ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

کنڊ جي اسمگلنگ

Editorial

هر اها حڪومت جيڪا عوام کي رليف ڏيڻ جو سوچيندي آهي ۽ ان کي عملي طور ڪري ڏيکاريندي آهي، اها عوام دوست حڪومت سمجهي ويندي آهي. ان کان سواءِ ڪنهن به حڪومت جي ترجيح جيڪڏهن عوامي مسئلا نه پر پنهنجا مفاد هجن ته ان جهڙي مفاد پرست حڪومت ڪا ٿي ئي نٿي سگهي. ويجهڙ ۾ اسان وٽ هڪ ٻئي پويان ٽي حڪومتون آيون آهن. پهرين پي ٽي آءِ جي حڪومت آئي پوءِ عمران خان کي عدم اعتماد جي رٿ وسيلي گهر ڀيڙو ڪيو ويو ته پي ڊي ايم جي حڪومت آئي ۽ هاڻ نگران حڪومت وجود ۾ اچي چڪي آهي، جنهن ۾ وزيراعظم باپ پارٽيءَ جو انوار الحق ڪاڪڙ آهي. سندس عوام ڏانهن رويي جي حالت اها آهي جو هو عوام جي هر معاملي کان لاتعلق لڳو پيو آهي. کيس ايترو به اندازو ناهي ته ماڻهو بجليءَ جي بلن کان وٺي مهانگائي سبب رڙيون ڪري رهيا آهن، روڊن تي احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ داد فرياد ڪري رهيا آهن پر حڪومتي عهديدار انهن کي ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. نتيجي ۾ اهي ماڻهو نه رڳو وڌيڪ پريشانيءَ مان گذري رهيا آهن پر انهن لاءِ ته زندگيءَ جا عام معاملا هلائڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي. پر تنهن هوندي به حڪومت جي ڪن تي جونءِ ڪانه ٿي سري.
پيٽرول، بجلي، گئس ۽ ٻيا ڪيترائي اسم مهانگا ڪرڻ کان پوءِ هاڻ کنڊ پڻ مهانگي ڪئي وئي آهي. اها ايتري مهانگي ڪئي وئي آهي جو عام ماڻهو هاڻ شايد ئي کنڊ استعمال ڪري سگهندو هجي. ڇاڪاڻ ته هر اها شيءِ جيڪا عوام استعمال ڪري ٿو، سا مهانگي ڪئي پئي وڃي. جنهنڪري عوام جي رسائي ان تائين محدود ٿيندي پئي وڃي. ڪڻڪ ملڪ ۾ ججهي مقدار ۾ پيدا ٿئي ٿي پر اٽو هتي ئي مهانگو آهي. ڪمند هتي هيڪٽرن تي ٿئي ٿو پر تڏهن به کنڊ هتي مهانگي آهي ۽ اها ساڳي کنڊ پرڏيهه اسمگل ڪئي ٿي وڃي. ڪالهوڪي هڪ رپورٽ موجب افغانستان اسمگل ٿيندڙ کنڊ جي وڏي کيپ هٿ ڪئي وئي آهي. ان کيپ ۾ 20 ٽرڪون هٿيڪيون ڪيون ويون آهن. ڪي پي ڪي، بلوچستان بارڊ تي ڪسٽم فيلڊ انفورسمينٽ يونٽ جي پوليس سان گڏجي ڪارراوئي ڪئي وئي. بلوچستان ۾ هڪ ئي ڏينهن ٻن ڪاررواين دوران کنڊ جي هزارين ٻورين سان ڀريل 20 ٽرڪون پڪڙيون يون آهن. هڪ ڪارروائي ۾ 152 ۽ ٻئي واقعي ۾ 5 ٽرڪون ضبط ڪيون ويون آهن. ان کنڊ جي ماليت 70 ڪروڙ ٻڌائي پئي وڃي. اها کنڊ بنا اجازت جي بلوچستان کان پوءِ سرحدي علائقن ڏانهن موڪلي پئي وئي، جنهن جي اصل منزل افغانستان هئي. عوام کي کنڊ ۽ اٽي جهڙيون شيون ڪونه پيون ملن ۽ اهو اهي شيون مهانگن اگهن ۾ خريد ڪري رهيو آهي، جڏهن ته انهن جي اسمگلنگ جاري آهي. ڇا حڪومت کي خبر ڪونهي ته عوام روزمره جي اسمن لاءِ ڪيترو پريشان لڳو پيو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته پاڪستان ۾ کاڌي پيتي جي ڪنهن شيءِ جي اسمگلنگ تي مڪمل پابندي لڳائڻ گهرجي ته جيئن شين جا اگهه نه وڌن ۽ نه ئي اهي بليڪ تي وڪرو ٿي سگهن. اسمگلرن خلاف هاڻ ڪارروائي ڪئي وئي آهي، اها هڪ سٺي ڳالهه آهي پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته کاڌي پيتي جي اسمن جي چرپر تي نظر رکي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button