تازو “ٻه پاڪستان” بڻائڻ جو تبصرو لاھور ۾ ٿيل اھم گڏجاڻيءَ ۾ دانشورن به ڪيو آھي. اھا سچائي آھي ته ھن ملڪ ۾ ھاڻوڪي وفاقي سرڪار جا کوڙ انوکا ڪارناما آھن. ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ جو لاڳيتو ۽ بار بار طوفان آڻي ۽ ڪروڙن ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪرڻ کانسوا بيروزگار بڻائڻ واريون پاليسيون اختيار ڪري، ملڪ کي غير سرڪاري طور دانشورن چواڻي “ٻن پاڪستانن” ۾ ورھائي ڇڏيو آھي. يعني مسڪينن جو الڳ پاڪستان ۽ شاھوڪارن جو الڳ پاڪستان. تازو وفاقي سرڪار انٽرنيشنل مانيٽرنگ فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ھڪراءِ ٿي آھي ته 350 ارب رپين جا نوان ٽيڪس مڙھڻا پوندا ۽ ترقياتي بجيٽ ۾ 250 ارب رپين جي گهٽتائي ڪرڻي پوندي. جڏھن ته گرانٽس ۾ 50 ارب رپين جي ڪٽوتي پڻ لڳائڻي پوندي. آءِ ايم ايف سان ھڪراءِ ٿيڻ موجب 5 اھم شرط به پورا ڪرڻا پوندا. آءِ ايم ايف سان ڇھين جائزي موجب مسڪين سان گڏوگڏ وچولي طبقن جي عوام جو جيئڻ اڃا به گهڻو جنجال ٿي ويندو. جڏھن ته مٿيون طبقو شاھوڪار ھئڻ باوجود اڳ وانگيان مھانگائيءَ جو طوفان سولائيءَ سان قبول به ڪري وٺندو.
تازو اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان چواڻي “مھانگائي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ جي کوٽ، اميد کان وڌيڪ آھي.” بھرحال، اھڙي ريت غير سرڪاري طور ھڪ ئي ملڪ اندر “ٻه پاڪستان” بڻجي ويا آھن ۽ ٻنھي ۾ وڇوٽي گهڻو وڌندي رھي ٿي، جيڪا خاص ڪري نوٽ ڪرڻ جي ڳالھه آھي. تازو وفاقي سرڪار جو اھو به چوڻ آھي ته پيٽرول ۽ بجليءَ جي قيمتن ۾ اڃا به واڌ ڪرڻي پوندي. انھيءَ کانسوا نيپرا ادارو، انھيءَ درخواست تي فيصلو ڪرڻ وارو آھي ته بجليءَ جي ھڪ يونٽ ۾ پنجن رپين جي واڌ ڪئي وڃي مطلب ته آءِ ايم ايف جي فيصلي موجب بجلي ۽ پيٽرول ۾ مھانگائي، واسطيدار ادارا اڃا به وڌيڪ آڻيندا رھندا.
ھونئن به ھن ملڪ ۾ عام طور ٽي گروپ ھوندا آھن، يعني مسڪينن جو ھيٺيون گروپ، ٻيو مناسب آمدني وارن لاءِ وچولو گروپ ۽ ٽيون شاھوڪار ماڻھن لاءِ اوچو گروپ. اھا سچائي آھي ته ھيٺيون طبقو تيزيءَ سان وچولي گروپ ۾ بدلجندو رھيو آھي ۽ اھڙي ريت سندن مالي پوزيشن به بھتر ٿيندي رھي آھي. ھاڻوڪي وفاقي سرڪار جي چوٿين سال جي حڪمراني ھلندڙ آھي جنھن ملڪ جي سماج ۾ ٽن گروپن بدران ٻه گروپ قائم ڪري ڇڏيا آھن پر اھا ڳالھه نوٽ ڪرڻ جي آھي ته انھن ۾ فرق، اڳ جي ڀيٽ ۾ ڳاٽي ٽوڙ وڌيل آھي. اھا به خاص ڳالھه نوٽ ڪرڻ جي آھي ته ھيٺئين طبقي ۾ تبديلي، سڌارن جي خيال کان ڪونه قائم ڪئي وئي آھي پر وفاقي سرڪار ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي آڻي سندن جيئڻ جنجال ڪري، مکيه “ڪارنامو” ڪيو آھي پر داستان اتي ختم ڪونه ٿو ٿئي ڇاڪاڻ ته حڪمرانن مڃيو آھي ته مھانگائيءَ جو طوفان اڃا به وڌيڪ ايندو رھندو. تازو وزيراعظم عمران خان ايف بي آر جي فنڪشن ۾ تقرير ڪندي چيو ته اسان وٽ ايترا پيسا ڪونھن جو ملڪ ھلائي سگهون سو قرض وٺڻو پوي ٿو.
بھرحال، جن ٻن طبقن جو حوالو ڏنو سون انھن مان، ھڪ پاڪستان، شاھوڪار ماڻھن لاءِ آھي جڏھن ته ٻيو پاڪستان، مسڪينن يعني ھيٺئين توڙي وچولي طبقن جي ماڻھن لاءِ آھي. سو چئي سگهجي ٿو ته اٽڪل ساڍن 21 ڪروڙن ماڻھن جو جيئڻ، ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان ئي وڏي ڏچي ۾ پئجي ويو آھي جيڪو مکيه بدقسمتيءَ جو داستان آھي.
سڌريل ملڪن وارا نيڪ نيتيءَ سان ڪوششون ڪندا رھندا آھن ته ملڪ اندر آمدني جي خيال کان مختلف تڪليفن کي منھن ڏيندڙ انسانن جا مسئلا جيترو به ٿي سگهي سي ممڪن حد تائين ترت گهٽايا وڃن. اھڙي ريت اھي ماڻھو اڳتي ھلي مالي طور بھتر حالتن ۾ اچي ويندا آھن پر اسان وٽ ته قصو ئي نرالو ھوندو آھي، خاص ڪري چوٿين سال دوران حڪمراني ڪندڙ عمران خان جي وفاقي سرڪار جو قصو الٽو بڻجي ويو آھي. وفاقي سرڪار جنھن جون وفاق کانسوا چئن صوبن مان ٽن صوبن ۾ به حڪومتون آھن (يعني سنڌ ۾ ناھي جتي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ (پ پ پ) حڪمران طور وڏي گهڻائيءَ سان ڪامياب ٿيل آھي) پر جيڪا ڳالهھ نوٽ ڪرڻ جي آھي سا اھا ته 18هين آئيني ترميم بحال ٿيڻ باوجود وفاقي سرڪار بيوس ڪونھي، انھيءَ وٽ اڃا به کوڙ پاور آھن. جنھن کي ٿورو به شڪ ھجي سو ڀلي بي ريا بڻجي، سڄي ملڪ اندر، لاڳيتي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي آڻڻ وغيره جو جائزو وٺي جنھن ۾ مکيه ھٿ ته وفاقي سرڪار جو ئي ھوندو آھي. اھا به سچائي آھي ته سنڌ اندر به آيل ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ جي مکيه ذميدار وفاقي سرڪار آھي ڇاڪاڻ ته سنڌ به پاڪستان جو حصو آھي. وفاقي سرڪار جنھن نه رڳو ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جي ڪرنسيءَ جو ملھه گهڻو ڪيرائي ڇڏيو آھي، تنھن جي “ڪارنامن” ڪارڻ مھانگائيءَ زوردار وڌندي رھي آھي. ھتي اھو ٻڌائڻ به ضروري آھي ته وزيراعظم عمران خان حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ خوبصورت بيان ڏيندو رھندو ھو. ھن انٽرنيشنل مانيٽرنگ فنڊ (آءِ ايم ايف) کان قرض وٺڻ جي سخت مخالفت ڪندي فرمايو ھو ته مان اقتدار ۾ اچي آءِ ايم ايف کان قرض وٺندس ته آپگهات ڪري ڇڏيندس. سندس بيان ڏاڍا خوبصورت ھوندا ھئا پر اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ، آءِ ايم ايف کان ڳاٽي ٽوڙ شرطن تي قرض وٺي ڪروڙين عوام جو جيئڻ ئي وڏي پيماني تي جنجال ڪيو ويو آھي ۽ اڃا به وڌيڪ مھانگائي آڻڻ واري ڪارروائيءَ اعلانن ذريعي جاري آھي. يعني پنھنجي بدران عوام کي ماريو پيو وڃي.
مھانگائيءَ جو ڳاٽي ٽوڙ حساب ايڏو وڏو آھي جنھن ڪروڙين ماڻھن جو جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏيو آھي جو ڪنھن به دوست سان ڪچھري ڪريون ٿا ته مھانگائيءَ جو حوالو ضرور ڏئي، ڏک ظاھر ڪري ٿو. مھانگائيءَ جو حوالو انھيءَ مان به لڳائي سگهجي ٿو ته اڳ جمعي نماز پڙھي سوسائٽيءَ جي جامع مسجد کان نڪرندا ھئاسون تہ ٻاھر ٻه چار ڄڻا خيرات وٺڻ لاءِ مس بيٺل ھوندا ھئا پر ھاڻي ڊگهي لائين لڳل ھوندي آھي، خاص ڪري عورتون انھيءَ ۾ شامل ھونديون آھن. سندن حالت ته ڏاڍي رحم جوڳي ھوندي آھي.
انھيءَ کانسوا، اقتصادي ميمبرن پڻ ميڊيا موجب خبردار ڪيو آھي ته آءِ ايم ايف پروگرام موجب، گهٽ آمدني ۽ غريب طبقي تي نھايت ئي ناڪاري اثر پوندا. سوسائٽيءَ ۾ غريبن ۽ اميرن جي ڀيٽ بلڪل وڌي وئي آھي. انھيءَ غير انصاف واري فيصلي”ٻه پاڪستان” بڻائي ڇڏيا آھن. اھڙن خيالن جو اظھار اڳوڻي خزاني واري وزير حفيظ پاشا، ڊاڪٽر شاھد ڪاردار ۽ ڊاڪٽر قيصر بنگالي، لاھور ۾ عاصما جھانگير جي ياد ۾ تازو ٿيل ڪانفرنس ۾ ڳالھائيندي ڪيو. ڊاڪٽر قيصر بنگاليءَ جو چوڻ ھو ته غير انصاف واري پاليسي”ٻه پاڪستان” بڻائي ڇڏيا آھن. ھڪ ۾ ماڻھو ڪيليفورنيا طرز تي حياتي گذاري رھيا آھن ٻيا ته تنگ ڪمري ۾ پير کولي سمھڻ جو خيال به نٿا ڪري سگهن. غربت ڪارڻ ڪيترن ٻارن اسڪول وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو آھي.
ماڊريٽر حفيظ پاشا جي چوڻ موجب ھن سيشن کي عورتن ۽ ٻارن جي نالي سان لاڳو ڪيو ۽ چيو ته ملڪ جي ھڪ سيڪڙو اشرافيه وٽ ڪل آباديءَ جي ويھه سيڪڙو انڪم آھي. ويھه لکن کان وڌيڪ اھڙا ڪُٽنب آھن، جن جي خاندانن جا 8 ماڻھو ھڪ ڪمري ۾ رھن ٿا. دولت جي انصاف کان پري واري ڀيٽ ۾، ڀارت پاڪستان کان به اڳيان آھي پر پاڪستان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آھي. ڊاڪٽر شاھد ڪاردار جو چوڻ ھو ته پاڪستان نھايت ڏکئي صورتحال جو شڪار آھي تنھن ھوندي به اسان انھيءَ کي ڳنڀيرتا سان ڪونه ڪري رھيا آھيون. ٻاھرن ملڪن جي آمدني واپار ۾ گهٽتائي نه ڪرڻ ۽ خرچ ۾ واڌ سبب غربت، غذائي کوٽ، بيروزگاري ۽ مھانگائي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ آءِ ايم ايف جو پروگرام، گراھڪن تي وڌيڪ بار وجهندو. جي ايس ٽي اڳ ئي 17 سيڪڙو آھي جنھن کي ھاڻ انھن شين تي به لاڳو ڪيو ويندو جيڪي جي ايس ٽي کان آجيون آھن.
وزيراعظم عمران سرڪار جيڪا ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي آندي آھي ۽ انھيءَ ۾ لاڳيتي واڌ اڃا به جاري آھي تنھن جو اڳتي ھلي اھو نتيجو نڪرندو ته غريبن جو وڏو انگ اڃا به گهڻو وڌي ويندو جيڪا نھايت ئي بدقسمتيءَ جي ڳالهھ ھوندي. نه رڳو ايترو پر ڪيترا سرڪاري ملازم ته مھانگائيءَ جو سبب بڻائي رشوت وڌيڪ وٺندا يا شروع ڪندا ۽ ڪيترا وڌندڙ رشوت کي مجبوريءَ جو بھانو بڻائي جائز سڏيندا. جيئن ته ھن ملڪ ۾ غريب وڏي انگ ۾ آھن سو غريبن جي انگ ۾ اڃا به گهڻي واڌ سبب ڪروڙن ماڻھن جو باقاعدي جيئڻ جنجال ٿي ويندو. اسان وٽ اھا وڏي بدقسمتي آھي ته ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ۽ بيروزگاريءَ کان سنڌ جا ماڻھو عمران سرڪار جي دور ۾ گهڻا متاثر ٿيا آھن پر اھا بدقسمتي آھي تہ اسان وٽ ھڪ اھڙي گروپ جا به ميمبر آھن جيڪي پاڻ کي گهڻي عرصي کان سنڌ جو اڪيلو خيرخواه سڏائيندا آھن، سي عمران سرڪار جي ڳاٽي مھانگائي ۽ بيروزگاريءَ خلاف سندس نالو وٺي زوردار تحريڪ بلڪل نٿا ھلائين جڏھن ته سڄي ملڪ ۾ ڪيترا دانشور مھانگائي ۽ زيادتين خلاف وفاقي سرڪار خلاف زوردار حوالو ڏين ٿا. منھنجي ڇنڊڇاڻ جو مکيہ مقصد اھو آھي ته سنڌ ۾ غربت جو انگ اڳ جي ڀيٽ ۾ گهڻو وڌي ويو آھي جنھن جي وفاقي سرڪار جي مکيه ذميداري آھي سو مختلف سوچ رکندڙ دانشور ۽ سياستدان سڀ گڏجي عمران خان سرڪار جي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ۽ بيروزگاريءَ خلاف زوردار تحريڪ ھلائيندا ته انھيءَ ۾ نه رڳو سنڌ جو پر سڄي ملڪ جي ڀلائي سمايل ھوندي. اھڙي ريت “ٻه پاڪستان” گڏجي ھڪ پاڪستان بڻجي ويندو، جيڪو ملڪ جي عوام لاءِ ڀلائيءَ وارو ھوندو. ڇاڪاڻ ته مھانگائيءَ جو طوفان گهٽجي ويندو پر جي گهڻو گهٽجي ڪونه سگهيو ته گهٽ ۾ گهٽ مھانگائيءَ جو نئون طوفان ته اچڻ بند ٿي ويندو، جنھن ۾ گهٽ ئي سھي، پر پوءِ به عوام جي ڀلائي سمايل ھوندي.