ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ جا مغوي: پوليس کي سڀ خبر آهي

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ڪيتري خطرناڪ آهي، ان جو اندازو اغوائن، ڦرن، ڌاڙن ۽ چورين جي واقعن مان لڳائي سگهجي ٿو. سنڌ ۾ لاڳيتو اغوائن جون وارداتون ٿي رهيون آهن. اغُوا جي وارداتن جو شڪار سنڌ جا هندو ٿي رهيا آهن. ڪنهن به وڏي واقعي کانپوءِ ماڻهو پوليس وٽ پنهنجو فرياد کڻي ويندو آهي. پر جيڪڏهن پوليس ان جو فرياد نه ٻڌي يا ان کي نظرانداز ڪري ڇڏي ته ماڻهن وٽ ٻي واٽ پرامن احتجاج آهي. ڇاڪاڻ ته پنهنجن گهر ڀاتين جي اغوا ڪارن سان بندوق کڻي وڙهي نٿو سگهجي. تنهنڪري سنڌ ۾ جيڪي به ڌاڙيلن جا ستايل ماڻهو آهن، انهن اهو ئي فيصلو ڪيو ته اغُوائن جي وارداتن خلاف ۽ مغوين جي آزاديءَ لاءِ پرامن احتجاج ڪيو وڃي. ان ڪري سڄي سنڌ ۾ احتجاجن، ڌرڻن ۽ مظاهرن وسيلي سنڌي قوم ڌرتي ٽامو ڪري ڇڏي. پر پوليس جي ڪن تي تڏهن به جونءِ ڪانه سري. ڇاڪاڻ ته پوليس پنهنجي ادارتي ڪردار کان وڌيڪ اهو ئي ڪردار ادا ڪندي رهي آهي، جيڪو ڪو بدمعاش يا ڦورو ڪندا آهي. پوليس رياست جو هڪ اهڙُو کاتو آهي، جنهن جو ڪم عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ آهي ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروايون ڪرڻ پڻ آهي. پر سنڌ پوليس توڙي هن ملڪ جي سموري پوليس ڪنهن به هيڻي تي ڏنڊو کڻندي دير نه ڪندي آهي.

سوال اهو آهي ته سنڌ جي ماڻهن پنهنجي منهن اها مڙسي ڇو ڪئي ۽ پوليس توڙي ٻين ادارن کي ايترو مجبور ڪري ڇڏيو جو کين انهن وٽ وڃي ڳالهيون ڪرڻيون پيون ۽ پوءِ اهو مطالبو ڪيو ويو ته ڌرڻو ختم ڪيو وڃي. جڏهن عوام جي سياسي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ ڪا سياسي ڌر يا سياسي اڳواڻ نه هجن ته پوءِ عوام پنهنجي منهن اٿي پوندو آهي، اهو ڪوشش ڪري پرامن رهي پنهنجا مطالبا مڃرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. سنڌ ۾ گذريل ڪيترن مهينن کان اغوائن جي بازار گرم لڳي پئي آهي، آخر ماڻهو ڪيترو برداشت ڪندا آهن، نيٺ ته عوام انهن ماڻهن خلاف ميدان ۾ اچڻا هئا، جيڪي سنڌ جو امن امان تباهه ڪري ماڻهن جون زندگيون زهر ڪري ويٺا آهن. ڪنهن زماني ۾ سياسي پارٽيون ماڻهن کي منظم ڪري، انهن جي مطالبن کي حڪومت ۽ اختيارين تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون هيون. پر جڏهن کان سڄي ملڪ کي غير سياسي ڪرڻ جو رواج ٿيو آهي ته سنڌ جون سياسي پارٽيون به پاسيريون ٿي ويون آهن ۽ اهي رڳو پنهنجو پاڻ کي بچائڻ ۾ پوريون آهن. ان ڪري گذريل ڪجهه ڏينهن کان جيڪي ڪجهه اسين ڏسي رهيا آهيون، اهو سڀڪجهه عوام پنهنجي ٻل تي ڪيو آهي.
ان هوندي به پوليس پنهنجو تشدد ڀريو رويو نه وساريو. ڪنڌڪوٽ ڪشمور واري پاسي جڏهن ماڻهن پرامن احتجاج ڪيو ته پوليس نه رڳو ماڻهن تي لٺيون وسايون پر هٿيارن سان ميدان ۾ لهي پئي ۽ ڪيترن ئي احتجاج ڪندڙن کي زخمي ڪيو ويو. جڏهن ته احتجاج ڪندڙن جو مطالبو اهو ئي هو ته جيڪي ماڻهو اغوا ٿيا آهن، انهن کي بازياب ڪرايو وڃي. جيڪڏهن پوليس به ڪچي ۾ وڃڻ لاءِ تيار ڪونهي ۽ اها انتظار ۾ آهي ته اتي رينجرس يا فوج وڃي ڪارروائي ڪن ته پوءِ پوليس جو پنهنجو ڪردار ڪهڙو آهي؟ اها جيڪي مراعتون ۽ پگهار کڻي ٿي، سا ڇو کڻي رهي آهي. جيڪڏهن پوليس سنڌ جي امن امان کي بحال نٿي ڪرائي سگهي، مغوين کي بازياب نٿي ڪرائي سگهي ۽ احتجاج ڪندڙن جي مطالبن کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته پوءِ پوليس پاڻ انهن ڏوهاري سرگرمين جي ذميوار آهي، جيڪي گذريل وقت کان سنڌ ۾ لاڳيتون ٿي رهيون آهن.
پوليس کي ان ڳالهه جو اندازو هجي يا نه هجي پر سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بنهه گهڻي خراب آهي. پوليس لاءِ چيو ويندو آهي ته ان کي سڀ خبر آهي. جيڪڏهن ان کي سڀ خبر آهي، ان وٽ وسيلا آهن، جديد هٿيار آهن ته پوءِ اها ڌاڙيلن کان ايترو ڪيٻائي ڇو رهي آهي، اها سنڌ جو امن امان بحال ڪرائڻ ۽ اغوائن جو سلسلو بند ڪرائڻ لاءِ ڪردار ڇو ڪونه پئي ادا ڪري.
جيڪڏهن پوليس عوام لاءِ ڪا ڀلائي نٿي ڪري سگهي ۽ ان جو داد فرياد نٿي ٻڌي سگهي ته پوءِ عوام کي احتجاج ڪرڻ کان به نٿي روڪي سگهي. اهو ڪنهن نه ڪنهن ريت پنهنجو احتجاج ضرور رڪارڊ ڪرائيندو. تنهنڪري پوليس کي پنهنجو قبلو درست ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪا عوام جي خدمت ڪرڻ بدران انهن ماڻهن جي ونگار وهندي رهندي آهي، جيڪي سنڌ جي امن امان کي تباهه ڪري رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button