ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ پريميئر ليگ:تازي هوا جو جهوٽو

Editorial

سنڌ جي نوجوان رانديگرن لاءِ اها خبر ڪنهن خوشيءَ کان گهٽ ناهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سنڌ پريميئر ليگ کي اين او سي جاري ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ پريميئر ليگ جي صدر عارف ملڪ ۽ سنڌ جي اڳوڻي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه پي سي بي هيڊڪوارٽرز ۾ چيئرمين پي سي بي ذڪا اشرف سان ملاقات ڪئي. ان ملاقات ۾ پي سي بي سنڌ پريميئر ليگ لاءِ اين او سي جاري ڪئي.
وڏي عرصي کان وٺي سنڌ ۾ ان سوچ کي اڳتي وڌايو پئي ويو ته سنڌ جي پنهنجي الڳ ڪرڪيٽ ليگ هجي جنهن ۾ سنڌ جي نوجوان رانديگرن کي پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ جو موقعو ملي. ڏٺو اهو ويو آهي ته پاڪستان اسپورٽس بورڊ ۾ سنڌ جي رانديگرن کي نظرانداز ڪيو پئي ويو آهي. سنڌ پريميئر ليگ رڳو ڪرڪيٽ تائين محدود آهي پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته فوٽ بال جي پڻ سنڌ سطح جي پريميئر ليگ هجي ڇو ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ فوٽبال جو وڏو ٽئلينٽ موجود آهي. پر اهو ٽئلينٽ مناسب موقعا، تربيت، راندين جا ميدان۽ ڪوچنگ اسٽاف نه هجڻ سبب ضايع ٿي رهيو آهي ۽ نوجوان رانديگر پنهنجا خواب ساڀيان ٿيندي نه ڏسي مايوسي جي ڪن ۾ غرق ٿي وڃن ٿا ۽ ڪيترائي ته نشي جي جهان ۾ فراريت اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا.
هاڻي جڏهن ڪرڪيٽ بورڊ سنڌ پريميئر ليگ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ ڪرڪيٽ جون بهترين اڪيڊميون قائم ڪيون وڃن، ڪرڪيٽ جا ميدان ٺاهيا وڃن ۽ بهترين پچون تيار ڪيون وڃن. نوجوان رانديگرن کي پنهنجو ٽئلينٽ اجاگر ڪرڻ لاءِ بهترين ڪوچز جون خدمتون مهيا ڪيون وڃن. هڪ اهم ڳالهه اها به آهي ته سنڌ پريميئر ليگ طرفان ضلعي سطح تي نوجوان رانديگرن کي ڪانٽريڪٽ ڏنا وڃن، جتي انهن کي سٺو معاوضو پڻ ڏنو وڃي. معاوضو نه ملڻ جي ڪري رانديگر راندين تي مڪمل ڌيان ڏيڻ بدران پنهنجو گهڻو وقت روزگار جي ڳولا پويان لڳائي ڇڏيندا آهن ۽ انهن وٽ راند جي لاءِ بيحد گهٽ وقت بچي ٿو، جنهن ڪري اهي پريڪٽس نه ڪري سگهندا آهن ۽ اهي اٿندي ئي مرجهائجي ويندا آهن، بلڪل انهن گلن جيان جن جي سنڀال لاءِ ڪو مالهي نه هجي.
اهو ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ ۾ نوجوانن جي آبادي مجموعي آبادي جي اڌ کان به وڌيڪ آهي. اهي اڳي ئي بيروزگار آهن. انهن کي تعليم جا بهتر موقعا نٿا ملن. انهن جي لاءِ راندين جا ميدان ناهن. پارڪ ناهن. لائبريريون ناهن. وندر ورونهن لاءِ ڪجهه ناهي. اهڙي ماحول ۾ سنڌ پريميئر ليگ کي اين او سي جاري ٿيڻ هڪ وڏي خبر آهي. اسين اميد ڪريون ٿا ته جيئن ڪا راندين جي ليگ ٿيندي آهي، سنڌ پريميئر ليگ به ايئن ئي هوندي ۽ هن ۾ رڳو معيار ۽ ٽئلينٽ کي ئي اهم سمجهيو ويندو، سفارش ۽ ڪڪ بيڪس جون سڀ گهٽيون بند ٿيڻ گهرجن ۽ رڳو اهل رانديگرن کي ئي سنڌ پريميئر ليگ جو حصو بڻايو ويندو. اها به اميد ڪري سگهجي ٿي ته سنڌ پريميئر ليگ جي ڪري ٻهراڙي ۽ پوئتي پيل علائقن جي نوجوان رانديگرن کي پنهنجون صلاحيتون ڏيکارن جو موقعو ملندو ۽ اهي هن ليگ ۾ ڪاميابيون ماڻي پاڪستان سپر ليگ ۽ اڃا به اڳتي وڌي پاڪستان جي قومي ٽيمن جو حصو ٿيندا. دير سان ئي سهي، پر بهترين فيصلو ٿيو آهي، جنهن جي کليل ٻانهن سان آجيان ڪجي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button