ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مهانگائي ۽ حڪمرانن جي بي حسي

Editorial-Article- Artif Ghenjo

نگران وزير اعظم انوارالحق ڪاڪڙ بجليءَ جي ڳرن بلن خلاف عوام جي ڪيل احتجاج تي پنهنجو ردعمل ڏيندي چيو آهي ته بل ايترا ڳرا ناهن عوام اجائي واويلا پيو ڪري. حڪمران پي ڊي ايم جا هجن يا پي ٽي آءِ جا، فوجي ڊڪٽيٽر هجن يا جمهوري حڪومتون انهن لاءِ سڀ کان پهرين ترجيح پنهنجا ڪيس ختم ڪرائڻ ۽ پنهنجا خزانا ڀرڻ هوندو آهي. عوام ڀلي کڏ پوي. اسان جي موجوده نگران وزيراعظم وانگر ڪجھه عرصو اڳ جڏهن اٽو تمام گهڻو مهانگو ٿيو ۽ عوام جي قوت خريد کان وڌي ويو ته احتجاج شروع ٿيا. ان وقت به اسان جي هڪ وزير موصوف فرمايو ته جي اٽو مهانگو ٿيو آهي ته ڊبل روٽي کائو. هي آهي اسان جي حڪمرانن جي سوچ، جن کي عوام جو ڪوبه اهنج ناهي، انهن کي اهنج آهي ته فقط پنهنجو. عوام بک، بيروزگاري ۽ بدحاليءَ کان پريشان آهي.
ڪجهه وقت اڳ سينيٽ ۾ جيڪو سينيٽرن جون مراعاتون وڌائڻ لاءِ بل پيش ڪيو ويو هو، سو پڙهي ۽ ٻڌي هر شعور رکندڙ ماڻهوءَ کي شرم اچي وڃي پر هي آهن جو مقروض ملڪ جيڪو ڏيوالي ٿيڻ جي بلڪل ويجهو آهي، منٿون آزيون نيازيون ڪري جنهن ملڪ لاءِ قرض پني ڪجھه مهينن جي آڪسيجن مهيا ڪئي وئي آهي، تنهن ملڪ ۾ پنهنجون مراعتون ڇڏڻ ته ٺهيو، الٽو انهن کي وڌائڻ جي چڪر ۾ آهن. سينيٽ ۾ پيش ٿيل بل موجب سينيٽ چيئرمين کي تاحيات ٻارهن ملازم ۽ ڇھه گارڊز ملي سگهندا. ان کانسواءِ تاحيات چارٽر جهاز جي سهولت استعمال ڪري سگهندا ۽ پنهنجن گهر ڀاتين يا دوستن مان چئن ڄڻن کي پاڻ سان گڏ دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ سرڪاري خرچ تي وٺي وڃي سگهندا. چيئرمين سينٽ کي گهر جي فرنيچر جي مد ۾ پنجاهه لک روپيا ملندا، جڏهن ته گهر جي مسواڙ جي مد ۾ پڻ اڍائي لک روپئي جا حقدار ٿيندا. توڙي جو هو پنهنجي گهر ۾ رهن.
موجوده وقت ۾ مهانگائيءَ جو جن بلڪل بي قابو ٿيندو پيو وڃي. هر روز وڌندڙ پيٽرول جون قيمتون سڌي ريت روزمره جي زندگيءَ تي اثر انداز ٿين پيون. اڳ سال ۾ هڪ ڀيرا بجيٽ پيش ٿيندي هئي جنهن ۾ عوام لاءِ مهانگائي يا سهولتن جو اعلان ڪيو ويندو هو. هاڻ ته روز جي بنياد تي انگن اکرن جي ڦير ڦار جو سلسلو هلائي عوام جي اهنجن ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي. پي ڊي ايم، پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ آڻي شهباز شريف کي وزير اعظم ڪيو، جنهن اچڻ سان چيو ته اسان ملڪ جي معيشت کي مضبوط ڪنداسين ۽ عوام کي رليف ڏينداسين، پر ٿيو ان جي ابتڙ. پي ڊي ايم سرڪار ڏيڍ سالا دور ۾ عوام لاءِ ڪجھه به نه ڪيو. پي ڊي ايم سرڪار وڃڻ کانپوءِ نگران حڪومت جا به ساڳيا ئي ڪارناما آهن. عوام ساڳيو سورن ۾ آهي. نگران سيٽ اپ اچڻ کان پوءِ ايندڙ اليڪشن تي پڻ ڪافي سواليا نشان آهن. ڪوبه تجزيي نگار حتمي طرح ڪو تجزيو نه پيو ڪري سگهي ته اليڪشن جو عمل ڪڏهن ٿيندو.
سنڌ حڪومت وڃڻ کان اڳ ۾ تڪڙا پروگرام ڪري دعوا ڪئي ته اسان ٻوڏ متاثرن جي وڏي سهائتا ڪئي آهي ۽ کين گهوٽڪي ضلعي ۾ پندرهن هزار جي لڳ ڀڳ گهر ٺهرائي ڏنا آهن پر زميني حقيقت اها آهي جو برسات ۽ ٻوڏ متاثرن تائين گهر ته ٺهيو گهرن جي مد ۾ هڪ روپيو به جاري ناهي ڪيو ويو، جن جا گهر چوديواري يا چوپايو مال برسات ۽ ٻوڏ سبب تباهه ٿيو سي منهن ڀيلڙا ڪري سوچين ٿا ته اسان وٽ ته سرڪار يا ڪنهن اين جي او طرفان هڪ روپئي جي به امداد ناهي پهتي، پوءِ هي ڪهڙا ٻوڏ ۽ برسات متاثر هئا جن کي سرڪار گهر ٺهرائي ڏنا آهن.حڪمرانن جا ضمير شايد مرده ٿي ويا آهن جو هنن وٽ پنهنجي لاءِ ته هر قسم جون آسائشون ۽ سهولتون ميسر آهن پر عام ماڻهو لاءِ سواءِ ٺٺول جي ٻيو ڪجھه به ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button