هن ملڪ ۾ هاڻ نيٺ اهو ئي ٿي رهيو آهي، جنهن جون اڳڪٿيون ٿي چڪيون هيون. ها، اهو سڀڪجهه جنهن ۾ نه فقط هتان جي جاگيردار، سرمائيدار اقتداري ڌرين بلڪ پاڻ کي سدا جي فاتح سمجهي ويٺل اسٽبلشمينٽ جي چئوڌار عوام جو گهيرو وڌي رهيو آهي. اهو ان ڪري جو عوام سان مُني صدي لڳاتار جيڪو ڪُوڙ ڳالهايو ويو، تنهن ڪُوڙ جا هاڻ پير نٿا لڳن. اول اچون ٿا اسٽبلشمينٽ جي ڪوڙ ڏانهن، جنهن اول ڏينهن کان عوام کي اهو پئي ٻڌايو ته ملڪ کي خطرو آهي، تنهن ڪري في الحال توهين بک ڏک کي آمين ڪري وقت گذاريو، جيستائين هن ملڪ جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. عوام ويچارو ماٺ رهيو ۽ ان ڏينهن جو انتظار ڪندو رهيو، جنهن ڏينهن کين ملڪ جي محفوظ ٿي وڃڻ جو اطلاع ملڻو هو. پر ٿيو ڇا؟ ٿيو اهو جو جن ملڪ کي محفوظ بڻائڻ جون ڳالهيون پئي ڪيون، سي پنهنجي پنهنجي واري سان اربين روپيا ميڙي ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ جيئن جو پرڏيهه پڌاريا ته نه تو ڏٺا نه مون ڏٺا!!
وري جو اسٽبلشمينٽ جا نوان ٻُوٿ سامهون آيا ته انهن به ساڳي ڪار ڪئي. اهو ڌنڌو ايئن هلندو رهيو، تان جو ملڪ ئي ٻه اڌ ٿي ويو. ملڪ جي ٻه اڌ ٿيڻ کان پوءِ وري عوام سان نوان وچن واعدا ڪيا ويا پر انهن واعدن جي پَت به ايئن ئي وائکي ٿي وئي جيئن پهرين واعدن جي ٿي هئي. اڄ جون حالتون ان سموري وارتا جو ئي ردعمل آهن. اهي حالتون ڪهڙيون آهن؟ اهي حالتون آهن هن رياست توڙي کيس ٿوڻيون ٿنڀا ڏيندڙ انهن اقتداري پارٽين مٿان عدم اعتماد واريون حالتون، جن ۾ هاڻ ماڻهو سوچڻ لڳا آهن ته ڪجهه اهڙو نئون گهرجي، جنهن ۾ جياپو ممڪن ٿي سگهي. هاڻ اچو ته ٿورو سوچيون ته اهو اهڙو نئون ڇا آهي؟
ظاهر آهي ان نئين جو تعين ڪرڻ لاءِ اسان کي عوامي انقلابن جي اتهاس ۾ جهاتي پائڻي پوندي. عوامي انقلابن جي تاريخ اهو ٻڌائي ٿي ته عوام جي سهپ جي هڪ حد رهي آهي. سو اهڙي ريت عوام ڀوڳي ڀوڳي جڏهن بيزاري جي آخري حد کان اڳتي واري اَنحد ۾ پهچندو آهي ته ڦورو ۽ جابر طبقن جا تخت ۽ تاج هوائن ۾ ڪک پن ٿي اڏامندا آهن. ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي جو هن ملڪ ۾ موجود ڦورو طبقن جا تخت ۽ تاج سدا لاءِ قائم رهن!! نه ڪڏهن به نه. تنهن ڪري هاڻ هتان جي ڦورو طبقن سان به اهو ڪجهه ئي ٿيڻو آهي، جيڪو دنيا جي تاريخ ۾ باقي خطن جي ڦورو طبقن سان ٿيندو رهيو آهي.
مثال طور هن ملڪ جي اسٽبلشمينٽ هن کان وڌيڪ ٻيو اڃان ڇا ڪندي؟ هن ملڪ ۾ هر ان سياسي سماجي ڪردار کان حياتي کسي پئي وئي آهي، جنهن ۾ عوام لاءِ ڪجهه ڪري سگهڻ جي سگهه، صلاحيت ۽ ايمانداري هئي يا آهي. اهڙن حقيقي عوامي اڳواڻن جي متبادل طور جن ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو، تن مان تازو مثال عمران خان آهي. پوءِ ڇا ٿيو؟ ڇا عمران خان هن ملڪ جا پراڻا ڦٽ اُگهي سگهيو؟ عمران ته هڻي ڍينگو ئي ڍيري ڪري ڇڏيو. هاڻ وري جيڪا نئين رٿابندي ٿي رهي آهي، تنهن ۾ نوان پراڻا اتحادي سڀ جا سڀ اچي پاڻ ۾ اٽڪيا آهن. انهي داخلي تڪرار جو سڀ کان وڏو مثال نگران وزيراعظم جي مقرري آهي. نه ته پيپلز پارٽي اهو ٿي چاهيو ۽ نه نواز ليگ پر ٿيو اهو ئي جنهن کي اسٽبلشمينٽ چاهيو. ان مقرري مان تاثر ڪهڙو مليو؟ عوام کي تاثر اهو ئي مليو ته پنهنجين بداعمالين ۽ بدعنوانين سبب هاڻ نواز ليگ توڙي پيپلز پارٽي اسٽبلشمينٽ سان ٽڪر کائي سگهن ئي نٿيون. ته پوءِ اهي ٻئي پارٽيون عوام جي ڪهڙي ڪم جون؟ انهن ٻنهي پارٽين مان ايندڙ حڪومت ڀل کڻي ڪنهن کي به ملي پر عوام جي مفادن مٿان اسٽبلشمينٽ جي مفادن کي ئي وڌيڪ ترجيح رهندي ۽ جيستائين ايئن رهندو تيستائين هن ملڪ جو عوام وڌيڪ بک، بيروزگاري ۽ اويساهي جو شڪار ٿيندو ويندو. ۽ پوءِ اهو ئي عوام هڪ ڏينهن ڪجهه نئون طئي ڪري اٿندو ۽ ان نئين جي نيزي جي نوڪ کان هتان جا ڦورو طبقا ڪنهن به ريت نه بچي سگهندا. ان ڪري هتان جي ترقي پسند ۽ عوام دوست سياسي ڌرين مٿان اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي ڪالهه جي ڀيٽ ۾ اڄ وڌيڪ محنت ڪن. عوام سان رابطن کي هر ممڪن حد تائين وڌائي ان کي تازو توانو رکيو وڃي. ايستائين جيستائين حساب ڪتاب جو ڏينهن نٿو اچي!! ۽ پاڻ کي ويساهه آهي ته اهو ڏينهن اوس اچڻو ۽ آخري فتح عوام جي ئي ٿيندي.