ملڪ ۾ جمهوريت جو مستقبل ڪهڙو ٿيندو، چونڊون ٿينديون يا نه؟ جيڪڏهن ٿينديون ته ان جي نتيجن کي ڪير قبول ڪندو؟ هيل تائين کنيل قدم ڪهڙو نياپو ڏين ٿا؟ ڇا جيڪي ڪجهه نگرانن جي نڪ هيٺيان ٿي رهيو آهي، ان جو انهن کي مينڊيٽ حاصل آهي يا نه؟ عدليا سميت، سمورا ادارا پارلياماني نظام جي مستقبل کان بي فڪر ڇو آهن؟ جيڪڏهن هي نظام ائين ئي هلڻو آهي ۽ اتي معيشت جو آمراڻو ماڊل ئي رائج ڪرڻو آهي ته پوءِ بحران تي ڪير ڪنٽرول ڪندو؟ ڇا ملڪ ڊيفالٽ واري آربٽ کان نڪري چڪو آهي؟ يا خطرو جيئن جو تيئن برقرار آهي؟ خطرناڪ معاشي صورتحال، مهانگائي، عوام جي عذاب ۾ ورتل زندگيءَ جي پٺيان جيڪي هٿ آهن، جيڪي ملڪ جي تباهيءَ جا اصل محرڪ آهن، ڇا هي سڀ مسيح بڻجي آيا آهن؟ انهن جي ارادن اڳيان ڪير بند ٻڌندو؟ ڇا سياسي پارٽيون به پنهنجو ڪردار ادا نه ڪنديون؟ پاڻمرادو عوامي احتجاجن جي تيز لهر اچي وئي ته پوءِ سويلين ۽ نان سويلين، سياسي ڌرين جو ڇا ٿيندو؟ هيل تائين جنهن نوعيت جا احتجاج ۽ هڙتالون، ڌرڻا، رستا ۽ ڪاروبار بند ٿيڻ جا مظهر سامهون آيا، ڇا اهي هڪ ساهيءَ کانپوءِ ٻيهر شروع ٿي ويندا؟ ڇا ڪا اهڙي قوت آهي، جيڪا عوام جي خوشحاليءَ جو گس ٻڌائي؟ جيڪڏهن هي سڀ ڪجهه پنهنجي ليکي ٿيندو رهيو ته پارليامينٽ ۽ سويلين ادارن کي ته عوام وساري ويهندو. پوءِ عوام ۽ عوام دشمن قوتن ۾ سڌي ويڙهه شروع ٿي ويندي، هي گهرو ويڙهه هوندي، ڇا حڪمرانن سوچيو آهي ته انهن جي سپر هائبرڊ نظام جو ڇا ٿيندو؟
هي موجوده صورتحال تي سواليا نشان ڏيڻ جي موسم آهي. اهي جن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙيو، اهي ئي چون ٿا ته ايران مان پيٽروليم جي هڪ ليٽر جي به اسمگلنگ کي برداشت نه ڪيو ويندو. اها ڪنهن کي خبر ناهي ته افغان سرحد کان بلوچستان کان ٿيندو هيءَ پيٽرول ڪير ناڪا پار ڪرائي رهيو آهي؟ اها ڪنهن کي خبر ناهي ته ڪيئن ڊالر پاڪستان جي سرحد پار ڪري افغانستان پهچي وڃن ٿا ۽ اسان وٽ رپئي جي ٽڪي جيتري حيثيت نه بچي آهي. ڊالر اڏامي ته سرحد پار نٿا ڪن، نه ئي انهن کي ڪنهن پرمٽ يا ويزا جي ضرورت آهي.
هن ملڪ کي نه ئي ڪڏهن نان سويلين قوتن هلايو، نڪي وري ڪاروباري برادري ڪنهن حاتم طائيءَ جي قبر کي لت هنئي آهي. پوءِ به اهي پٽڪو ٻڌي ڇو اچي ويهن ٿا. هنن ڪاروباري حضرات کان پڇيو وڃي، توهان ساليانو ڪيترن ارب رپين جا ٽيڪس چوري ڪريو ٿا؟ توهان اسٽاڪ مارڪيٽن جا ناخدا بڻجي، ان جي ڪاروبار جي جوڙ ٽوڙ ڪريو ٿا، ڇا توهان کي لغام ڏيڻ وارو ڪوبه ناهي؟ هيڏي مهانگائي آهي، عوام جو ڪچونبر نڪري ويو آهي، پر ڪراچي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ رجسٽرڊ 90 ڪمپنين کي نفعو ٿيو آهي. باقي واپاري ۽ ڪاروباري ڌريون گد گد ڪري رهيون آهن. هيءَ سڀ عوام جي لڱن مان تيل ڪڍن ٿا، بس عوام سوچي وٺي ته انهن کي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ پناهه جي جاءِ نه ملندي.
هينئر، هر گهٽي، هر گام، شهر ۽ ڳوٺ ۾ هوڪو ڏنو پيو وڃي ته جلد بجلي ۽ گيس جا بل پياريو، رهتون ادا ڪريو. ٻي صورت ۾ جيل جي هوا کائڻ لاءِ تيار ٿي وڃو. هنن کان ڪو پڇندو ته 24 ڪلاڪن ۾ فقط ٽي ڪلاڪ بجلي توهان ڏيو ٿا. آءِ ايم ايف جي غلامي سبب ڪيترائي سو سيڪڙو گيس جا بل وڌايا ويا آهن. پيٽروليم جون قيمتون آسمان سان ڳالهائين ٿيون. دوائن کان وٺي، اٽي، دالين ۽ ڀاڄين جي اگهن ۾ سو سيڪڙي کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. توڙي جو هيءَ سموريون نه ئي سهي اڪثر شيون، ملڪ اندر پيدا ٿين ٿيون. انهن جي پيداوار به وڌيڪ آهي، اسان جو پٽاٽو ۽ ٽماٽو افغانستان کان وچ ايشيائي رياستن تائين پهچي ٿو، پر ملڪ جي ماڻهن کي ٻه نمبري ۽ مهانگيون شيون ملن ٿيون.
هر ڀيري طاقتور قوت پٽڪو ٻڌي، پاڻ کي مسيح ظاهر ڪري ٿي. هو واپارين ۽ پئسي وارن جي ميزبانيءَ ۾ عوام جي ڀلائيءَ جون ڳالهيون ڪن ٿا. هن ڀيري به چون ٿا ته ملڪ جو ڏيوالو سياستدانن ڪڍيو آهي. اسان به چئون ٿا ته سياستدان، ان ڏوهه ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن. اهي به ڏوهاري آهن،جيڪي دمڙي جي چڪر ۾ عوام جي چمڙي لاهين ٿا، پر جيڪي الزام مڙهين ٿا، انهن کان پڇيو ته توهان جي عياشين تي جيڪو خرچ ٿئي ٿو، ان جي آڊٽ ته ڪرايو؟ پنهنجو حساب ڪتاب لاڳاپيل پارلياماني ڪميٽي اڳيان ته رکو. آڊيٽر جنرل کي چئو ته اچي آڊٽ ڪري. توهان جا صوابديدي فنڊز ڪٿي ۽ ڪنهن جي خلاف استعمال ٿين ٿا؟ توهان جا محل ۽ ماڙيون ڪنهن جي رت مان ٺهيون آهن. توهان رات پيٽ ۾ ڪروڙ پتي کان ارب پتي ڪيئن ٿي وڃو ٿا؟ هڪ هڪ سوين سوين ارب رپيا کڻي، پاپا جونز جهڙيون ڪمپنيون ٺاهيو ٿا، ڇا هي سڀ رت پگهر جي ڪمائي آهي؟ هي گر عام ماڻهو کي به سيکاريو، جيڪو هر ايندڙ ڏينهن ٻن ويلن جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهي. اهي جيڪي سفيد پوش سڏبا هئا، انهن جا حال به گهڻا خراب آهن، رڳو ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي نٿا سگهن، ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگي نٿا سگهن.
اهي جيڪي، هوند وارا آهن، انهن جا ڀڀ ڀريل هجڻ باوجود، انهن جي خرزينن کي ڇو ٿو ڀريو وڃي؟ ڇا هنن ڪڏهن ملڪ لاءِ ڪا قرباني ڏني آهي؟انهن جي موڙي ئي ڌن ۽ ايمان آهي. هو دانهون ڪن ٿا ته ملڪ جون حالتون خراب آهن، ماڻهن مان خريداريءَ جي سگهه ختم ٿي رهي آهي. انهن جي نفعي ۾ لڳاتار گهٽتائي ٿي رهي آهي، ان ڪري هو موڙي اتي ئي سيڙائيندا، جتان کين نفعو ٿيندو. هي ته ڳِجهن جو راڄ آهي، جيڪي مئل جانور جو ماس پٽي وينديون آهن. هيل تائين رڳو دهمان ۽ ڌمڪيون ئي ميڊيا جي اسڪرين جي زينت بڻجي رهيون آهن. هي ڪو مسئلي جو حل ته ناهي. ها عام ماڻهو سمجهي ٿو ته توهان اسان جي دردن جو دارون ناهيو. ان ڪري توهان ٻيو ڪجهه نه ڪريو، پنهنجو ڪم ڪريو، عام چونڊن لاءِ ماحول تيار ڪريو. توهان پولنگ بوٿ کان ڪوهين ڏور رهو، عوام کي جنهن کي ووٽ ڪرڻو هوندو ڪري ڇڏيندو. توهان جو ٽريڪ ريڪارڊ ته ڪو جمهوريت پسند وارو رهيو ڪونهي، توهان هر ڀيري ”ڊاڪٽرائين“ جي ڳالهه ڪريو ٿا. توهان جي Intellectual سطح ڪيتري آهي؟ توهان ايڏا اڪابر هجو ها ته ملڪ ترقي ڪري ها ۽ ملڪ ۾ غربت جي رفتار 50 سيڪڙي جي لڳ ڀڳ نه هجي ها. هاڻ توهان گهڻوئي راڳ ڳاتو آهي، مهرباني ڪري ملڪ جي جان ڇڏيو. جيڪڏهن توهان جان نه ڇڏيندو ته ردعمل ۾ عام ماڻهو ڪجهه به ڪري وٺندو. عوام ئي ريڊ لائين آهي، توهان جي ڊاڪٽرائين جو ڪوبه مستقبل ناهي، ڀلي سازشين جا ڄار اڻيون، پر انهن جي نتيجن لاءِ به تيار رهجو. هي انتهائي غيرمعمولي صورتحال آهي. ملڪي معيشت کي خيرات جي ڊالرن سان بچائي نه سگهبو، ان ڪري چونڊون ڪرايو.