ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بدامني ۽ اغوائن خلاف سنڌ سراپا احتجاج

Editorial

بدامني ۽ شهرين جي اغوائن خلاف سڄي سنڌ هن وقت احتجاج ڪري رهي آهي. گذريل ڪجهه مهينن کان سنڌ ۾ اغوائن جون وارداتون ايتريون ته وڌي ويون آهن جو هاڻ شهري پنهنجو پاڻ کي ڪٿي به محفوظ ڪونه ٿا سمجهن. خاص طور تي سنڌ ۾ رهندڙ هندو آباديءَ کي نشانو بڻايو پيو وڃي. ڪشمور واسين نه رڳو ڪشمور پر ڪراچيءَ جي علائقي تين تلوار تي به ڌرڻو هڻي اهو پيغام ڏنو آهي ته سنڌ بدامني ۽ بدانتظاميءَ کي رد ڪري ٿي. ڇا سنڌ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ايترا ڪمزور آهن جو اهي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڌاڙيلن کي منهن نٿا ڏئي سگهن. جڏهن ته پوليس پڻ ڌاڙيلن خلاف ڪا خاص ڪارروائي ڪونه ڪري سگهي آهي. نتيجي ۾ نه رڳو شهرين جي اغوائن جو سلسلو هلندڙ آهي پر انهن لاءِ پرامن نموني زندگي گذارڻ به ڏکيو ٿي پيو آهي. ڪالهه حيدرآباد ۾ به سول سوسائٽي، شهرين، مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي سڏ تي بدامني خلاف، ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور مان اغوا ٿي ويل پريا ڪماري، مکي جڳديش، ديپ ڪمار، ساگر ڪمار ۽ ٻين جي بازيابي لا نسيم نگر چوڪ ۽ قومي شاهراهه با پاس تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ڌرڻي دوران نسيم نگر با پاس چئن ڪلاڪن تائين بند ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي ۾ شامل ڪارڪن ۽ شهري پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪري رهيا هئا. جنهن دوران ڪراچي ۽ پنجاب ڏانهن ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون. ڌرڻي ۾ صحافين، وڪيل برادري سميت شهرين، قوم پرست پارٽيءَ جي ڪارڪنن، سنڌ لائرس فورم، آل سنڌي سجاڳ نوجوان اتحاد، آل سنڌ پيپلس آف سنڌ، يوٿ ايڪشن ڪميٽي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي اڳواڻن چيو ته حڪمرانن جي نااهلي سبب سنڌ بدامنيءَ جي ور چڙهيل آهي، هتي هاڻ ڪير محفوظ نه رهيو آهي. دڪاندارن، واپارين ۽ شهرين کي دهشتگرد، ڌاڙيل ڏينهن ڏٺي جو اغوا ڪري رهيا آهن، ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور مان اغوا ٿيل مکي جڳديش، ديپ ڪمار، ساگر ڪمار سيمت ڪيترائي ماڻهو اغوا ڪيا ويا آهن، جتي هاڻ سنڌ جو وزيراعليٰ ڪچي ۾ آپريشن ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چيو 24 ڪلاڪن اندر اغوا ڪيل ماڻهو آزاد نه ڪيا ويا ته سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. هنن چيو ايس ايس پي امجد شيخ پرامن شهرين کي احتجاج جي ڏوهه ۾ گوليون هڻڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، جنهن کي اسان رد ڪريون ٿا. عمرڪوٽ، ميرپورخاص، ٺٽو، راجا رستي، لاڙڪاڻو ۽ ٻين شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا آهن.
ڇا بدامنيءَ جي ڪنهن واقعي کي منهن ڏيڻ جو اهو ئي طريقو آهي ته عوام پنهنجي منهن نڪري اچي ۽ اهو روڊن رستن تي ڌرڻا هڻندو رهي، جنهن کانپوءِ پوليس اک پٽيندي ۽ پوءِ ڌاڙيلن خلاف ڪارروايون ڪيون وينديون. سوال اهو آهي ته عام شهرين کي روڊن تي نڪري اچڻ جي ضرورت ڇو ٿي پيش اچي، جڏهن ته ملڪ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا موجود آهن. اسين سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ هر قيمت تي امن امان قائم ٿيڻ گهرجي ته جيئن شهري سک جو ساهه کڻي سگهن ۽ حڪومت پنهنجي رٽ قائم ڪندي سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ بدامني پکيڙيندڙن کي ٻنجو ڏئي، ٻي صورت ۾ شهرين پاران ڌرڻن جو سلسلو وڌي ويندو، جنهن کي حڪومت روڪي ڪونه سگهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button