ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ ڌرڻا ۽ پوليس جو تشدد

Editorial-Article-Rashid Leghari

سنڌ ۾ شهري محفوظ نه رهيا آهن. اهي محفوظ اڳ به نه هئا. گذريل ڪجهه سالن کان سنڌ ۾ ڌاڙيل فيڪٽر کي ٻِيهر اڀاريو ويو آهي. اڳ ۾ 90ع جي ڏهاڪي ۾ ڌاڙيلن جو عروج هو. ان وقت ڌاڙيلن جي بدامني خلاف ۽ شهرين جي تحفظ لا ڪامريڊ ڄام ساقي ساٿين سان گڏ ڪمون شهيد کان ڪراچي تائين پيادل مارچ ڪيو هو. جنهن ۾ ڄام ساقي$ جو مطالبو هو ته ماڻهن کي تحفظ ڏنو وڃي، هن مارچ جا قصا ڄام ساقي تفصيل سان ٻڌائيندو هو. خير هاڻ ماڻهو روڊن تي اچي ويا آهن. حقيقت به اها آهي ته ماڻهن کي تحفظ ڏئي سندن جان مال جي حفاظت ڪئي وڃي. جيڪا رياست جي مُک ذميواري به آهي. ماڻهن کي تحفظ به ملندو ته پو ماڻهو روڊن تي ئي هوندا. هاڻ ته پوليس مظاهرو ڪندڙن سان ڳالهين بدران لٺبازيءَ جو رستو اختيار ڪيو آهي. جيڪو طريقو وڌيڪ انارڪيءَ کي اڀاري سگهي ٿو. هونئن پوليس آخري حربو اهو ئي استعمال ڪندي آئي آهي.
سنڌ ۾ ڌرڻا جا تفصيل:
سنڌ ۾ بدامني ۽ ماڻهن جي اغوا جي واقعن خلاف مختلف سياسي سماجي پارٽين سان گڏ وڪيل پڻ سنڌ بار جي سڏ تي روڊن تي اچي ويا آهن. قومي عوامي تحريڪ، ايس يو پي ۽ ٻين پارٽين پڻ احتجاج ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ ڌرڻن کي ختم ڪرڻ لا پوليس مظاهرو ڪندڙن تي لٺبازي ڪري تشدد ڪرڻ شروع ڪيو آهي. بدامني خلاف ماڻهو روڊن تي نڪرڻ شروع ٿي ويا آهن. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ماڻهن روڊن بند ڪري ڌرڻا هڻڻ شروع ڪيا آهن، ڪنڌڪوٽ سميت مختلف شهرن ۾ ڌرڻا جاري آهن. گذريل رات دير تائين ٻٻرلو با پاس تي ڌرڻُو لڳل هو. هنن ڌرڻن کان اڳ ۾ ڪشمور ھندو پنچائت ۽ ايس ايس پي امجد شيخ ۾ ٿيل ڳالهين کانپو ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيل ساگر ڪمار کي 24 ڪلاڪن اندر بازياب ڪرائڻ جي خاطري کانپو ڌرڻُو ختم ڪيو ويو. جنهن کان بند ٿيل ٽريفڪ جي بحالي ڪئي وئي. ڌرڻن جي حمايت ۾ هندو پنچائت سميت مختلف قوم پرست ۽ سماجي پارٽين جي سڌ تي سنڌ جي 56 شهرن ۾ مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. هن ڌرڻي دوران انڊس ها وي مڪمل بند رهيو. جنهن کانپو وري پريا ڪماري، ساگر ڪمار ۽ ٻين مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ڌرڻا شروع ٿي ويا آهن.
ڪنڌڪوٽ ۾ لڳل ڌرڻي تي پوليس چڙهائي ڪئي آهي، لٺبازي ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر عبدالغني بجاراڻي ۽ سندس پٽن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع هئا، جڏهن ته ماڻهن پڻ پنهنجي تحفظ لا جوابي لٺبازي ڪئي ته پوليس ۾ ڀاڄ پئجي وئي. جنهن کي اخبارن ۽ ٽي وي چينل به رپورٽ ڪيو پئي. سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي انڊس ها وي سميت مختلف شهرن جي روڊن تي ڌرڻا هنيا ويا آهن. اسان ڏٺو آهي ته سنڌ ۾ هڪ هلچل ۽ تحرڪ ضرور پيدا ٿيو آهي. عوام جو مطالبو ماڻهن جي بازيابي ئي آهي. بازيابيءَ سان گڏ سياسي پارٽين جو مطالبو سنڌ مان بدامنيءَ کي ختم ڪرڻ به آهي. ساڳئي وقت ڪچي ۾ آپريشن جو مطالبو به شامل رهيو آهي، اهو آپريشن پوليس فورس ڪندي يا ڪا ٻي فورس ڪندي، اهو طئي نه ٿي سگهيو آهي.
ڌرڻن دوران ئي سنڌ ۾ پوليس عملدارن جون وڏي پئماني تي بدليون به ٿيون آهن. سنڌ پوليس جي 8 ڊي آ جيز ۽ 31 ايس ايس پي کي بدلي ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي منظوريءَ کانپو ئي بدليون ڪيون ويون آهن. پوليس سان گڏ سنڌ جي ڪامورن جون به وڏي پئماني تي بدليون ٿيون آهن. هنن بدلين کانپو ڪشمور ۾ ڌرڻو ختم ڪرائيندڙ ايس ايس پي امجد شيخ حيدرآباد بدلي ٿي آيو آهي. ٻين شهرن سان گڏ حيدرآباد ۾ به مختلف سياسي پارٽين مغوين جي بازيابيءَ لا احتجاج ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. حيدرآباد ۾ 2 ڏينهن اڳ با پاس تي شهرين ۽ سول سوسائٽيءَ جي اڳواڻن نسيم نگر با پاس وٽ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو هو. جيڪو ٻن کان ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهيو. ان کان اڳ ۾ ڌرڻو نسيم نگر چوڪ تي هنيو ويو. جتان اهو ختم ڪري با پاس تي هنيو ويو. هي ڌرڻو ڪشمور ڌرڻي حمايت ۾ هنيو ويو. جيڪو ڊي ايس پي قاسم آباد شبير سرڪيءَ جي خاطريءَ تي ختم ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button