ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياسي غيريقيني

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

ملڪ ۾ سياسي غيريقيني واري صورتحال کي هر بحران جو سبب سمجهيو پيو وڃي. پر سوال اهو آهي ته ڇا ملڪ ۾ هيءَ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو سياسي غيريقيني واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. جيڪڏهن گذريل 70 سالن جو رڪارڊ کڻي ڏسجي ته هيءَ ملڪ سدائين سياسي غيريقيني واري دور مان گذرندو رهيو آهي ۽ ان جو سبب اهي غيرسياسي قوتون آهن، جن کي سدائين لڳندو آهي ته سياستدان ملڪ جا مسئلا حل نٿا ڪري سگهن. ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي جيئن سياسي بحران شروع ٿيو آهي، اهو اڄ سوڌو جاري آهي.
ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ ڄاڻي واڻي سياسي استحڪام اچڻ ڪونه ڏنو ويو آهي. ظاهر آهي جڏهن سياسي استحڪام هوندو ته اهو ڪريڊٽ سياستدانن ڏانهن ويندو، اهي ملڪي پاليسيون ٺاهيندا، ملڪ کي جيڪي چئلينج هوندا انهن جو اهي سياسي حل ڳوليندا ۽ دنيا سان جيڪي به تڪرار هوندا، انهن جو نبيرو اهي ڳالهين وسيلي ڪندا، تنهنڪري غيرجمهوري قوتن جي شان ۽ دٻدٻو گهٽجي ويندو. اڄوڪي سياسي غيريقيني به ان ساڳي سياسي غيريقينيءَ جو تسلسل آهي، جيڪو پهرين ڏينهن کان وٺي هتي موجود هئي. قائد اعظم محمد علي جناح پاڻ هڪ غيرجمهوري ماڻهو هو، تنهنڪري هن پنهنجو پاڻ کي عوام جو چونڊيل نمائندو بڻجڻ بدران گورنر جنرل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ان قسم جو عهدو ڪنهن به ريت جمهوري عهدو نه هوندو آهي.
ملڪ وجود ۾ اچي ويو پر ان کي هلائڻ لاءِ آئين موجود ڪونه هو ۽ نه ئي ان جي ضرورت محسوس ڪئي وئي ته ترت آئين ٺاهيو وڃي. تنهنڪري 1935 وارو بدترين انڊين ايڪٽ ملڪ ۾ لاڳو ڪيو ويو. جنهن جي مخالفت ان وقت مسلم ليگ پاڻ ڪندي هئي. اها سدائين ان کي هڪ بدترين ايڪٽ ۽ عوام دشمن دستاويز قرار ڏيندي هئي پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اهو ايڪٽ هڪ مقدس ايڪٽ بڻجي ويو. پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ جيترو بدترين ڪردار پنجاب جو آهي اوترو ڪنهن ٻئي صوبي جو ڪونهي. ورهاڱي وقت پنجاب ۾ مسلم ليگ جو وجود ئي ڪونه هو، اتي مسلم ليگ کي ڪا لفٽ ڪونه هئي. پر جڏهن ملڪ ٺهي ويو ته پنجاب هتان جي اصلوڪين قومن جا نه رڳو حق غصب ڪيا پر ان آمريتن لاءِ رستو به هموار ڪيو ته جيئن هتي آباد اصلوڪين قومن کي ڪنڌ کڻي هلڻ جهڙُو نه ڪري سگهجي. نتيجي ۾ پنجاب اڄ به ٻين قومن جو استحصال ڪري رهيو آهي ۽ اهو استحصال هو ايندڙ وقت ۾ به جاري رکندو. ڇاڪاڻ ته پاڪستان ٺهڻ جو اصل کٽيو پنجاب ئي کاڌو آهي.
اڃا تائين پنجاب جو سياستدان اهو طئي نه ڪري سگهيو آهي ته ان کي آمريتن خلاف بيهڻو آهي ۽ هتي آباد اصلوڪين قومن کي حق ڏيارڻا آهن. پنجاب جي نفسيات سدائين ڌاڙي واري آهي. اهو سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي کان نٿو مڙي، اهو سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙي کان نٿو مڙي، اهو سنڌ جي آئيني حقن جي ڌاڙي کان نٿو مڙي. ان کي جيڪو جائز لڳي ٿو، اهو ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رهندو آهي. پر پنجاب ڪڏهن به اهو محسوس نه ڪيو آهي ته ان سڄي سياسي غيريقيني واري صورتحال ۾ اهو پنهنجو به نقصان ڪري رهيو آهي. تازو جڏهن اسٽيبلشمينٽ خلاف ماحول ٺهي آيو هو ۽ ان کي بيڪ فوٽ تي ڪرڻو هو ته هڪ ڀيرو وري مسلم ليگ نواز ۽ پيپلز پارٽي پنهنجا ڪلها آڇي ڇڏيا، جنهنڪري اها هڪ ڀيرو وري مضبوط ٿي وئي آهي. پنجاب جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي مسلم ليگ رڳو پنهنجن سياسي مفادن خاطر اسٽيبلشمينٽ مخالف ٿيندي آهي پر عوامي مفادن لاءِ ان جي مخالف ٿيڻ لاءِ تيار ڪونهي ۽ نه ئي عوام لاءِ ڪا ڊگهي ويڙهه ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
اڄ جيڪڏهن ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال بنهه گهڻي خراب آهي ته ان جو ذميوار ڪو ٻيو نه پر پنجاب آهي. جنهن سدائين پنهنجو پاڻ کي سکيو رکڻ لاءِ ٻين صوبن کي ڏکيو رکيو آهي. ان جي سياسي ۽ آئيني حقن کي نقصان ڏنو آهي. اهو پنهنجي اها روش بدلائڻ لاءِ تيار ڪونهي. پنجاب پنهنجي لاءِ سڀئي جمهوري حق استعمال ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر ڪنهن ٻئي صوبي کي جمهوري حق ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي. وڏو صوبو هجڻ ڪري پنجاب جيڪا سياسي بليڪ ميلنگ رهيو آهي، ان هن ملڪ کي تباهي ڪناري پهچائي ڇڏيو آهي. تنهنڪري هيءَ سياسي غيريقيني ان وقت تائين هلڻي آهي جيستائين هتي آباد اصلوڪين قومن کي انهن جا جمهوري ۽ آئيني حق نٿا ڏنا وڃن. ٺڳي ۽ دوکيبازيءَ جو خاتمو نٿو ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ رڳو هڪ صوبو پنجاب ڪونهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button