ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ايڊيٽوريل

Editorial

ڪجهه ڏينهن کان سنڌ ۾ بدامني ۽ مغوين جي بازيابي خلاف احتجاجي مظاهرا ٿي رهيا آهن. سنڌ جي امن امان کي تباهه ڪندڙن خلاف پوليس ڪا ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي ۽ اها رڳو تماشو ڏسي رهي آهي. جنهنڪري شهري پنهنجو آئيني حق استعمال ڪندي ان ڏاڍ خلاف روڊ تي نڪري آيا آهن. نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻا هڻي انهن پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي ته جيئن پوليس جو ڌيان انهن ڏانهن ڇڪجي ۽ مغوي بازياب ٿي سگهن. پر پوليس شهرين جي مدد ڪرڻ بدران ڌاڙيلن جي ونگار وهندي، پرامن شهرين تي تشدد ڪري رهي آهي. جڏهن ته تشدد جي واٽ ڪڏهن به بهتر نتيجا نٿي ڏئي سگهي. ڪالهه به ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس پرامن شهرين تي لٺبازي ڪري کين سخت تشدد جو نشانو بڻايو آهي.
ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ ڌاڙيل راڄ خلاف ڪجھه ڏينهن کان وٺي ڀرپور عوامي طاقت سان ڪشمور ديرا موڙ تي چار ڏينهن احتجاجي ڌرڻو ۽ پنج ڏينهن سڄي ضلعي ۾ شٽربند ھڙتال کان پوءِ ديرا موڙ جو ڌرڻو ختم ڪيو ويو جنهن کانپوءِ ڪنڌڪوٽ جي سول سوسائٔٽي پاران سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر عبدالغني بجاراڻي ۽ ٻين ڪنڌڪوٽ باءِ پاس گولا موڙ تي احتجاجي ڌرڻو هڻايو، جتي مختلف سياسي سماجي اڳواڻ ۽ سوين شھرين ڪشمور مان اغوا ٿيل ساگر ڪمار، سکر جي پريا ڪماري، ڪنڌڪوٽ جي معصوم ڪوثر کوسو سندس امڙ نازيا بي بي سميت سمورن مغوين جي بازيابي ۽ ضلعي اندر ڌاڙيل راڄ ختم ڪرڻ لاءِ احتجاجي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، جنهنڪري سنڌ کان ٻين صوبن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئٔي گاڏين جون وڏيون قطاريون لڳي ويون. انھي دوران ايس ايس پي امجد شيخ ڌرڻي واري ھنڌ پھچي ڪري ڳالھيون ڪيون ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ چيو ويو. مغوين کي جلد بازياب ڪرائٔڻ جو واعدو ڪيو پر مظاھرو ڪندڙ فقط ھڪ مطالبو ڪيو ته جيستائٔين مغوي بازياب نه ٿيندا، تيستائٔين تائٔين ڌرڻو جاري رھندو. اڌ ڪلاڪ تائين ايس ايس پي ڌرڻي تي ويٺل رھيو جنهن کان پوءِ مايوس ٿي ھليو ويو. ڪجھه ڪلاڪن کان پوءِ پوليس لٺيون کڻي لڳل شاميانو پٽ ڪري ڌرڻي تي ويٺلن تي لاٺي چارج ڪئٔي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پوليس ڏوھارين ۽ ڌاڙيلن سان مليل آهي. ضلعي اندر ھٿن سان ماڻھو اغوا ڪريا پيا وڃن. ھڪ مغوي بازياب ٿئي ٿو ته ٻيو شهري اغوا ٿئي ٿو. ڪچي ۾ پوليس آپريشن ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي پرامن احتجاج ڪندڙن مٿان لٺبازي ڪري انسانيت جو تقدس پائٔمال ڪري بيگناھه شھرين کي لٺيون ھڻي زخمي ڪيو ويو. ان ڪري سڄي سنڌ ۾ شعور رکندڙ ڌريون پوليس خلاف احتجاج ڪن ۽ اسين ڌرڻو ختم نه ڪنداسين.
ڇا پوليس جو ڪم رڳو پرامن ڌرڻو هڻندڙن کي ڪوڙيون خاطريون ڪرائي تشدد ڪرڻ آهي يا ان جو ڪم شهرين کي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرائڻ آهي، جيڪڏهن پوليس پنهنجو ڪم نه ڪري رهي آهي ته ان خلاف عوام ضرور آواز اٿاريندو ۽ اهو شهرين جو حق آهي ته اهي پرامن احتجاج کي جاري رکن. پوليس جي هاڻوڪي ڪارروائي جي جيتري به نندا ڪجي سا گهٽ آهي. ان ڪري آءِ جي پوليس کي انهن پوليس وارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، جن پرامن احتجاج تي لٺيون وسائي شهرين کي زخمي ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button