پاڪستاني اداڪارا آمنا الياس چيو آهي تھ اداڪارا ميرا منهنجي سينيئر ۽ سٺي دوست آهي، تنهنڪري اسان جي وچ ۾ دوستي ۽ جهيڙا گڏ گڏ هلندا رهندا آهن. خانگي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ آمنا الياس ٻڌايو تھ فلم جي سيٽ تي اسان ٻئي ڪپڙن جي ڊزائن ۽ اسڪرپٽ تي وڙهنديون رهيون آهيون، پر جلد ئي ٺاهه ڪري ڇڏيندا آهيون. هن چيو تھ اڄڪلهه خوبصورتي بدران ٽيلنٽ کي ڏسي ڪم ملي ٿو، اها تھ سٺي ڳالهه آهي. هن چيو تھ 15 ورهين جي ڄمار ۾ ڀيڻ جو فوٽو شوٽ ڏسڻ ويس تھ ماڊلنگ جي آڇ ٿي هئي، جنهن بعد امڙ جي راضپي سان مون ڪم شروع ڪيو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close