ممڪن آهي پڙهندڙن کي ائين لڳندو هجي پر حقيقت اها آهي ته نگران حڪومتن جو تصور دنيا جي سمورن ملڪن اندر ڪونهي. ٻيو ته ٺهيو پر اسان جي آقا آمريڪا ۽ پاڙيسري ملڪ هندوستان اندر به اهڙي روايت موجود نه آهي. آمريڪا اندر ته نئون صدر چونڊجي ايندو آهي، تڏهن به ڪافي وقت تائين پراڻو صدر ئي ڪرسيءَ تي موجود رهندو آهي. ويجهڙ ۾ اوهان ڏٺو هوندو ته صدر ٽرمپ نئين چونڊجي آيل صدر جو بائيڊن کي اختيار ۽ اقتدار ڏيڻ لاءِ تيار نه هو. اهڙي نموني هندوستان ۾ به اتان جي اليڪشن ڪميشن وٽ تمام گھڻا اختيار آهن. خاص ڪري اليڪشن جي زماني ۾ وزيرِ اعظم جا اختيار گھٽائي اليڪشن ڪميشن کي وڌيڪ بااختيار بڻايو ويندو آهي پر نگران حڪومتون قائم نه ڪيون وينديون آهن. ساڳيو ئي وزيرِ اعظم حڪومت ۾ هوندو آهي.
1973ع ۾ جن ماڻهن پاڪستان جو آئين ٺاهيو پئي، انهن کي شايد اها ڳالهه مٿي ۾ ويٺل هئي ته پاڪستان به اهڙي نموني جو ئي هڪڙو جمهوري ملڪ آهي جهڙو برطانيا، آمريڪا يا آسٽريليا وغيره. اهو ئي سبب آهي جو ان وقت آئين ۾ نگران حڪومت لاءِ ڪابه گنجائش نه رکي وئي هئي. انهن کي شايد اهو پئي لڳو ته هاڻي پاڪستان ۾ هڪ ٻئي پٺيان چونڊيل جمهوري حڪومتون اينديون رهنديون. اهي شايد ايترا سادا هئا جو کين 1977ع وارين چونڊن کانپوءِ به اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. انهن کي اهو به سمجهه ۾ نه آيو ته پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ اسٽيبلشمينٽ کي سياست کان پري رکڻ ڪيترو مشڪل ڪم هو. کين اهو به سمجهه ۾ نه آيو ته هن ملڪ ۾ اليڪشن ڪميشن کي ايترو سگهارو ڪرڻ ممڪن به آهي ته اها اقتدار جي منتقليءَ کي پرامن ۽ جمهوري انداز سان يقيني بڻائي سگهي.
بهرحال 1985ع ۾ جنرل ضياءُالحق جيڪو آئين جي لتاڙ ڪندي اقتدار تي قبضو ڪري ويٺو هو تنهن روائيول آف ڪنسٽيٽيوشن آرڊر ذريعي نگران حڪومتن واري روايت کي آئين ۾ شامل ڪري هميشه لاءِ رستو ٺاهي ڇڏيو ته جڏهن به عام چونڊون ٿيڻيون هجن، تڏهن چونڊن کان اڳ واري ڌانڌليءَ طور اسٽيبلشمينٽ ايندڙ عام چونڊن جا نتيجا ڪهڙي قسم جا ڏسڻ چاهي ٿي، نگران حڪومتن ذريعي ان جو اڳواٽ بندوبست ڪري وٺي. ڪنهن کي اقتدار ۾ آڻڻو آهي؟ ڪيتري قدر بااختيار بڻائڻو آهي؟ اهو اسٽيبلشمينٽ نگران حڪمرانن ذريعي طئي ڪري وٺندي آهي. ڇاڪاڻ ته نگرانن جي نگراني ڪرڻ واري نيٺ اسٽيبلشمينٽ ئي آهي. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته جنهن ملڪ اندر چونڊيل عوامي حڪومتون به عوام اڳيان جوابدار نه هونديون آهن، اتي مفت ۾، بنا ووٽ جي نگران حڪومت ۾ آيل نيڪوڪار، عوام اڳيان جوابداري ڪيئن محسوس ڪندا.
پاڪستان ۾ جنرل ضياءُالحق جي اڳواڻيءَ ۾ پهرين نگران حڪومت 1988ع ۾ قائم ٿي هئي، جڏهن هن پنهنجي هٿن سان چونڊرايل “غير جانبدار ۽ غير جماعتي” اسيمبليءَ کي وقت کان اڳ ئي ٽوڙي ڇڏيو هئو. ضياءُالحق جيڪا نگران حڪومت ٺاهي هئي، اها ڪنهن به ريت اڻ ڌري ڪونه هئي نه وري ٿي پئي سگهي. ضياءُالحق کان پوءِ غلام اسحاق خان صدر بڻيو ته اهو به ان ساڳي نگران حڪومت کي ئي گِهليندو رهيو. ان زماني کان وٺي پاڪستان ۾ ست ڀيرا نگران حڪومتون قائم ڪيون ويون آهن جن منجهان ٽي وزير اعظم اهڙا رهيا آهن جن کي ٻين جي ڀيٽ ۾ اڻ ڌريو يا غيرسياسي ماڻهو چئي سگهجي ٿو. ان حوالي سان ته انهن جي پنهنجي ڪا ذاتي سياسي ايجنڊا ڪانه هئي. انهن ۾ معين قريشي، مير هزار خان کوسو ۽ جسٽس رٽائرڊ ناصر الملڪ شامل آهن.
اسان جي روايتي سياستدانن مختلف وقتن تي نگرانن هٿان مارَ پئي کاڌي آهي. ان جو اندازو اوهان ان منجهان لڳائي سگهجو ٿا ته جڏهن 2006ع ۾ محترما بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف ميثاقِ جمهوريت وارو معاهدو ڪيو هو، تڏهن انهن ان تي اتفاق ڪيو ته نگران حڪومت جو اڻ ڌريو هئڻ ضروري آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته سياست ۽ حڪومت ۾ اڻ ڌريو ڪنهن کي چئبو آهي؟ اڻ ڌريو ڪوئي هوندو به آهي يا اهو رڳو هڪڙو وهم ۽ دوکو آهي؟ ڪير ڪنهن کي اڻ ڌريو بڻائيندو ۽ ڪهڙي نموني بڻائيندو ان جو درست جواب ڪنهن وٽ ڪونهي پر پوءِ به اهو بهتر آهي ته گھٽ ۾ گھٽ ان ڳالهه جو احساس ته ٻنهي وڏن سياستدانن کي ٿي چڪو هو ته نگران حڪمرانيءَ وارو اسان جو نظام سياست، اليڪشن ۽ جمهوريت کي سگهارو ڪرڻ بدران ڪمزور ڪري رهيو هو.
نگران حڪومتن لاءِ جنرل ضياءُالحق آئين ۾ جيڪا گنجائش رکرائي هئي ان ۾ اهو شرط به هو ته نگران حڪومت 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جي پابند هوندي. پر هن سال پنجاب ۽ خيبر پختون خواه جي نگران صوبائي حڪومتن جو مدو جڏهن کان 90 ڏينهن کان وڌي ويو ۽ اتي نه چونڊون ڪرايون ويون ۽ نه وري نگران حڪومت ڪم ڪرڻ بند ڪيو ته عام ماڻهوءَ جا شڪ شبها وڌي ويا. غلطيون ڪڏهن به سَنڍ نه ٿينديون آهن ان ڪري حڪمرانن پنهنجي مفادن جي پورائي لاءِ پنجاب ۽ خيبر پختون خواه ۾ جيڪا راند کيڏڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ جو ساٿ ڏنو، ان سندن پنهنجو ٻيڙو به سِير ۾ آڻي ڇڏيو آهي. هاڻي اهو سوال اهميت اختيار ڪري رهيو آهي ته جيڪڏهن ٻن صوبن جون نگران حڪومتون پنهنجي آئيني مدي کان به وڌيڪ عرصي تائين حڪومت ۾ رهي سگهن ٿيون ته پوءِ باقي ٻن صوبن جون حڪومتون ڇو نه؟ نگران مرڪزي حڪومت ڇو نه؟ پي ڊي ايم جي گذريل حڪومت پاران اليڪشن ايڪٽ 2017 جي فقري 230 ۾ تمام گھڻيون ترميمون ڪرڻ کان پوءِ نگران حڪومتن کي جيڪي اختيار ڏنا ويا آهن، انهن ۾ ڊگهي مدي وارا پاليسي ساز فيصلا ڪرڻ جا اختيار به شامل آهن، جيڪي ملڪي آئين جي مقدمي جي سڌي سنئين ڀڃڪڙي آهن.
2006 کان 2008ع تائين بنگلاديش اندر به نگران حڪومتن جي آڙ وٺي فوج جي مدد سان ٽيڪنوڪريٽ حڪومت هلائي وئي هئي جيڪا پورن ٻن سالن کان پوءِ بين الاقوامي دٻاءُ کان پوءِ چونڊون ڪرائڻ ۽ اقتدار چونڊيل عوامي نمائندن حوالي ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي هئي. هن ڀيري اسان جي اسٽيبلشمينٽ جي نيت به ڪجهه اهڙي نظر پئي اچي ته نگران حڪومت کي ڊيگهه ڏني وڃي ۽ پنهنجي پسند جا فيصلا ورتا وڃن. سياسي پارٽين منجهان تحريڪِ انصاف جي ته بلڪل تڏا ويڙهه ڪرائڻ جي رٿا آهي پر مسلم ليگ نواز ۽ پيپلز پارٽيءَ کي به ايتري سوڙهه ڪرڻي آهي جو ايندڙ حڪومت تاريخ جي ڪمزور ترين سياسي اتحادي حڪومت هجي. بنگلاديش جي سپريم ڪورٽ نگران حڪومت واري روايت کي غير قانوني قرار ڏنو هو ۽ پارليامينٽ کي به سٺڙو مزو چکڻو پيو هو ان ڪري 2011 ۾ اتان جي پارليامينٽ پنهنجي آئين ۾ 15 هين آئيني ترميم ڪري نگران حڪومتن وارو باب هميشه لاءِ بند ڪري ڇڏيو.
پاڪستان لاءِ بنگلاديش کان سکڻ لاءِ گھڻو ڪجهه آهي جنهن منجهان هڪڙو سبق نگران حڪمرانيءَ وارو عمل بند ڪرائڻ آهي. پاڪستان پنهنجي پاڙيسري ملڪ هندوستان کان به سکڻ چاهي ته سکي سگهي ٿو جتي نگران حڪومتن جو منڍ کان وٺي ڪو تصور ڪونهي. لڳي ائين ٿو ته ميان نواز شريف ۽ زرداري صاحب سان جهڙي نموني جو دوکو ٿيو آهي، اسيمبلين ۾ پهچندي ئي نگران حڪومتن واري بدعت کي آئين منجهان خارج ڪرائڻ جو بل پاس ڪرائيندا.