محبوب حسين
بجليءَ جي قيمت بنيادي طور ٻن عنصرن طرفان طئي ڪئي ويندي آهي. پهريون ته ٻارڻ جي قيمت آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪ کي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ فرنس آئل، ڊيزل، ڪوئلي يا ٻاهرئين ملڪ مان درآمد ٿيل ٻين ٻارڻ تي ڀاڙڻو پوندو آهي. ٻيو ته ڊالر جي قيمت ۾ لاها چاڙها آهن. مارڪيٽ ڊالر جي قيمت کي طئي ڪري ٿي. موجوده قيمتن ۾ واڌ جو هڪ اهم سبب عمران خان جي حڪومتي دور ۾ آءِ ايم ايف پاران مقرر ڪيل شرطون ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي معاشي خودمختياري ڏيڻ آهي. هاڻ ڊالر جي قيمت اوپن مارڪيٽ طرفان طئي ڪئي ويندي آهي. عمران خان حڪومت جي فيصلن سبب اسٽيٽ بئنڪ تي حڪومت جو ڪنٽرول ماضي وانگر محدود ٿي ويو آهي. جيڪڏهن حڪومت هٿرادو طور ڊالر جي قيمت کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان سان پاڪستان جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن تي بار وڌندو، جنهن سان ملڪ لاءِ وڌيڪ معاشي مسئلا پيدا ٿيندا. آءِ ايم ايف اها به شرط رکي آهي ته حڪومت ڊالر جي قيمت کي هٿرادو طور ڪنٽرول نه ڪندي ۽ ڊالر جي قيمت اوپن مارڪيٽ ذيعي ئي طئي ٿيندي.
بجليءَ جي قيمت جو تعين ڪندڙ ٻه عنصر، يعني درآمدي ٻارڻ ۽ ڊالر جي قيمت، حڪومت پاڪستان جي ڪنٽرول هيٺ نه آهن. ان صورتحال ۾ توانائيءَ جا متبادل ذريعا عوام کي رليف فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا پر پاڪستان ۾ توانائيءَ جي متبادل ذريعن جي استعمال کي هٿي وٺرائڻ جو سفر شروع ئي ٿيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف جي اتحادي حڪومت ۾ سولر انرجيءَ مان 10 هزار ميگا واٽ اضافي بجلي نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪرڻ جو منصوبو شروع ڪيو ويو هو، جنهن تي اڃا تائين عمل جاري آهي، پر نتيجا اچڻ ۾ وقت لڳندو. ساڳي ريت هڪ پاسو نجي بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽس (IPPs) جي ادائيگي آهي.
ٻيو اهم مسئلو بجلي چوريءَ جي صورت ۾ آهي، جنهن کي ‘لائن لاسز’ جي مونجهاري واري اصطلاح ۾ ڍڪيو ويو آهي، پر سادن لفظن ۾ اها بجلي چوري آهي، يعني بي ايمانيءَ جي سزا ايماندار بجلي صارفين کي ملي ٿي. اهي صارف جيڪي پنهنجا بجليءَ جا بل مڪمل ادا نٿا ڪن يا پنهنجا بل دير سان ادا ڪن ٿا يا پنهنجا بل قسطن ۾ ادا ڪن ٿا. انهن سببن ڪري بجلي پيدا ڪرڻ جي لاڳت پوري نه ٿي ٿئي ۽ بجليءَ جي شعبي جو خسارو وڌي وڃي ٿو، جنهن کي هاڻي “سرڪيولر ڊيٽ” جي هڪ ٻي اصطلاح سان بيان ڪيو وڃي ٿو.
دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ ماڻهو، ادارا ۽ ڪاروبار وڌ کان وڌ سج جي روشنيءَ جو استعمال ڪن ٿا. ڪاروبار ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ڪيو ويندو آهي ۽ روزاني زندگيءَ جون اڪثر سرگرميون سج جي روشنيءَ ۾ ٿينديون آهن. اسان جي ملڪ ۾، رات دير سان دڪان کليل رکڻ ۽ ڏينهن جي روشني ضايع ڪرڻ جو هڪ بدقسمتي لاڙو آهي. توانائيءَ جي بحران کي نظر ۾ رکندي اسان کي پنهنجي عادتن ۽ طرز زندگيءَ کي به تبديل ڪرڻو پوندو. بجليءَ جو وڌ ۾ وڌ استعمال شام جو پنجن کان يارهن وڳي تائين هوندو آهي. گهريلو صارفين کي گهرجي ته اهي شام جي انهن ڪلاڪن ۾ تيز طاقت وارا بجليءَ جا سامان جهڙوڪ اي سي، استري، موٽر وغيره استعمال نه ڪن ته جيئن گهريلو صارفين جو بجليءَ جو بل به نه وڌي ۽ واهپو به گهٽجي وڃي.
هڪ سٺي صلاح اها به آهي ته هڪ ئي علائقي ۾ موجود بيڪري ۽ دوائن جي دڪانن کي هفتيوار بنيادن تي کليل رکيو وڃي، يعني جيڪڏهن هڪ ئي علائقي ۾ ڏهه دڪان آهن ته هڪ دڪان رات جو کولڻ گهرجي ۽ ٻيو بند ڪيو وڃي. اهو عمل ڏينهن جي ترتيب سان ڪري سگهجي ٿو ته جيئن عوام کي تڪليف نه ٿئي ۽ بجلي به بچي سگهجي.
صبح سوير مارڪيٽون ۽ دڪان کولڻ ۽ شام جو سوير بند ڪرڻ سان بجليءَ جي وڏي بچت ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته امپورٽ فيول تي خرچ ٿيندڙ اربين ڊالرن جو پرڏيهي مٽاسٽا پڻ بچائي سگهجي ٿو. هڪ تجويز اها به سامهون اچي رهي آهي ته بجليءَ جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيز جي نجڪاري ڪئي وڃي. ان سلسلي ۾، پي ٽي سي ايل ۽ اڳوڻي ٽي آءِ پي جو مثال ڏنو ويو آهي. هن شعبي جي پرائيويٽائيزيشن کان اڳ، ٽيليفون لڳائڻ سڀ کان ڏکيو ڪم هو، پر جڏهن کان هن شعبي جي نجڪاري ڪئي وئي آهي ۽ سڄي دنيا مان ڪيتريون ئي ڪمپنيون هن شعبي ۾ شامل ٿيون آهن. تڏهن کان فون ڪنيڪشن لڳائڻ تمام آسان ڪم بڻجي ويو آهي ۽ قيمتن ۾ ڪافي گهٽتائي اچي وئي آهي. .