ٻه ڏينهن اڳ روس جو خلائي مشن چنڊ تي لينڊ (Land) نه ڪري سگهيو. جڏهن ته ٻن ڏينهن بعد ڀارت جو “چندريان3” چنڊ جي اتر طرف واري ان حصي مٿان لهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جتي هن مهل تائين ٻي ڪنهن ملڪ جي خلائي مشن کي لهڻ ۾ سوڀ حاصل ٿي نه سگهي آهي.
پر ڇا، ان جو مطلب اهو وٺجي ته ڀارت هاڻي روس کان به اڳتي نڪري ويو آهي؟ ڇا اهو چئي سگهجي ٿو ته هاڻي ڏکڻ ايشيا جو مذڪوره ملڪ آمريڪا ۽ چين جيتري حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي؟
وقتي طور تي دل وندرائڻ لاءِ ته ترنگو کڻي ڪهڙو به رقص ڪري سگهجي ٿو ۽ ڪهڙي به هام هڻي سگهجي ٿي پر حقيقت اها آهي ته ڀارت هن مهل به پنهنجي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ روس کان گهٽ قيمت وارو تيل خريد ڪرڻ لاءِ مجبور آهي. هن جي نه صرف خلائي پر دفاعي صلاحيت به اڃان تائين روس جي ٽيڪنالاجيءَ کان پنهنجو پانڌ ڇڏائي نه سگهي آهي. جڏهن ته چين جي اقتصادي توڙي فوجي سگهه سامهون ڀارت جو وجود تمام گهڻي تڪليف محسوس ڪري ٿو. ڀارت ڪجهه به ڪري پر هو اڄ به چين کان اهي علائقا واپس وٺي نه ٿو سگهي، جن جي باري ۾ هن جي منڍ کان وٺي اها دعويٰ آهي ته اهي ڀارت جو انگ آهن.
ڀارت پنهنجي خلائي جهاز کي چنڊ تي لينڊ ڪرائي آمريڪا جيترو امير ۽ طاقتور ملڪ هجڻ جو تصور به نه ٿو ڪري سگهي. ڇو ته هو هاڻي به آمريڪا جي نظرِ ڪرم جو منتظر ملڪ آهي.
دنيا جي ترقي يافتا ملڪن ۾ ڀارت جو نمبر ڪهڙو آهي؟ ان جو تازو جواب پيش ڪرڻ لاءِ گوگل کي هڪ گهڙي به نه گهرجي. جيتوڻيڪ ڀارت جو خلائي مشن ڪاميابيءَ سان چنڊ مٿان لينڊ به ڪري چڪو آهي پر ان جي باوجود به ڀارت پاڻ کي انگلينڊ، ڪينيڊا ته ڇا پر جاپان جيترو به ترقي يافتا ملڪ سمجهڻ جي ڀل ڪري نه ٿو سگهي. جيڪڏهن ڀارت جي خلائي مشن پاران چنڊ تائين پهچڻ ۾ ان ملڪ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جو راز پنهان هجي ها ته عالمي ميڊيا تان اها خبر نشر ٿيڻ شرط ديس کان پري رهندڙ ڀارتي پنهنجيون بيگون کڻي ايئرپورٽن طرف ڊوڙن ها ۽ ان ملڪ ۾ واپس ورن ها، جيڪو ملڪ چنڊ تي پهچي چڪو آهي. حقيقت تمام تلخ آهي. حقيقت اها آهي ته هن وقت به ڀارت غربت جي گهيري ۾ رهندڙ دنيا جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي. هن وقت به ڪالهوڪي بمبئي ۽ هاڻوڪي ممبئي ۾ دنيا جون سڀ کان وڏيون ڪچيون آباديون آهن. هن وقت به ڀارت جي علائقن ۾ انسانن کي زندگيءَ جون بنيادي ضرورتون ميسر ناهن. اڄ به ڀارت جي جنتا تمام گهڻي تڪليف ۾ آهي. جڏهن ته طبقاتي ظلم کان هٽي به ڀارت ۾ جيڪو قومي جبر آهي، ان جون ڪهاڻيون هر ڏينهن سوشل ميڊيا تي شور ڪنديون رهن ٿيون. ڪڏهن مني پور ۾ ڪي نياڻيون صرف انتقام سبب ننگيون گهمايون وڃن ٿيون ته اڄ به جهنگ ۾ جيئندڙ نڪسل وادي پنهنجي وطن ۾ ان انقلاب لاءِ وڙهي رهيا آهن، جن جي چاهت جي سزا موت آهي.
ڀارت جو مڊل ڪلاس تمام گهڻي محنتي آهي. ڀارت ۾ تعليم جو رجحان هر ڏينهن وڌي رهيو آهي. ڀارت جي جنتا پنهنجي زندگيءَ ۾ بهتري آڻڻ لاءِ هر مشڪل ڪم ڪرڻ لاءِ تيار بيٺل آهي. ڀارت انٽرنيٽ ٽيڪنالاجيءَ کان وٺي آرٽيفيشل انٽيلجنس تائين جديد سائنس ۾ عملي طور تي گهڻو اڳتي آيو آهي پر هن کي اهو سڀ ڪجهه ان موديءَ سبب حاصل نه ٿيو آهي، جنهن جي وجود ۾ تعصب جو بدبودار طوفان وڪڙ کائي ٿو. جيڪو چاهي ٿو ته ڀارت ۾ هندن کان سواءِ ٻيو ڪو به نه هجي. جيڪو هندن ۾ به صرف اعليٰ جاتين کي اصل هندو سمجهي ٿو. جيڪو هن وقت به جمهوريت جي اصل روح جو نظرياتي مخالف آهي. جنهن لاءِ سيڪيولرزم صرف هڪ شوشو آهي. هن جي لاءِ هن جو ڀارت مهان آهي. اهو ڀارت جيڪو هن جي خيال ۾ هڪ مهان مندر آهي. جنهن ۾ عام طور تي سڀني هندن يعني سکن، عيسائين، ٻڌن ۽ جينن جي ۽ خاص طور تي مسلمانن جي موجودگي تاريخ جي مجبوري آهي پر هو ان خلاف ننڍي هوندي کان وٺي ان پلاننگ مٿان عمل پيرا رهيو آهي، جنهن هن کي پرڌان منتريءَ جي پد تائين پهچايو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جيڪو شخص ڪالهه گجرات جو ڪاسائي چيف منسٽر هو، اڄ اهو ماڻهو ان انڊيا جو پرائيم منسٽر آهي، جنهن ڀارت لاءِ ڪڏهن نهرو ۽ پٽيل ڪنهن مختلف انداز سان سوچيو هو.
مودي ته ڀارت جو اهڙو ڪردار آهي، جهڙي ڪردار مٿان کل ڀوڳ ڀري ڦٽڪار اوشو رجنيش جو محبوب مشغلو هو. ان ڪري اهو مودي ناهي، جنهن سبب ڀارت چنڊ تائين پهتو آهي پر اهو ڀارت جو مڊل ڪلاس ۽ خاص طور تي ڀارت جو اهو برهمڻ ذهن آهي، جنهن پنهنجي ملڪ ۾ ٿيندڙ اقتصادي ۽ انساني ناانصافين مٿان خلائي مشن جو پردو وڌو آهي.
ڀارت کي چنڊ تائين پهچڻ ۾ جيترو خرچ ڪرڻو پيو آهي، ان مان ڪيترا اسڪول ۽ ڪيتريون اسپتالون جڙي ۽ بهتر ٿي پئي سگهيون؟ ان سوال جي دائري ۾ هن مهل به ڀارتي پترڪار ۽ يوٽيوبر پنهنجا خيال پيش ڪري رهيا آهن. جڏهن ته ڀارت جو رياستي دماغ اها حقيقت سولائيءَ سان سمجهي رهيو آهي ته چندريان 3 ڀلي خلا مان خزانو کڻي نه اچي پر جيڪا ڪوڙي شهرت ڀارت جي حصي ۾ آئي آهي، ان سان ڀارت ۾ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جو عمل اڃان وڌيڪ تيز ٿيندو.
چندريان ڀارت جو خلائي نه پر اقتصادي ۽ سياسي مشن آهي. ان مشن معرفت موديءَ جو ڀارت پنهنجي ملڪ ۾ ٿيندڙ ظلمن ۽ زيادتين تي ڍڪ وجهي رهيو آهي ۽ ساڳي وقت هو دنيا آڏو ڀارت جو چنڊ جهڙو چهرو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. دنيا جي داناهه ملڪن جي حڪمرانن کي معلوم آهي ته چندريان جو اصل حدف ڪهڙو آهي؟ پر ان جي باوجود به هو ڀارت جي ان ڪوشش جي ساراهه نه ڪرڻ غلط سمجهن ٿا. ڇو ته دنيا جو اهوئي وهنوار آهي.
آمريڪا گذريل صديءَ جي ڏهاڪي ۾ جيڪڏهن نيل آرم اسٽرانگ کي چنڊ تي اماڻيو هو ته هن کيس اهو نه چيو هو ته چنڊ سمورون سون سان جڙيل آهي، ان ڪري اتان سون جا انبار آڻجانءِ! آمريڪا کان پوءِ جيڪڏهن روس پنهنجو خلائي جهاز “اسپيوٽنڪ” اسپيس ۾ اماڻيو هو ۽ يوري گاگارين خلائي سير ڪري واپس وريو هو ته ان جو سبب به پنهنجي ملڪ جي ڌاڪ ويهارڻي هئي. ساڳي ريت چين به پنهنجا جهاز چنڊ طرف ان ڪري اڏاريا هئا ته جيئن هن کي عالمي مڃتا ملي سگهي. ڀارت ۾ ساڳي روايت جي راهه اختيار ڪئي آهي.
پاڪستان جا حڪمران ڀارت جي ان تازي ڪامياب مشن تي ماٺ آهن. پر جيڪو شور هن ملڪ جي عوام سوشل ميڊيا تي پيدا ڪيو آهي، ان ۾ ڀارت موديءَ لاءِ محبت ناهي پر پاڪستان جي ان سسٽم لاءِ نفرت ضرور آهي، جنهن سسٽم سبب اسان جي ملڪ جو عوام هن دور ۾ به ڇڳل رسيءَ واري ڪيبل ڪار ۾ ڦاٿل هوندي ان خوف سبب ڦٿڪي به نه سگهي ته ڪٿي ڪمزور رسيءَ سهاري لڙڪندڙ ڪيبل ڪار ڪري نه پوي.