اسان وٽ عام طور تاريخ جو جيڪو تصور موجود آهي، ان تحت اها مختلف واقعن جي ميڙ جو نالو آهي ۽ انهن واقعن جي محرڪ قوت وري عظيم ماڻهو، بادشاهه، راڻيون، مدبر، سياستدان ۽ سپهه سالار يا جرنيل آهن ۽ هو پنهنجي ڪردار جي سگهه سان تاريخ جي مختلف شڪلين کي طئه ڪن ٿا، ان سموري عمل ۾ پورهيت عوام جو يا ته ڪو ڪردار ناهي، جيڪڏهن آهي به ته بنهه ٿورو. تاريخ ڏانهن سمجهه جو اهڙو رويو بورجوا مفڪرن جو خاصو رهيو آهي. 19هين صديءَ جي بورجوا مفڪر ۽ اديب ٽامس ڪارلائل جي پڻ تاريخ ڏانهن اهڙي ئي اپروچ هئي. جيتوڻيڪ ڪارلائل پنهنجي لکڻي “فرينچ انقلاب” ۾ عوام پاران بادشاهاڻي رياستي ڍانچي کي تهس نهس ڪرڻ کي جسٽيفاءِ ته ڪيو، پر ساڳي وقت هن “سورمن جي پوڄا” جي انتهائي داخلي خياليت پسند تصور کي بنيادي اهميت ڏئي ڇڏي. هيروئن يا سورمن جي پوڄا جو تصور ڪارلائل 1837ع کان 1840ع جي وچ ۾ ڏنل پنهنجن ليڪچرن ۾ وڌايو، جن کي 1842ع ۾ On Heroes, Hero worship and the Heroic in History جي عنوان سان ڪتاب شڪل ڏني وئي. ان ڪتاب ۾ ڪارلائل اها دعويٰ ڪئي ته، دنيا جي قانونن پويان فوق السماجي قوتون ڪارفرما آهن. يعني اهي قوتون ئي انهن قانونن کي طئي ڪن ٿيون ۽ اهي قانون چونڊيل سورمن ذريعي منڪشف ٿين ٿا ۽ اهي سورما ئي تاريخ جا حقيقي خالق آهن. دنيا جي تاريخ عظيم ماڻهن جي سوانح کان سواءِ ڪجهه به نه آهي. سندس نقطه نظر موجب عوام الناس رڳو هڪ ڀيڙ ۽ انهن سورمن جي هٿن ۾ استعمال ٿيندڙ اوزار آهن. هو چيو ته، سورمائي اصول سماج ۾ وقت گذرڻ سان گڏ ڪمزور ٿين ٿا ته، ڀيڙ ۾ لڪل انڌيون تباهي آڻيندڙ قوتون نروار ٿيڻ لڳن ٿيون ۽ اهو تيستائين جاري رهي ٿو، جيستائين حقيقي سورمن جو ٻيهر اڀار نٿو ٿئي. ڪارلائل موجب اسان کي عظيم ماڻهن جي هر صورت ۾ تعظيم ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اهي ئي اصل ۾ تاريخ جي اڏيندڙ سگهه آهن. يعني ان ڪتاب ۾ ڪارلائل جو جيڪو بنيادي خيال ڪم ڪري ٿو، اهو اهو آهي ته، سموري تاريخ انهن عظيم ماڻهن جي پيداوار آهي، جن کي ويزن يا عمل جي اعليٰ ترين طاقت بخشي وئي. تنهنڪري اهو هر ڪنهن تي فرض عائد ٿئي ٿو ته، هو انهن هيروز يا سورمن جي پوڄا ڪن. اهڙي نموني سورمن جي پرستش جو تصور بورجوا مورخن پاران وسيع پئماني تي قبول ڪيو ويو.
مارڪسزم سرمائيدار طبقي جي مفڪرن ۽ دانشورن جي اهڙن خيالن کي رد ڪري ٿو. مارڪسزم وٽ تاريخ جا قانون ڪا فوق السماجي قوت طئه نٿي ڪري ۽ نه ئي اهي عظيم ماڻهو، سياستدان، حڪمران، بادشاهه، جرنيل، مدبر يا فلسفي ئي آهن، جيڪي تاريخ اڏين ٿا. مارڪسزم تاريخ ۾ پهريون ڀيرو تاريخ جي اڏيندڙ سگهه عوام کي قرار ڏنو. جڏهن ته تاريخ جي هلندڙ چرخي پويان اها عوام جي مادي سرگرمي، اهو پورهيو ئي هو، جنهن تاريخ جا بنياد اڏيا، پر اها به حقيقت آهي ته، عوام موجود حالتن ۾ جيڪا تاريخ جوڙي ٿو، اها سندس مرضيءَ ۽ منشا کان ٻاهر ترقي ۽ اوسر جا معروضي قانون رکي ٿي ۽ عوام کي تاريخ کي اڏڻ جو اهو سمورو مواد دراصل ماضيءَ جي نسلن پاران ڇڏيل ورثي جي شڪل ۾ ملي ٿو، جنهن جي بنياد تي هو پنهنجي دور جي تاريخ اڏي ٿو. اهڙي نموني مارڪسزم وٽ تاريخ واقعن جو ميڙ نه، پر قانون جو اهڙو سلسلو آهي، جنهن جي سفر جو ڦيٿو سدائين اڳتي وڌندڙ آهي ۽ اهو ڦيٿو هلائيندڙ اهو عوام ۽ ان جي اجتماعي مادي سرگرمي آهي.
يعني تاريخ دراصل ماڻهن جي وجود جي بقاءَ جي لاءِ مختلف رشتن ۾ هڪٻئي سان ڳنڍجي اها مادي سرگرمي آهي، جنهن کي پيداواري طريقو چيو وڃي ٿو، جنهن جو بنياد پورهيو آهي. مارڪس وٽ پورهيو ئي تاريخ ٺاهي ٿو ۽ اهو پورهيو سموري اجتماعي ۽ انفرادي سماجي زندگيءَ جو بنياد آهي. اهڙي نموني ماڻهو سماجي وجود ۽ پورهيو سندس ڳر آهي.
هتي اهو دليل به ڏنو ويندو آهي ته، فرد ڪجهه به متعين نٿا ڪن، پر هو تاريخ جي معروضي قوتن جا ڳيجهو آهن. پر مارڪسزم فرد جي فيصلاڪن ۽ اهم ڪردار جو معترف آهي. هو سماجي جدوجهد ۾ فرد جي فيصلائتي ڪردار جو انڪاري ناهي، بلڪ ان وٽ پورهيت عوام جي مادي سرگرمي بطور معروضي ۽ فرد بطور موضوعي فيڪٽر جي اهڙي هيڪڙائي آهن، جن جو باهمي جدلي ڳانڍاپو تاريخ تي پنهنجا اثر ڇڏيندي، ان کي اڳتي وڌائيندو رهي ٿو.
)هلندڙ)