پاڪستان جي پوري تاريخ صرف انھن نعرن ۽ انھن مطالبن تي مشتمل آھي تھ “ڪنھن کي اقتدار مان وڃڻ گھرجي ۽ ڪنھن کي اقتدار ۾ اچڻ گھرجي؟” ان سلسلي ۾ هن مھل تائين ملڪ جي ھر پارٽيءَ جي ڪارڪنن ۽ انھن جي ليڊرن اھو مطالبو ڪيو آھي تھ انھن جي پارٽيءَ کي اقتدار ۾ اچڻ گھرجي. انھن کي اقتدار ۾ اچڻ گھرجي جو مطلب تھ انھن پارٽين جي سربراهه جي ھٿن ۾ اقتدار جون واڳون ڏنيون وڃن تھ جيئن ھو اھو ڪجھھ ڪري سگھن جيڪو ڪجھھ انھن ڪرڻ چاھيو آھي ۽ عوام کي تقريرن ۾ بھ ٻڌايو آھي. ان ڏس ۾ صرف اقتداري پارٽيون نھ پر اھي نظرياتي پارٽيون بھ شامل آھن، جن جو اھو مطالبو رھندو آيو آھي تھ انھن وٽ نھ صرف عقل ۽ علم آھي پر انھن وٽ اھا ايمانداريءَ بھ آھي، جيڪا ملڪ جي اڪثر پارٽين جي حصي ۾ نھ آئي آھي. جڏھن تھ ھن ملڪ ۾ اھو ڪجھھ ٿيو بھ آھي. ھن ملڪ ۾ جيڪي بھ ننڍيون وڏيون پارٽيون آھن، اھي ڪنھن نھ ڪنھن ريت پنھنجي قد بت مطابق اقتدار ۾ رھيون بھ آھن.
پيپلز پارٽي ڪنھن وقت پاڪستان جي سڀ کان وڏي پارٽي ھئي. ايتري وڏي پارٽيءَ جو سموري ملڪ جون منتشر مسلم ليگون ملي بھ ھن جو مقابلو ڪري نھ سگھنديون ھيون. پوءِ ڇا ٿيو؟ اھا پيپلز پارٽي جڏھن اقتدار ۾ نھ ھئي تھ ملڪ جي وڏي پارٽي ھئي ۽ جڏھن اقتدار ۾ آئي تھ ھن جو قد بت گھٽجي ويو؟ اھو ڇو ٿيو؟ اھو سوال ھڪ وڏي بحث جي جنم جو سبب بڻجي سگھي ٿو. ان ڪري في الحال ان کي ڇڏي اسان اڳتي وڌون ٿا. اھا حقيقت ڀلي پيپلز پارٽي آن دي رڪارڊ تسليم نھ ڪري پر ان حقيقت کي ھن جي قيادت توڙي ھن جا ڪارڪن بھ دل سان مڃين ٿا تھ سياسي طور جيتري انھن جي پارٽي ستر، اسي ۽ نوي جي ڏھاڪي ۾ ھئي، ايتري ڪڏھن بھ ھئي ۽ ھيئنر تھ بلڪل بھ ناھي.
مسلم ليگ (ن) ڪڏھن ايتري ننڍي پارٽي ھئي جو ھن لاءِ اھا بھ وڏي ڳالھھ ھئي تھ ھوءَ پنجاب ۾ پنھنجي صوبائي حڪومت سرجي سگھي. ڇو تھ 88ع ۾ جڏھن ملڪ مٿان جنرل ضياءَ جو پاڇو پري ٿيو ھو ۽ جڏھن جمھوريت جي سج ڪني ڪڍي ھئي، تڏھن پيپلز پارٽي قومي اسيمبليءَ جون تھ تمام گھڻيون سيٽون ڪڍيون ھيون پر ميان نواز شريف عين ٽائيم تي پنجابي ڪارڊ استعمال ڪري پوري ماحول کي پنھنجي حق ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ اسان اھو بھ ڏٺو تھ مسلم ليگ (ن) پنجاب جي صوبائي حڪومت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي. مسلم ليگ (ن) جي اھا پھرين پنھنجي پارٽيءَ جي بنياد تي داخلا ھئي. ان وقت ملڪ جي وزير اعظم بينظير ڀٽو ھئي ۽ پنجاب جو وزير اعليٰ نواز شريف ھو. پوءِ ڪنھن بھ سبب جي ڪري پيپلز پارٽيءَ جي مٿان اھڙو زوال آيو تھ اسان جي اکين آڏو مسلم ليگ پيپلز پارٽيءَ کان وڏي پارٽي بڻجي وئي ۽ ماڻھن جا تاڪ لڳي ويا تھ شھيد ڀٽو جي پارٽيءَ جو اھڙو حشر ڇو ٿيو جو ھن کان جنرل ضياءَ جي پارٽي اڳ کڻي وڃي؟ اھو جنھن بھ سبب جي ڪري ٿيو پر ٿيو ۽ اھو ڪجھھ اھڙو تھ برو ٿيو جو پيپلز پارٽي جھڙوڪ پنجاب مان بلڪل آئوٽ ٿي وئي. ھن وقت بھ پيپلز پارٽيءَ جو پنجاب ۾ نالي ماتر وجود باقي آھي. گذريل چونڊن ۾ تھ خالي خاناپري ڪرڻ لاءِ بھ پيپلز پارٽيءَ کي اھڙا اميدوار نھ ٿي مليا، جن کي ٽيڪيٽن سان گڏ پئسا بھ ڏجن تھ ھو گھٽ ۾ گھٽ پارٽيءَ جي ملڪ گير چونڊن ۾ نمائندگي تھ ممڪن بڻائي سگھن. پر پيپلز پارٽيءَ کي سينٽرل پنجاب مان تھ ڪجھھ نھ مليو پر پوءِ بھ ھن ھٿ پير ھڻي سرائڪي بيلٽ مان ڪجھھ سيٽون ڪڍي ورتيون. اھڙي ريت پنجاب مان پيپلز پارٽيءَ جي نمائندگيءَ جو ڀرم نھ ڀڳو.
اھا حقيقت آھي تھ جنھن ناز ۽ جنھن فخر سان مسلم ليگ (ن) ھئي، ان جي حمايت جا بنياد ڪمزور ڪرڻ ۽ بعد ۾ ڪيرائي ڏيکارڻ ۾ تحريڪ انصاف اھو ڪردار ادا ڪيو، جنھن جي گواھي تاريخ بھ ڏئي رھي آھي ۽ ھن مھل بھ سموري صورتحال اسان جي اکين آڏو آھي. ھن صورتحال ۾ مسلم ليگ (ن) کي اھا ھميت نھ ٿي ٿئي تھ ھوءَ تحريڪ انصاف جو مقابلو ڪري سگھي. پاڪستان تحريڪ انصاف اسان جي اکين آڏو ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي منظرعام تي آئي. ھن جي سياسي سگھھ جي حوالي سان ھن جا مخالف ڪجھھ بھ چون پر ڏينھن کي ڏينھن نھ چوڻ سان ڇا ڏينھن، ڏينھن نھ رھندو آھي؟ ڏينھن ڏينھن رھندو آھي. ساڳي ريت تحريڪ انصاف ملڪ جي وڏي پارٽي بڻجي وئي ۽ ايتري حد تائين جو جڏھن پاڪستان جي پنجن ستن منتخب ٿيڻ جي سگھھ رکڻ وارين پارٽين پاڻ ۾ اتحاد ڪري تحريڪ انصاف جو مقابلو ڪيو تھ انھن جي حڪومت ھوندي بھ انھن کي شڪست آئي. پر 9 مئي جي واقعن سبب ھن وقت تحريڪ انصاف جنھن حال ۾ آھي، ان جي باري ۾ ڪجھھ چوڻ تمام گھڻو مشڪل ٿي پيو آھي. پر اصل نقطو اھو آھي تھ ملڪ جي وڏين پارٽين اقتدار ۾ اچڻ جو حق حاصل ڪيو آھي ۽ ان سان گڏ جيڪي مذھبي پارٽيون آھن، انھن بھ پنھنجي پنھنجي وزن مطابق وارو ورتو آھي. لساني يا قومپرست پارٽين يعني ايم ڪيو ايم ۽ عوامي نيشنل پارٽيءَ کي ڪڏھن گھڻو تھ ڪڏھن ٿورو پر اقتدار مليو آھي.
پاڪستان جون جڏھن مجموعي پارٽيون ۽ مشھور فرد اقتدار ۾اچي ۽ پنھنجو وارو وڄائي واپس وريا آھن ۽ ان جي باوجود ڪجھھ نھ ٿيو آھي تھ ھاڻي ڇا قانون جو حق ناھي تھ ھڪ موقعو ھن کي بھ ڏنو وڃي؟ ڇا اھو ھن ملڪ جو حق ناھي تھ ھن ۾ ھڪ ٻيو تجربو بھ ٿيڻ گھرجي. ان تجربي مطابق پاڪستان ۾ ھڪ ڀيرو قانون ۽ انصاف جي حوالي اقتدار ڪيو وڃي. ان جو اھو مطلب ھرگز نھ ورتو وڃي تھ ان سلسلي ۾ ڪو بنگلاديشي ماڊل گھربل آھي. اھو تھ پاڪستان ۾ ڪنھن ريت نھ ٿيڻ گھرجي ۽ نھ وري ملڪ جو آئين اھا اجازت ڏئي ٿو تھ ڪو ملڪ ۾ عدالتي اقتدار جو سيٽ اپ آندو وڃي. اھو ضروري ناھي تھ عدليا جي حڪمراني انصاف جي حڪمراني بھ ھجي. پر قانون ۽ انصاف جي حڪمراني سچ ۽ حق جي حڪمراني ھوندي. اسان جي ملڪ جڏھن مھانگائي ۽ بدامنيءَ خلاف دانھون آسمان سان ٽڪرائجي رھيون آھن تھ ان ماحول ۾ ڇا اھو مطالبو جائز حيثيت نھ ٿو رکي تھ اقتدار ۾ اچڻ جو ھڪ موقعو قانون ۽ انصاف کي بھ ملڻ گھرجي.