراخلاقي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جا الزام لڳايا آهن، جنهن سان زندگي کي خطرا لاڳو ٿي سگهن ٿا. هن پريس ڪانفرنس ڪندي انڪشاف ڪيو تھ راکي ساونت جي کاڌي پيتي کان سندس ڪار ۾ پيٽرول ڀرائڻ جا پيسا بھ مان ڏيندي آهيان، هن ڌمڪي ڏني آهي تھ مون خرچ بابت ڳالهايو تھ غلط الزام لڳائينديس.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close