ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٿر ۾ ناڪاره ٿيل آر او پلانٽ

Editorial

ٿر ۾ پاڻيءَ جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ گذريل ڪيترن سالن کان آر او پلانٽ لڳائڻ واري رٿا شروع ڪئي وئي هئي ته جيئن ٿر واسين کي مٺو ۽ صاف پاڻي پيئڻ لاءِ ملي سگهي. ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت ٿر جي مختلف علائقن ۾ آر و پلانٽ لڳائي اتي مقامي ماڻهن کي ملازم به رکيو ته جيئن اهي انهن جي سار سنڀال ڪندا رهن ۽ ماڻهن کي بنا ڪنهن رنڊڪ جي پاڻي ملندو رهي. پر انهن آر او پلانٽن جي حالت ڪجهه سالن کان بهتر ڪونهي. ڇاڪاڻ ته سون جي انگ ۾ لڳل آر او پلانٽ خراب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته حڪومت کي اها به ڄاڻ آهي ته ٿر ۾ پاڻيءَ جو وسيلو کوهه ۽ ترايون آهن، جن وسيلي ماڻهو پاڻي استعمال ۾ آڻيندا آهن پر جڏهن انهن کي آر او پلانٽ جي سهولت ملي ته انهن لاءِ اها ڪنهن غنيمت کان گهٽ ڪونه هئي. هاڻ جڏهن انهن جي سار سنڀال بهتر نموني ڪونه ٿي رهي آهي ۽ ماڻهو اتان پاڻي ڀري ڪونه پيا سگهن ته ان جو مطلب اهو آهي ته سنڌ حڪومت لاءِ هاڻ آر او پلانٽ ڪا اهميت ڪونه ٿا رکن ۽ انهن لاءِ ٿر جي ماڻهن کي پاڻي پهچائڻ ترجيح ڪونه رهي آهي.
ٿر جي 637 آر او پلانٽن مان گذريل چئن سالن ۾ 630 آر او پلانٽ ناڪاره ٿي چڪا آهن. ٿرپارڪر ضلعي ۾ 750 آر پلانٽن مان هن وقت پاڪ اوسيس ڪمپني رڳو 637 لڳائي سگهي آهي. جڏهن ته اوسلو ڪمپني اهي پلانٽ هلائڻ جو ٺيڪو کنيو هو. هن وقت سڄي ضلعي ۾ رڳو 7 آر او پلانٽ ماڻهن کي پاڻي فراهم ڪري رهيا آهن. آر او پلانٽ خراب هئڻ ڪري ٿر جون عورتون پري پري تائين پاڻي ڀرڻ وينديون آهن. ان صورتحال کي جيڪڏهن ڏسجي ته اهو اندازو ٿئي ٿو ته ٿر واسين لاءِ اڄ به پاڻيءَ تائين رسائي بنهه گهڻي ڏکي آهي ۽ اهي پاڻي ڀرڻ جي رائج طريقن وسيلي ئي پاڻي پنهنجن گهرن تائين پهچائي رهيا آهن، جڏهن ته آر او پلانٽ جو پهريون ڪم ئي اهو هو ته ماڻهن کي پاڻيءَ جي فراهمي در تائين ٿئي يا ان کي ايترو سولو بڻايو وڃي جو ان کي پاڻي ڀرڻ ۾ ڪا تڪليف نه ٿئي. آر او پلانٽ لڳائڻ تي سنڌ حڪومت ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا آهن، هاڻ جيڪڏهن انهن جي سار سنڀال نه ٿي رهي آهي ته جيڪا لاڳت انهن پلانٽن تي ٿي هئي سا ته ڄڻ پاڻيءَ ۾ هلي وئي آهي.
اسين سمجهون ٿا ته آر او پلانٽ جو فعال هجڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته اها ٿر واسين لاءِ هڪ بهترين سهولت آهي ۽ ان کان سواءِ ماڻهن جو هڪ وڏو انگ انهن آر او پلانٽن جي ڪري روزگار سان پڻ لڳل آهي. تنهنڪري جيڪي ماڻهو آر او پلانٽن کي ناڪاره ڪرڻ ۾ ملوث آهن يا جيڪي اهو ٿا چاهين ته ٿر واسين لاءِ اها سهولت ختم ڪئي وڃي ته انهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ۽ جتي جتي به آر او پلانٽ ناڪاره ٿي ويا آهن يا ڪم ڪرڻ لائق نه رهيا آهن ته انهن کي ترت فعال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته جيئن ٿر واسين کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ملي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button