ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بجليءَ تي ٽيڪس، عوام تي بار

Editorial

گذريل ڪجهه هفتن کان عوام بجليءَ جا واڌو بل اچڻ سبب سخت پريشانيءَ جو شڪار آهي. ان ڏس ۾ هو نه رڳو روڊن تي نڪري احتجاج ڪري رهيو آهي پر حڪومتي نمائندن آڏو داد فرياد به ڪري رهيو آهي ته ان مسئلي جو ڪو مستقل حل ڳوليو وڃي، ڇاڪاڻ ته عوام لاءِ اهي بل بنهه گهڻا آهن ۽ اهو اهي بل نٿو ڀري سگهي. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو پگهار 15000 هزار آهي ته ان جو بل 25000 آيو آهي. اهڙي صورت ۾ هو ڪهڙي ريت بل ڀري سگهي ٿو. بجليءَ جي بلن جي حوالي سان جڏهن عوام حڪومت کان ڪنهن رليف جو مطالبو ڪري ٿو ته ان کي ٻڌو ئي نٿو وڃي، نتيجي ۾ عوام لاءِ ساڳي ماني ساڳ سان آهي. آءِ ايم ايف سان ڪيل ڳرين شرطن جي عيوض عوام مهانگي بجلي ٻاري رهيو آهي. عوام کي بجليءَ جي بچت ڪرڻ لاءِ چيو ٿو وڃي ته حڪومت پاڻ بجلي بچائڻ لاءِ تيار ڪونهي. اها توانائيءَ جا متبادل ذريعا استعمال ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي، جنهن سان عوام جي مهانگي بجليءَ مان جان ڇٽي سگهي. جڏهن به عالمي ادارن سان ڪي معاهدا ڪيا ويندا آهن ته ان دوران عوام کي ڪنهن ليکي ۾ ڪونه آندو ويندو آهي. نتيجي ۾ عوام جي مٿان ڳرا ٽيڪس مڙهي ان جو جيئڻ حرام ڪيو ويندو آهي ۽ جڏهن عوام مطالبو ڪري ٿو ته بجلي سستي ڪئي وڃي ته ان کي چيو وڃي ٿو بل ته هر صورت ۾ ڀرڻو پوندو.

ڪالهه جيڪا رپورٽ ڇپي آهي، ان موجب ايندڙ مهيني کان وري بجليءَ جي مد ۾ ٽيڪس مڙهيو ويندو. ان حوالي سان حڪومت پنهنجون تياريون پوريون ڪري ورتيون آهن. ٽيڪس جا هدف پورا ڪرڻ لاءِ حڪومت طرفان سيپٽمبر کان ڊسمبر تائين بلن ۾ ٽيڪس لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. آڪٽوبر، نومبر ۽ ڊسمبر جي بلن ۾ 6 رپيا 61 پئسن جي ٽه ماهي ايڊجسمينٽ به شامل هوندي. سيپٽمبر ۾ بجليءَ جي في يونٽ قيمت 42 رپيا 66 پئسا ٿيڻ جو امڪان آهي، آڪٽوبر ۾ اها وڌائي ويندي. ان کانسواءِ آڪٽوبر کان ڊسمبر تائين في يونٽ قيمت 49 رپيا 55 پئسا هوندي. واهپيدارن تي اربين رپين جو بار پوندو. حڪومت بجلي سستي ڪرڻ واري خيال کي رد ڪري ڇڏيو آهي پر هاڻ عوام تي وڌيڪ بار وجهڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن. ملڪ ۾ ڪٿي ڪٿي بجلي چوري ٿي رهي آهي، ان کان حڪومت چڱي ريت واقف آهي پر بجلي چوري واري معاملي جو پوراءُ ڪرڻ لاءِ عوام جي مٿان ٽيڪس مڙهيو پيو وڃي ته جيئن ان جو بچيل سچيل رت به چوسيو وڃي.
اسين سمجهون ٿا ته عوام بجليءَ جي مد ۾ پنهنجي مٿان وڌيڪ معاشي بار برداشت نٿو ڪري سگهي. تنهنڪري ان بار کي گهٽائڻ جي ضرورت آهي. ان بار کي عوام مٿان نه پر انهن سرمائيدارن ۽ مافيائن جي مٿان وجهڻ جي ضرورت آهي، جيڪي غريب عوام تي ڪو رحم نٿيون ڪن. موجوده نگران ڪابينا مان عوام کي ان ڪري ڪا اميد ڪونهي جو ان جا وزير مشير عوام کي پنهنجا قيمتي مشورا ڏيندا رهندا آهن. تنهنڪري حڪومت کي گهرجي ته عوام کي مهانگي بجلي فراهم ڪرڻ بدران توانائيءَ جا ٻيا ذريعا استعمال ڪري ته جيئن ڪجهه رليف ملي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button