ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پر ڪجهه ته آهي…

Editorial-Article- Umer Qazi

ھن ڀيري بھ اھوئي ڪجھھ ٿي رھيو آھي، جيڪو ھر ڀيري ٿيندو آھي. نگران حڪومت اچڻ کان پوءِ ٻين صوبن جي اڳوڻن وزيرن ۽ مشيرن مٿان قانون جو ڪو بھ پاڇو نھ پيو آھي. جڏھن تھ سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي سابق وزيرن ۽ انھن جي ويجھن ھمراھن جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي اھي خبرون وڏي تعداد ۾ اڏامي رھيون آھن تھ حڪومت ايئرپورٽ تي ھڪ، ٻھ ٽي يا چار نھ پر سابق سرڪار جي سون صاحبن جا نالا ايل سي ايل يعني ٻاھر نڪرڻ جي اجازت نھ مليل ماڻھن ۾ شامل ڪري ڇڏيا آھن. ممڪن آھي تھ ائين نھ ھجي پر ڪجھھ تھ آھي. ڪجھھ تھ آھي، جنھن جي ڪري پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن وزيرن جا منھن لٿل آھن ۽ ٿڌن ڪمرن ۾ بھ انھن جا ڪپڙا پگھر ۾ پسيل آھن.

سنڌي ٻوليءَ جو مشھور پھاڪو آھي تھ “ڀري ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳرو” ھن مھل پيپلز پارٽيءَ جي جنھن سابق وزير جي مٿان احتساب جي شامت ڪڙڪي آھي، اھو ڪنھن سيد يا پيراڻي ۽ ميراڻي گھراڻي جو فرد ناھي. ھو اقليت سان تعلق رکندڙ اھو ھندو آھي، جنھن جو نالو سنڌ جي ڪنھن سڃاڻ شخص لاءِ ھرگز بھ اجنبي ٿي نھ ٿو سگھي. مڪيش چاولا کان جھڙي طرح احتساب جي ابتدا ڪئي وئي آھي، ان تي اقليتن بي واجبي وارو حوالو بھ پيش ٿي سگھي ٿو پر اھو حوالو يا باقي وڌيڪ سياسي معاملو پيش ڪرڻ ۽ پنھنجن ماڻھن جو تحفظ ڪرڻ وارو فرض تھ ان پارٽيءَ جو آھي، جنھن جي حڪومت ھئي. ھن وقت تائين نگران سيٽ اپ جي سلسلي ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ماٺ معنيٰ خيز آھي. ھن وقت جڏھن سوشل ميڊيا تي پارٽي قيادت مٿان ھٿ وجھڻ وارا غيرتصديق ڀريا اطلاع عام ٿي رھيا آھن تھ ان وقت پيپلز پارٽيءَ کي پنھنجي گھر جي باري ۾ وضاحت تھ ڪرڻ گھرجي. ڇو تھ پيپلز پارٽيءَ جھڙي ريت حڪومت وڃڻ بعد خاموشي اختيار ڪئي آھي، ان مان تاثر اھو ملي رھيو آھي تھ ھن وقت اسٽيبلشمينٽ جا پيپلز پارٽيءَ سان تعلقات اھڙا ناھن، جھڙن ھن جا مسلم ليگ ن ۽ مسلم ليگ ن ۾ خاص طور تي ميان شھباز شريف سان آھن. ڇو تھ خاموشي صرف پيپلز پارٽيءَ جي پاسي ناھي. پر نواز شريف بھ پنھنجي وات ۾ ڪنھن مقصد وارا مڱ وجھي ويٺو آھي ۽ مريم نواز جو ٽوئٽر بھ ماٺ ۾ آھي. ن ليگ جي اھم اڳواڻن ۽ اڳوڻن وزيرن مٿان ھن مھل تائين احتساب جي پکيءَ جو پر بھ لڳو آھي.

سنڌ جي ماڻھن سان جيڪڏھن انصاف ٿئي ھا تھ پيپلز پارٽيءَ جي گذريل 15 سالن واري راڄ ۾ سنڌ ائين نظر نھ اچي ھا، جيئن اچي رھي آھي. ڇو تھ سنڌ ۾ ترقيءَ جا تمام گھڻا وسيلا بھ موجود آھن ۽ سنڌ جو ماحول ترقيءَ جي تقاضائن سان مطابقت بھ رکي ٿو. ان ماحول ۾ جيڪڏھن پيپلز پارٽي ڪوڙي دل سان بھ چاھي ھا تھ ھوءَ سنڌ ۾ ھڪ مثالي ماحول پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ھا. سرڪار مان فائدو حاصل ڪير نھ ٿو ڪري؟ پر جيڪڏھن اڌ ڪرپشن ۽ ان ترقيءَ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ھا تھ اڄ پيپلز پارٽيءَ جو ڪنڌ فخر سان اوچو بھ ھجي ھا ۽ اڄ ھن جي منھن مٿان پريشانيءَ جا اھي آثار بھ نھ ھجن ھا، جيڪي ان پارٽيءَ جي مقدر جو حصو ھوندا آھن، جيڪا عوامي حمايت کان محروم ھوندي آھي.

پيپلز پارٽيءَ بينظير ڀٽو جي شھادت بعد ھن جي کوٽ ڀرڻ لاءِ بلاول کي ھن جو جانشين بڻائڻ ۽ ھن جي نالي سان ڀٽو جو نالو لڳائڻ سميت ھر ڪوشش ڪئي پر ان ۾ پيپلز پارٽيءَ کي ڪيتري ڪاميابي ملي سگھي؟ اھا صورتحال اسان جي آڏو آھي. ان ۾ ڪو شڪ ناھي تھ بلاول جي لاءِ تمام گھڻي محنت ڪرڻ ۽ ھن جو نالو سياسي افق مٿان روشن ڪرڻ لاءِ مذڪورهھ پارٽيءَ تمام گھڻا وسيلا استعمال ڪيا. ھن وقت بھ بلاول ھائوس ۾ بلاول جي شخصيت کي اڀارڻ ۽ ھن جو تحفظ ڪرڻ جي سلسلي ۾ ھڪ ميڊيا سيل سمورو ڏينھن سرگرم رھندو آھي پر حقيقت اھا آھي تھ بلاول جو نالو تھ عام طور تي پوري ملڪ ۽ خاص طور تي سموري سنڌ ۾ ھر ماڻھوءَ تائين پھچي ويو پر بلاول پنھنجي والدهھ جو نعم البدل ٿي نھ سگھيو.

آصف زرداري جي شھرت ھن وقت بھ ھڪ اھڙي سياستدان واري آھي، جيڪو سڀني کي ساڻ کڻڻ ۽ سڀني سان ٺاھي ھلڻ واري پاليسيءَ کي پنھنجي ڪاميابيءَ جو بنياد سمجھندو آھي. پر ان جو مطلب اھو ناھي تھ ھن جي شخصيت ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ورثي واري اھا مھڪ بھ ھجي، جنھن جي ڪري پيپلز پارٽيءَ آمرن سان وڏا مقابلا ڪيا ھئا. دعويٰ تھ ڪير بھ ڪھڙي بھ ڪري سگھي ٿو. سچائي کي لڪائڻ سولو ناھي. اھو بھ خاص طور تي ھن دور ۾ جنھن دور اندر سوشل ميڊيا جو ڪردار ايترو تھ وڌي ويو آھي جو عام ماڻھن کي ھر ان شيءَ جو علم اچي وڃي ٿو، جيڪو ڪڏھن خاص ماڻھن جي ملڪيت ھوندو ھو. ھاڻي عام ماڻھو بھ ھي سموريون سوچ ۽ سمجھھ واريون سھولتون پاڻ وٽ رکي رھيو آھي، جيڪي ڪڏھن عام ماڻھوءَ جي پھچ کان گھڻو پري ھيون. ھاڻي سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ سبب ٻولين جو مسئلو بھ وڏي حد تائين حل ٿي ويو آھي. ان جو مطلب اھو ٿيو تھ ماڻھن کي حقيقت کان پري رکڻ مشڪل ئي نھ ناممڪن بڻجي ويو آھي. ھن دور ۾ سنڌ جا ماڻھو جڏھن پيپلز پارٽيءَ جي سرڪار جو جائزو وٺن ٿا تھ انھن کي تمام گھڻو غصو اچي ٿو ۽ انھن کي لڳي ٿو تھ انھن جي پاران ڏنل مينڊيٽ کي اھا عزت اھو مان نھ ڏنو ويو، جيڪو ھن جو حق ھو. جيڪڏھن پيپلز پارٽي پنھنجي حڪومت ۾ سنڌ جي ترقيءَ ۽ عام ماڻھن جي لاءِ بنيادي سھولتن جو ھڪ سسٽم جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿئي ھا تھ اڄ پيپلز پارٽيءَ کي ايندڙ اليڪشن تھ ھن وقت جاري احتساب جون عجيب سرگرميون بھ ڪنھن طور تي پريشان نھ ڪن ھا. ھن وقت پيپلز پارٽي اھو ڪجھھ لڻي رھي آھي، جيڪو ھن پوکيو ھو.

پيپلز پارٽيءَ جي اڳوڻي وڏي وزير کان جڏھن ميڊيا اھو سوال ڪيو تھ ھن وقت اوھان جي حڪومتي وزيرن مٿان ڪرپشن جا ڪيس ٺھي رھيا آھن، ان سلسلي ۾ اوھان جو جواب ڪھڙو آھي؟ سنڌ جي سابق وڏي وزير مراد شاھه اھوئي جواب ڏنو، جنھن جي ھن کان توقع ھئي. ھن سوال پڇڻ واري صحافيءَ کي چيو تھ اھا روايت آھي. حڪومت وڃڻ بعد پيپلز پارٽيءَ جي مٿان ڪرپشن جا ڪيس تھ ٺھندا ئي آھن. اصل ڳالهه اها آهي ته ڪجهه ته آهي جنهن ڪري هي شروعات ٿي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button