ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڙي ناهه پروڙ

Editorial-Article- Ajaz Mangi

پوليس پاران ڪنڌڪوٽ ۾ احتجاجي شھرين مٿان تشدد شرمناڪ تاريخ جو ھڪ نئون باب لکيو آھي. انتظاميا اھڙي عمل سان ڇا ثابت ڪيو آھي؟ سواءِ ان جي تھ اھا انصاف بدران عوام کي سرعام سزا ڏيندي.
ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس جيڪو تشدد ڪيو، ان جا سوشل ميديا تي جيڪي تفصيل ۽ خاص طور جيڪي تصويرون ترندي نظر آيون، ان مان تھ اھو محسوس ٿي رھيو ھو ڄڻ پوليس سنڌ جي عوام کي اھو سبق سيکارڻ جي ڪوشش ڪندي ھجي تھ جيڪڏھن انھن انصاف گھريو، جيڪڏھن انھن ڌاڙيلن جي چنبي ۾ ڦاٿل شھرين جي آزاديءَ جو مطالبو ڪيو ۽ ان لاءِ جمھوري احتجاج ڪرڻ جي جرئت ڪئي تھ انھن کي سخت سزا ڏني ويندي؟ انھن مٿان نھ فقط سول ڪپڙن ۾ اھلڪار ڪڙڪايا ويندا پر انھن اھلڪارن جي ھٿن ۾ نھ فقط ڏنڊا پر خنجر بھ ڏنا ويندا ۽ ڪجھھ پلن کان پوءِ رت ۾ لت پت شھري نظر ايندا.
ڪنڌڪوٽ پوليس جي ان قانون شڪن ڪارنامي جي ردعمل ۾ ٿيو؟ ڇا ماڻھو پنھنجي حق تان دستبردار ٿي ويا؟ ڇا احتجاجي ماڻھو گھر موٽي ويا؟ ان تشدد کان پوءِ ڪنڌڪوٽ جا زخمي ڪونڌر نھ فقط پٽيون ٻڌرائي واپس احتجاج ڪرڻ لڳا پر انھن احتجاجين جي حمايت ۾ سنڌ جي ٻين شھرن جا باضمير فرد ٻاھر نڪري آيا ۽ انھن ڀرپور احتجاج ۾ حصو ورتو.
ڪاش! ھن ڪم عقل انتظامي سرشتي کي تاريخ جو اھو سبق سمجھھ ۾ اچي سگھي تھ تشدد سان ڪڏھن بھ عوام کي دٻائي ۽ دھشت زده بڻائي نھ ٿو سگھجي. تشدد تھ احتجاجن جي واچوڙن کي طوفانن ۾ تبديل ڪري ڏيندو آھي. اسان جي آڏو پوري دنيا جي تاريخ آھي. اسان ھر ھنڌ ۽ ھر دور ۾ اھوئي ڏٺو آھي تھ جڏھن بھ ماڻھن جي مٿان حق گھرڻ جي موٽ ۾ تشدد ڪيو ويندو آھي تھ ماڻھو پنھنجي حق تان ھٿ کڻڻ بدران پنھنجا ھٿ انھن ڏاڍن جي گريبانن ۾ وجھندا آھن، جيڪي انھن جي ٽيڪس مان مليل پئسي مان خريد ڪيل ورديون بھ پائيندا آھن ۽ ھٿيار بھ لھرائيندا آھن ۽ پاڻ بھ کائيندا آھن ۽ پنھنجن ٻارن ٻچن کي بھ کارائيندا آھن.
ڪنڌڪوٽ جا شھري بلڪل بھ پرامن ھئا. انھن ڪنھن بھ گاڏيءَ کي باھھ نھ ڏني. انھن ڪو بھ دڪان نھ ساڙيو. انھن پوليس جي مٿان ڪنھن بھ قسم جو پٿراءُ نھ ڪيو. انھن فقط اھو مطالبو ٿي ڪيو تھ جيڪي شھري اغوا ڪيا ويا آھن، انھن جي بازيابيءَ لاءِ قانون پنھنجو ڪردار ادا ڪري تھ قانون لاڳو ڪرڻ وارا انھن جي مٿان ڪڙڪي پيا. انھن کي اھو ڇو لڳو تھ عوام کي احتجاج ڪرڻ جو ڪو حق ناھي؟ خاص طور اھي پوليس جا ڪميشن پاس آفيسر جن جي تعليم ۽ تربيت ڪئي ويندي آھي. جن کي يورپ ۽ آمريڪا اماڻيو ويندو آھي تھ اتان قانون جو بھتر ۽ عين انساني نفاذ سکي اچن. انھن جي تعليم ۽ تربيت اھا آھي تھ ھو جڏھن سنڌ جي پوئتي رکيل سماج وارن شھرن ۾ پوسٽ ڪيا وڃن تھ انھن جو انداز وڏيرن ۽ سردارن جھڙو ھجي؟ پوليس آفيسر پاڻ کي ورديءَ وارا وڏيرا سمجھي جيڪو ڪجھھ بھ ڪري رھيا آھن، انھن کي ھاڻي اھو ڦٻي نھ ٿو سگھي. ڇو تھ ھاڻي وقت تبديل ٿي ويو آھي. ھاڻي ماڻھن کي ملندڙ سمجھھ انھن کي اھو اعتماد ڏنو آھي، جنھن اعتماد سان ھو انھن پوليس وارن سان بحث ڪري سگھن ٿا، جيڪي ڪنھن جي ڳالھھ ٻڌڻ بھ پنھنجي عھدي جي توھين سمجھندا آھن. انھن کي ماڻھن جي جائز ۽ قانوني ڳالھھ نھ فقط ٻڌڻي پوندي پر مڃڻي بھ پوندي. اڳ ۾ ماڻھن جو آواز دٻائڻ لاءِ تشدد جا اوزار استعمال ڪيا ويندا ھئا تھ اھو بھ سمجھيو ويندو آھي تھ ڪنھن کي ان جي پروڙ نھ پوندي. پر اڄ ھر ماڻھو ميڊيا آھي ۽ اھا بھ شھري، علائقائي ۽ ملڪي نھ پر عالمي ميڊيا، ان عالمي ميڊيا کي سوشل ميڊيا جو نالو ڏنو ويو آھي. جڏھن ھو ان ميڊيا جي معرفت پوري دنيا جي آڏو پاڻ سان ٿيندڙ بي واجبيءَ جو ڪيس رکي ٿو تھ ھن کي پوري دنيا جو ڌيان ملي ٿو.
اھا ھڪ قانوني ۽ اخلاقي بڇڙائي آھي تھ ايتري گھڻي بجيٽ ۽ ايتريون گھڻيون سھولتون ملڻ کان پوءِ بھ سنڌ جي پوليس مٺ جيترن ڌاڙيلن کي قابو نھ ڪري سگھن. جڏھن تھ پوليس جڏھن پنھنجي تي اچي ٿي تھ اھا ڪنھن وڏي سياسي پارٽيءَ جا ماڻھو ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پڪڙي اچي ٿي. پر انھن کان سنڌو درياهه جي ڪناري تي لڪل ٻھ ٽي درجن ڌاڙيل قابو نھ ٿا ٿين. انھن کي ڪھڙو حق آھي تھ ھو پاڻ سان ايترو گھڻو پروٽوڪول کڻي ھلن ۽ اھڙين گاڏين ۾ گھمن، جن جون قيمتون ڪروڙن ۾ ھجن. ڇا اھي سمورا حربا عوام کي ھيسائڻ لاءِ ناھن؟ بلڪل آھن پر سنڌ پوليس جي نون آفيسرن کي اھا سچائي سمجھھ ۾ اچڻ گھرجي تھ سنڌ جي عوام کي سياسي طور وڏي سازش سان بي اثر بڻايو ويو آھي نھ تھ ھي اھي ماڻھو آھن، جن جنرل ضياءَ جي آمريت جا بنياد لوڏي ڇڏيا ھئا. سنڌ جا ماڻھو پنھنجي ارڏائي ۽ پنھنجي بھادريءَ ۽ پنھنجي ثابت قدميءَ جي سلسلي ۾ پوري دنيا ۾ سڃاتا ويندا ھئا. انھن جي خون ۾ اھو جمھوري جنون اڄ بھ موجود آھي. ان ڪري انھن سان غيرقانوني طور کوئنس ڪري، انھن مٿان لٺيون ھلرائي انھن کان جائز مطالبا ڪرڻ جو حق ۽ ھمت کسي نھ ٿا سگھو.
سنڌ جي نگران سرڪار پنھنجي اکين سان ھي تماشو ڏسي رھي آھي. اھا ٻڌائي تھ جيڪو ڪجھھ بھ ٿي رھيو آھي ڇا اھو قانوني ۽ اخلاقي آھي؟ سنڌ جو نگران وزير اعليٰ تھ اڳوڻو جسٽس آھي. ھو انصاف ڪري تھ پوليس کي اھو حق ڪنھن ڏنو آھي تھ جيڪو سلوڪ ڌاڙيلن سان ٿيڻ گھرجي، اھو حق پرامن ۽ انصاف گھرندڙ شھرين سان ڪيو پيو وڃي! سنڌ کي ھن ملڪ جو بنيادي حصو آھي. ھن ملڪ جي بنياد ۾ سنڌ جو ڪردار آھي. پاڪستان جو سڀ کان اھم ۽ سالار صوبو سنڌ آھي. پاڪستان کي سنڌ جو گھر ھجڻ گھرجي پر افسوس جي ڳالھھ اھا آھي تھ پاڪستان کي سنڌ لاءِ اھو پاڙو بڻايو ويو آھي، جنھن کي اھا پروڙ ئي نھ ٿي پوي تھ سنڌ جي ماڻھن سان ڪھڙو سلوڪ ٿي رھيو آھي؟ ڇا اھو انصاف آھي؟ ڇا اھا قانوني ۽ اخلاقي ريت آھي؟ ھن ملڪ جي ادارن کي اھو جڳائي تھ انھن وٽ ٻين معاملن لاءِ تھ وقت بھ آھي ۽ انھن جو انھن مٿان ڌيان بھ آھي پر انھن وٽ سنڌ جا سور گھٽائڻ بدران وڌائڻ وارن لاءِ قانوني ۽ آئيني پڇا ڳاڇا جو وقت بھ نھ ھجي. محفوظ سماج کانسواءِ ڪنھن بھ ملڪ جي ترقيءَ جو تصور بھ نھ ٿو ڪري سگھي. اسان ھڪ پرامن سماج جا شھري آھيون؟ حڪمران اھو سوال پنھنجي ذھن ۽ ضمير کان جيڪو جواب ملي، ان تي اعتبار ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button