ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ماحول ۽ پکي

Editorial-Article- Rauf Nizamani

گرمي پد وڌڻ ۽ موسم جي تبديلي انسان، وڻن ٻوٽن، ٻي جيوت ۽ سڄي ماحول کي متاثر ڪيو آهي. دنيا جي گھڻن علائقن مان پکين، جانورن ۽ ٻوٽن جا گھڻا قسم غائب ٿي ويا آهن. گھڻا پکي ۽ جانور ٻين سازگار ماحول وارن علائقن ڏانهن هليا ويا آهن. ماڻهو جيڪڏهن ٿورو ڌيان ڏئي ته اها صورتحال پنهنجي چوڌاري ماحول ۾ پڻ محسوس ڪري سگھي ٿو.
گلشن حديد شهر جي دونهن، مٽي ۽ گدلاڻ کان پري هڪ ساوڪ وارو صاف سٿرو علائقو سمجهيو ويندو هو، جتي ماڻهو فطرت جي سونهن کي پسي سگھندو هو ۽ صبح سوير پکين جي لات ٻڌي وڻن، ٻوٽن جي تازگيءَ سان پنهنجي اکين ۽ من کي تازگي بخشيندو هو.
مون کي هتي رهندي پنجويهه سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي. خاص طور ماحول جي حوالي سان صورتحال ساڳي نه رهي آهي. جھرڪين جو گھر ۾ اچڻ ۽ اتي مختلف جاين تي پنهنجا آکيرا ٺاهڻ گھڻي عرصي کان هڪ معمول رهندو آيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو هو ته جھرڪيءَ جو ڪو ٻچو آکيري مان ڪري پوندو هو يا ڪا جھرڪي ڦٽجي پوندي هئي ته گھر جا ننڍا ٻار ان جي سار سنڀال پيا ڪندا هئا. سڄو ڏينهن ان جو پاسو جھليو ويٺا هوندا هئا. ان کي داڻو پيا ڏيندا ۽ پاڻي پيا پياريندا، جيسين اهو ٺيڪ ٿي اڏامي وڃي ۽ يا وري مري وڃي جنهن تي ٻار خاص طور افسوس ۾ وٺجي ويندا هئا. تازو ئي منهنجو ننڍو پوٽو اهڙي هڪ جھرڪيءَ جي ٻچي جي ڪيترن ڏينهن تائين سنڀال ڪندو رهيو پر نيٺ اهو مري ويو.
آئون شام جو ڪجهھ دير لاءِ گھر جي ٻاهر ويهندو آهيان. ماڻهن سان سلام دعا ۽ پاڙي جو حال احوال ملندو آهي. سال کن اڳ مون هتي نوريئڙي کي وڻن تي چڙهندي لهندي ڏٺو. آئون گھڻي دير تائين ان کي خوشي گاڏڙ حيرت سان ڏسندو رهيو هئس. نوريئڙو مون کي گلشن حديد پارڪ وٽ به هڪ ٻه ڀيرا نظر آيو هو.
ڪجھه ڏينهن کان آئون اها ڳالهه محسوس ڪري رهيو آهيان ته صورتحال اها ساڳي نه رهي آهي. هتي هونئن جيڪي پکي نطر ايندا هئا، انهن ۾ جھرڪيون، ڪٻر،ِ ڪارا ڪبوتر ۽ ڪانءُ وغيره وڏي انگ ۾ نظر ايندا هئا. انهن پکين جي سرگرمي صبح کان شروع ٿيندي هئي ۽ سج لٿي تائين پئي هلندي هئي. هن وقت خاص طور جھرڪين جي اها سرگرمي نه رهي آهي، ڪبوتر ۽ ڪٻر به گھٽ ئي نظر اچن ٿا. گھر جيڪو انهن پکين جي آوازن سان پيو گونجندو هو هن وقت ڄڻ ماٺ لڳي پئي آهي. سڄي ماحول تي ڄڻ ڪانگن جو راڄ آهي. پکين لاءِ جيڪو کاڌو پاڻي رکجي ٿو اهو به ٻين پکين کي پاسيرو ڪري ڪانءَ پاڻ کائين ۽ پين ٿا.
هڪ لحاظ کان ان کي ڪانگن جي زور آوري ته چئي سگھجي ٿو ۽ اهو سڀڪجھه شهر جي ٻين علائقن ۾ به ٿي رهيو آهي. پر ان جا ماحول جي حوالي سان به ڪجھه ڪارڻ آهن. ڪچرو، مٽي، دونهن وغيره پوري ڪراچيءَ جو مسئلو آهي. پر گلشن حديد گھڻي عرصي تائين هڪ صاف سٿري ۽ سرسبز علائقي طور ڄاتو ويندو هو. وڻ گھڻا هوندا هئا ۽ هر گھر آڏو لان هوندو هو. آبادي گھٽ هوندي هئي. زمين تي ئي گھر هوندا هئا. پاڻي ججهو هوندو هو. گھڻن ماڻهن ايستائين ته گھرن ۾ ٻارن جي تڳڙڻ لاءِ سوئمنگ پول ٺهرائي ڇڏيا هئا. لان کي پاڻي ڏيڻ کانسواءِ گھڻو پاڻي روڊن تي ضايع ٿيندو هو.
هڪ ته شهر ۾ امن امان جي صورتحال ڪري علائقي جي آباديءَ ۾ تيزيءَ سان واڌارو ٿيو. محدود زمين هئڻ ڪري ماڻهن ٻه ماڙ ۽ ٽي ماڙ گھر ٺاهڻ شروع ڪيا. وڻ وڍجي ويا. گھرن جي آڏو جيڪي لان هئا، اهي ختم ٿي ويا. حد دخليون وڌي ويون. ان سان هڪ پاسي ته پاڻي ۽ بجلي وغيره جي ضرورتن ۾ واڌارو ٿيو ته ٻئي پاسي اسٽيل مل جي بحران جي ڪري انهن جي فراهمي اڃا وڌيڪ ڏکي ٿي پئي. هن وقت هر پاسي ڌوڙ پئي اڏامي. صفائيءَ جو ڪو مناسب بندوبست ڪونهي. فيز ون ۾ علائقي جو وڏو پارڪ آهي جتي صبح شام ماڻهو واڪ ۽ تفريح لاءِ اچن ٿا. ان جي سار سنڀال لاءِ ماڻهو رکيل هئا پر هن وقت اهو پارڪ ويران آهي. هن وقت اها ڳالهه ته واضح آهي ته هي ڌرتي رڳو انسان نه پر سڄي جيوت جو گھر آهي. انسان جي پنهنجي بقا ۽ جياپو به ان صورت ۾ ممڪن آهي، جڏهن هڪ ماحولياتي توازن قائم ڪيو وڃي ۽ سڄي جيوت جي جياپي کي ممڪن بڻايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button